بلاگ

ارشد شريف جو موت ۽ عمران خان

جيڪڏهن ڪنهن انسان جو پراسرا طريقي سان موت ٿئي ٿو ته ان ۾ گهڻا ئي شڪ پيدا ٿيندا آهن ۽ ماڻهو مختلف قسم جا رايا قائم ڪندا آهن، بلڪل ايئن جيئن اسان پراسرا قتل تي ٺهيل ناول، فلم يا ڊاڪيومينٽري ۾ ڏسندا آهيون ۽ پوءِ اسان جي ذهن ۾ مختلف قسم جا وهم ۽ شڪ پيدا ٿيندا آهن، جنهن سان اسان هر ماڻهو تي شڪ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا آهيون. ارشد شريف جي موت سان پاڪستان ۾ بلڪل اهڙي ئي صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي. ارشد شريف ضرور ڪنهن وڏي مسئلي ۾ الجهيل هو يا ان کي ڪنهن طرفان دٻاءُ هو. ڇو ته جيڪا معلومات سامهون آئي آهي ان جي بنياد تي اهو چئي سگهجي ٿو ته ارشد شريف جي پريشاني جو سبب رڳو اهو نه هو ته هو عمران خان جو حامي ۽ ساٿي هو ۽ پاڪستان جي اداران ۽ انهن ادارن سان وابسته اهم ماڻهن تي تنقيد ڪندو هو، بلڪه يقينن ڪو ٻيو اهم معاملو به هوندو. ڇو ته پاڪستان ۾ گهڻا ئي اهڙا صحافي موجود آهن جيڪي ان کان به وڌيڪ سخت قسم جو موقف رکندا آهن ۽ پنهنجن پروگرامن ۾ ادارن تي سخت ڳالھيون پڻ ڪندا آهن. اها حقيقت به واضح آهي ته پاڪستان جي تاريخ اهڙن صحافين کان ڀري پئي آهي، جن تي سياسي ماحول تبديل ٿيڻ سان سختيون به ڪيون ويون آهن ۽ انهن تي ڪيس به ڪيا ويا آهن، پر انهن مان اڪثريت اهڙن صحافين جي آهي جن انهن ڪيسن کي منهن ڏنو. جڏهن ته ارشد شريف جو معاملو ڪجھ منفرد لڳي ٿو. ڇو ته ڪوبه اهڙو صحافي جيڪو انهيءَ سطح تي هجي هو محض گرفتاري ۽ ڪيسن جي ڪري ايئن ملڪ نٿو ڇڏي سگهي. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ هر وڏو صحافي ڪيسن ۽ گرفتاري لاءِ ذهني طور تيار رهندو آهي، تنهن کانسواءِ گهڻا ئي اهڙا صحافي پاڪستان ۾ موجود آهن جيڪي ادارن تي ۽ انهن جي سربراهن تي شديد تنقيد ڪندا آهن ۽ سخت سوال به ڪندا آهن، پر اهي هتي موجود آهن ۽ پنهنجي صحافت به ڪري رهيا آهن. بهرحال! جيڪا معلومات سامهون آئي آهي ان جي مطابق ته ارشد گرفتاري ۽ جان جي خطري کان بچندي دبئي روانو ٿي ويو ۽ اتي ڪجھ وقت رهڻ بعد جڏهن ان جو دبئي وارو ويزا ايڪسپائر ٿيو ته هو ڪينيا هليو ويو، جتي هو پورو مهينو رهيو. ان وچ ۾ جڏهن هو دبئي ۾ هو ته هن ڪنهن ٻئي ملڪ وڃڻ لاءِ به ويزا لاءِ اپلاءِ ڪيو، پر سامهون آيل معلومات مطابق ان کي ويزا نه ملي سگهيو ۽ پوءِ هو ڪينيا هليو آيو، جتي ان سان گڏ ان جو دوست به هو ۽ هڪ ٻيو شخص جيڪو يا ته ارشد جو ويجهو مائٽ هو ۽ ان جو ٻيو ڪو دوست به هو. معلومات مطابق جنهن ڏينهن ارشد جو موت ٿيو ان ڏينهن ارشد پنهنجي دوست سان گڏ گاڏي تي وڃي رهيو هو ته ڪنهن جاءِ تي پوليس جي ناڪابندي هئي ۽ پوليس هر ايندڙ ڪار جي تلاشي وٺي رهي هئي، ان ناڪابندي ۽ تلاشي جو سبب اغوا ٿيل ٻار ۽ گاڏي جي بازيابي هئي جيڪا گاڏي ٻار سميت چوري ٿي هئي. پوليس مطابق جڏهن انهن ڪار کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪار نه بيٺي ۽ نتيجي ۾ پوليس فائرنگ ڪئي.

