محرم الحرام: ملڪ جي مختلف شهرن ۾ موبائل فون سروس بند

ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اڄ کان موبائل فون سروس بند ٿي وئي. جيڪا رات جو 10 وڳي تائين بند رهندي. موبائل فون سروس 9 ۽ 10 محرم تي به بند رهندي. جن شهرن ۾ موبائل فون سروس بند ڪئي وئي آهي انهن ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻو شامل آهن. ٻئي طرف ڪراچي ۾ جلوسن سبب ايم اي جناح روڊ بند ڪيو ويو آهي. جلوس لاءِ 5500 اهلڪار موجود رهندا، جلوسن لاءِ تمام مارڪيٽ جا شٽر ۽ گيٽ سيل رهندا. جڏهن ته جلوسن جي رستن تي سڀني گهٽين کي ٽينڪر ۽ ٽرڪون بيهاري بند ڪيو ويو آهي. جلوس ۾ بغير پاس وارين گاڏين کي وڃڻ جي اجازت ڪونه هوندي.

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments