خاص

چيف سيڪريٽري بلوچستان جي ميٽنگ دوران ڪوئو ڪيڪ کائيندو رھيو

چيف سيڪريٽري بلوچستان عبدالعزيز عقيلي جي ميٽنگ دوران ڪوئو ميز تي رکيل ڪيڪ جو مزو وٺندو رهيو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آھي. خميس تي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز انسٽاگرام ۽ ٽوئيٽر تي هڪ وڊيو سامهون آئي جنهن ۾ بلوچستان جي چيف سيڪريٽري عبدالعزيز عقيلي  کي ميٽنگ ۾ ويٺل ڏسي سگهجي ٿو. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته عبدالعزيز عقيلي ڳالھ ٻولھ ۾ مصروف آهي جڏهن ته ڪوئو ڪيڪ مان لطف اندوز ٿي رهيو آهي.