جنهن ڏينهن ارشد جو موت ٿيو ان ڏينهن ٻه واقعا ٿيا جنهن مان هڪ واقعو ٻار جي اغوا جي صورت ۾ ٿيو تفصيل موجب هڪ ماڻهو پنهنجي گاڏي ۾ ويٺل ٻار کي ڇڏي ڪنهن سپر مارڪيٽ اندر ويو ۽ جڏهن موٽي آيو ته نه ڪار هئي ۽ نه ٻار مطلب ته ڪار کي ٻار سميت چوري ڪيو ويو. ڪار جي مالڪ ۽ ٻار جي پيءُ پوليس ۾ رپورٽ ڪرائي ته سندس ٻار ڪار سميت اغوا ٿي ويو آهي. ٻيو واقعو ايئن ٿيو ته پوليس نيروبي کان پري ڪنهن جڳهه تي اغوا ٿيل ان ٻار جي تلاش لاءِ ناڪابندي ڪندي هر ويندڙ ڪار جي چيڪنگ پئي ڪئي ته هڪڙي گاڏي پوليس جي روڪڻ باوجود ناڪابندي واري هنڌ تي نه بيٺي ته پوليس فائرنگ ڪئي ۽ نتيجي ۾ ارشد شريف کي گولي لڳي ۽ هو شهيد ٿي ويو.

ارشد شريف پاڪستان جو هڪ بهادر صحافي هو ان جي موت سان پاڪستان کي ۽ پاڪستان جي صحافت کي وڏو نقصان رسيو آهي. ارشد جو موت يقينن هڪ پر اسرار طريقي سان ٿيو آهي ۽ جهڙي صورتحال ۾ ان جي آخري وقت ۾ جيڪو ڪجھ ٿيو آهي ان ۾ يقينن انيڪ سوال پيدا ٿين ٿا. ڪينيا جي پوليس جو موقف ۽ ان واقعي تي رد عمل سمجھ کان ٻاهر آهي. ظاهر آهي ته ڪار کي روڪڻ لاءِ سڌي فائرنگ ناهي ڪبي، بلڪه گاڏي جي ٽائرن کي نشانو بڻايو ويندو آهي، ان لاءِ ڪينيا جي پوليس جو موقف سمجھ ۾ نٿو اچي. تنهن کانسواءِ وري پاڪستان ۾ عمران خان ۽ ان جو سوشل ميڊيا سيل ملڪ ۾ مختلف قسم جا سازشي ۽ ڪوڙا نظريه ٺاهي رهيو آهي جنهن جي ڪري پاڪستان ۾ ارشد شريف جي موت تي سياست ڪئي پئي وڃي جيڪو افسوسناڪ عمل آهي.

ارشد شريف جي زندگيءَ جي آخري سالن جي صحافتي پيشي کي ڏسجي ته هو عمران خان جي سياست کان گهڻو متاثر ٿي ويو هو، ايتري تائين جو ان جي صحافت محض عمران خان جي سياست تائين محدود ٿي وئي هئي. هو پنهنجي هر پروگرام، ڪالم يا پنهنجي تجزئي ۾ عمران خان جي هر ڳالھ پوءِ اها صحيح هجي يا غلط ان جي حمايت ڪندي نظر ايندو هو. هن پنهنجي صحافت کي تحريڪ انصاف جي دائري ۾ ايتري قدر آڻي ڇڏيو هو جو شڪ ٿيندو هو ته شايد هو عمران خان جو ترجمان صحافي آهي. هر انسان کي پنهنجي راءِ رکڻ ۽ ڏيڻ جو مڪمل حق آهي، بلڪه ان جو بنيادي حق آهي ته هو پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري، پر ڪنهن صحافي جو تقليدي صحافت ڪرڻ ۽ ڪنهن ڌر ڏانهن جانبدار ٿيڻ صحافت جي بنيادي اصولن جي خلاف آهي. بهرحال! ارشد جو موت هڪ المناڪ واقعو آهي ۽ پاڪستان جو تمام وڏو واقعو آهي. عالمي سطح تي پاڪستاني صحافت ۽ صحافين تي حملن جي ڪري پاڪستان تي گهڻا تحفظات ۽ اعتراض ڪيا ويندا آهن ۽ پاڪستان کي دنيا جي انهن ملڪن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي جتي راءِ جي آزادي ناهي ۽ صحافت تي مختلف قسم جون پابنديون لڳل آهن ۽ جتي هڪ صحافي کي آزادي ۽ سچائي سان صحافت ڪرڻ تي گهڻين ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو صحافي جرئت ڏيکاري ٿو ته ان جو حشر خراب ٿيندو آهي، ان لاءِ ارشد شريف جو ڪينيا ۾ ٿيل موت به پاڪستان تي گهڻا سوال ڇڏي ويو آهي.

