نواز شريف، مريم ۽ صفدر جي سزائن جو معطل ڪرڻ واري ڪيس جو فيصلو اڄ ايندو
اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، سندس ڌيءَ مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر جي سزائن جي معطلي واري درخواست جي ڪيس تي اڄ فيصلو ٻڌايو ويندو. هن ڪيس جي گذريل ٻڌڻي ۾ نيب پراسيڪيوٽر پاران جسٽس اطهر من الله تي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو پاسو وٺڻ جو اعتراض واريو هو. جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران چيو ويو آهي ته تحريري دليلن بعد اڄ فيصلو ٻڌائي سگهجي ٿو. نيب جي پراسيڪيوٽر جسٽس اطهر من الله کي چيو ته توهان اهڙا رمارڪس ڏيو ٿا جنهن تي ميڊيا ۾ ڳالهيون ٿين ٿيون. جنهن جي جواب ۾ جسٽس اطهر من الله چيو ته ڇا توهان منهنجي غير جانبداري تي سوال اٿاري رهيا آهيو، مان ته موجوده حڪومت خلاف به فيصلو ٻڌايو آهي. اسان توهان کان پڇيو هو ته توهان کي اسان تي اعتماد آهي ته پوءِ اسان ڪيس جي ڪارروائي شروع ڪريون. ۽ توهان جي اعتماد ظاهر ڪرڻ تي ئي اسان ڪارروائي شروع ڪئي هئي.