ارشد شريف جي موت جي حوالي سان جذباتي ٿي ڪجھ حقيقتن يا امڪاني واقعن کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو ۽ جنهن مان ڪينيا جي پوليس جي لاپرواھ ڪردار ۽ ٻيو ڪي پي ڪي حڪومت جو ارشد کي دبئي موڪلڻ ۽ عمران خان جي هاڻوڪي سياست ۽ بيانيو جنهن ۾ ان کي مشتعل ماڻهن جي سخت ضرورت آهي. بهرحال! ياد رکڻ کپي ته ڪينيا جي پوليس جو رڪارڊ اهڙي لاپرواھ ڪارروائي سان ڀريل آهي ۽ اتان جي ماڻهن کي پوليس جي غير انساني سلوڪ تي گهڻيون شڪايتون آهن. ڪينيا جي عوام پوليس خلاف حڪومت آڏو گهڻا دفعا احتجاج به ڪري چڪي آهي ۽ انساني بنيادي حقن جي تنظيمن به ان حوالي سان آواز اٿاريو آهي ته ڪينيا جي پوليس جو رويو تمام سخت ۽ غير انساني آهي ۽ اهڙا مقابلا معمول بڻيل آهن.

ڪي پي ڪي حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جا ڪجھ ماڻهو مسلسل ارشد شريف کي اهو چئي رهيا هئا ته ان کي پاڪستان ۾ جان جو خطرو آهي، بلڪه وزير اعليٰ ڪي پي ڪي خاص خط لکي اهو ظاهر ڪيو ته ارشد طالبان جي ڪنهن گروپ جي نشاني تي آهي. دلچسپ ڳالھ اها آهي ته وزير اعليٰ وفاقي ادارن کي ڪنهن به قسم جي آگاهي نه ڏني ۽ نه ئي ڪارروائي ڪرڻ جي درخواست ڪئي۽ نه وري انهن ڌمڪين جو تفصيل ڏنو، تحريڪ انصاف ۽ ان جا حامي ميڊيا چئنل پڻ مسلسل اهو بيانيو ٺاهڻ ۾ مصروف هئا ته ارشد شريف کي پاڪستان ۾ خطرو آهي، ارشد شريف جي خطري جي نشاندهي کان وٺي پشاور هوائي اڏي کان دبئي لاءِ روانگي تائين ڪي پي ڪي حڪومت ۽ تحريڪ انصاف اڳيان اڳيان هئي. ٻيو اهو ته ارشد شريف جي موت کانپوءِ عمران خان سوشل ميڊيا سيل ذريعي پروپيگنڊا شروع ڪرائي ڏني ته ارشد پاڪستان ۾ ڪيسن ۽ گرفتاري کان بچڻ لاءِ دبئي ويو ۽ پوءِ پاڪستان جي طاقتور حلقن جي زور ڀرڻ تي دبئي جي حڪومت ان کي دبئي کان نڪري وڃڻ لاءِ چيو، پر حقيقت ايئن آهي ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت ارشد شريف کي پاڪستان کان ٻاهر وڃڻ کان روڪڻ گهري ها ته هوائي اڏي تي ئي روڪي ها، پر ايئن نه ڪيو ويو ۽ بعد ۾ ارشد شريف جو دبئي کان نڪرڻ جو سبب به اهو نه هو ته ڪو پاڪستاني حڪام دبئي تي زور ڏين پيا، بلڪه ارشد شريف جي ويزا جو مدو ختم ٿي ويو، ان لاءِ هو دبئي کان ڪينيا ويو. ان کان علاوه فيصل واوڊا جو بيان به اهم آهي ته ارشد جي قتل ۾ پي ٽي آءِ جا ڪجھ ماڻهو ملوث ٿي سگهن ٿا. ياد رهي ته فيصل واوڊا بيان ۾ چيو آهي ته خرم ۽ وقار سندس دوست رهي چڪا آهن. تازو ڪنهن صحافي دعويٰ ڪئي هئي ته خرم ۽ وقار ڪراچي ۾ هڪ سياسي پارٽي جي دهشتگرد ونگ جو حصو هئا ۽ پوءِ جڏهن حالتون تبديل ٿيون ته پوءِ اهي ڪينيا هليا ويا، ڪينيا ۾ ارشد شريف انهن سان ئي گڏ هو. جڏهن ارشد شريف جو لاش پاڪستان آندو ويو ته ان تي تشدد ٿيل هو. هاڻي اهو خرم يا وقار ئي ٻڌائي سگهن ٿا ته آخري وقت ۾ ارشد سان ڇا ٿيو. ڇو ته اهي ئي ان سان گڏ هئا، خرم ۽ وقار جا سفري رڪارڊ به اچي ويا آهن ۽ شايد انهن کان سوال جواب به ڪيا ويا آهن، پر اڃان تائين اهو ڪيس ڪينيا ۾ هلي ٿو. جڏهن ته پاڪستان ۾ اڃان اهو ڪيس شروع نه ٿي سگهيو آهي. ممڪن آهي ته سوال جواب ۾ ڪا اهڙي شيءِ سامهون اچي وڃي جيڪا ان ڪيس کي پاڪستان ۾ شروع ڪرڻ تي مجبور ڪري. وزير اعظم پاڪستان به سپريم ڪورٽ کي خط لکيو آهي ته ان ڪيس تي ڪميشن ٺاهي وڃي. بهرحال! جيڪا معلومات هيستائين تائين سامهون آئي آهي ان ۾ وقار، خرم ۽ اي آر واءِ جو چيئرمين سلمان اقبال اهي ماڻهو ان دائري ۾ اچن ٿا جن کان پڇا ڳاڇا ڪري سگهجي ٿي. ڇو ته ڪينيا ۾ جنهن فارم هائوس ۾ ارشد شريف رهيو هو اها سلمان اقبال جي ملڪيت آهي ۽ بعد ۾ ارشد شريف جي موت جي خبر سڀ کان پهرين سلمان اقبال کي ملي. بهرحال! جڏهن مڪمل تفتيش ٿيندي ته سڀ سامهون اچي ويندو. ياد رکڻ گهرجي ته عمران خان شروع ڏينهن کان اهڙي موقعي جي تلاش ۾ هو جنهن سان هو عوام کي فوج خلاف ڀڙڪائي سگهي. ڇو ته جيئن ئي ارشد جي موت جي خبر سامهون آئي ته عمران خان هڪدم چئي ڏنو ۽ اشارو ڏنو ته هن جو قتل ٿيو آهي ۽ قتل پويان پاڪستان جي طاقتور ڌرين جو هٿ آهي.

عمران خان سياسي لحاظ کان هن وقت اڪيلائي جو شڪار آهي ۽ ذهني طور تي پنهنجي اقتدار کان پري ٿيڻ کي تسليم نٿو ڪري ان لاءِ هو اپريل کان وٺي اهڙو ماحول ٺاهڻ چاهي ٿو جنهن ۾ عوام اندر فوج خلاف جذبات ڀڙڪائي سگهي ۽ اهي فوج خلاف روڊن تي نڪري اچن. عوام ۽ فوج وچ ۾ تصادم ٿئي ان لاءِ هو مسلسل ان ڪوشش ۾ آهي ۽ هو پنهنجي سوشل ميڊيا سيل سميت هر ان ميدان کي استعمال ڪري پيو جنهن سان فوج جي ساک کي نقصان ٿي سگهي. اهڙيءَ طرح آمريڪي سازش جو راڳ به ان لاءِ شروع ڪيو ويو ته جيئن فوج تي دٻاءُ اچي. جڏهن ته ملڪ جي اعليٰ سيڪيورٽي ادارن پاران سازش ٿيڻ جي ترديد ڪئي وئي، پر عمران خان پنهنجو پروپيگنڊا جاري رکيو. بهرحال! هاڻي جڏهن ان وٽ ٻيو ڪجھ نه بچيو ۽ عوام سامهون 3 سالن جي ڪارگردگي به سامهون آهي ته پوءِ هن وري مختلف سازشن جو راڳ شروع ڪري ڏنو ۽ هاڻي جڏهن ارشد شريف جو موت ٿيو ته عمران خان وري سازشي نظريو کڻي آيو. ان جي خيال ۾ ايئن ڪرڻ سان عوام ارشد شريف جي موت جو قصوروار فوج کي سمجهندي، فوج سان نفرت جو اظهار ڪندي ۽ لانگ مارچ ۾ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪندي ۽ پوءِ هو فوج تي پريشر آڻي ٻيهر اقتدار حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو ۽ نومبر جي مهيني ۾ آرمي چيف جي مقرري ۾ پنهنجي مرضي مطابق فيصلا ڪرائي سگهندو. ان کان علاوه پارٽي فنڊ ڪيس ۽ نااهلي ختم ڪرائي وٺندو. بهرحال! عمران خان پنهنجي سازشي منصوبي ۾ ناڪام ويو ۽ 27 آڪٽوبر تي ٿيل آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس ۾ سڀ واضح ٿي ويو آهي ته پاڪستان ۾ ارشد شريف جي موت تي سازشي نظرين ۽ سياست ڪندڙ پارٽي جي حقيقت ڇا هئي ٻيو ته انتظار ڪرڻ کپي ۽ مڪمل حقيقتون سامهون اچڻ جو انتظار ڪرڻ کپي ۽ ممڪن آهي ته ڪجھ حقيقتون ڇرڪائيندڙ هجن. بهرحال! ارشد شريف جو صحافتي موقف ڇا به هو، پر هو هڪ بهادر صحافي هو ان جي موت تي سياست ڪرڻ افسوسناڪ عمل آهي.

***