بلاگ

اسان کي بندوق نه، پر بُک ماري وجهندي!!

اي حُڪمرانو…! اوهان چانديءَ ۽ سون مهانگو ڪيو، اسان کي ڪو اعتراض ناهي، ڇاڪاڻ ته اسان زيورن کانسواءِ به زندگي گهاري سگهون ٿا، اوهان لوھ ۽ سيمنٽ مهانگو ڪيو، اسان چُپ رهياسين، ڇاڪاڻ ته اسين پَڪسِرين بلڊنگس کانسواءِ جهوپڙين ۾ به رهڻ جو هنر ڄاڻون ٿا. اوهان گاڏيون ۽ تيل مهانگو ڪيو، اسين ماٺ ۾ رهياسين ڇاڪاڻ ته اسان جي پيرن ۾ پنڌ ڪرڻ جي سگهه ۽ گوڏن ۾ گريس اڃا اعتماد جوڳو آھي. اسين گوڏا گاڏين ۽ اٺن تي ڪاڪ جا پنڌ ڪرڻ ڄاڻون ٿا. اوهان موبائل مهانگا ڪيا، پيڪج مهانگا ڪيا، اسان کي ٽڪي جي پرواھ ناهي، ڇاڪاڻ ته اسان جي قديم تهذيب ۾ لوڪ لڪڙتار اوهان جي موبائل ميسج کان مٿي اهميت رکي ٿي ۽ اسين انساني نياپن تي نينهن نڀائڻ وارا آھيون، محبوبن سان موبائل پيڪج تي اورل سيڪس واري نامردي کان اڃا بچيل آھيون. 

اوهان ڪپڙو مهانگو ڪيو، اسان ڪُجهه نه چيو، اوهان جي هر بي حيائيءَ جو بار پنهنجي ڪلهن تي کڻي اسين اڌ اُگهاڙا ٿي اکين ۾ حياءَ سمائي هن سماج ۾ هلندا رهياسين، اوهان جُتيون مهانگيون ڪيون، اسان کي جُتيءَ جي پرواھ نه هئي، ڇاڪاڻ ته اسين پيرن تي ٻوهن جا ٻوهنگرا ٻڌي تتل ريٽن تي رڻ پٽن ۾ هلندا رهياسين، پوءِ به اوهان کي ميار نه ڏني سين…! اوهان تيل، ميٽ، صرف، صابڻ، سرهاڻ کان وٺي سينگار جي هر شيءِ جو اگهه آسمان تي پڄايو، اسان کي ڪو اعتراض ناهي، ڇاڪاڻ ته اسين ”کٿيرا ئي خوب“ پنهنجا ”ميرا ئي محبوب“ صحيح نموني سڃاڻي انهن جي وچ ۾ اوج ۽ موج ۾ رهون ٿا. اوهين منرل واٽر ڀلي مهانگو ڪيو ڪا منع ناهي، اسين کوهن جي کاري پاڻيءَ تي ٺهيل آھيون. 

اوهان بجلي مهانگي ڪئي، اسين خاموش رهياسين ڇاڪاڻ ته اسان بجليءَ جا ٿنڀا رُڳو پري کان ڏٺا آھن، اسين ميڻ بتي به فقط ڏياريءَ يا عيد تي ٻاريندا آھيون، سو بجليءَ جي بلبن جي پرواھ ناهي، هئين به اسين هٿ جي ساهي تي اماوس رات جو مڙھي ۾ وڃايل مينهن به ڳولي هٿ ڪرڻ وارو هنر رکون ٿا. اسين ان بجلي واري اک ٻوٽ واري چاندنيءَ کان ائين ئي صحيح آھيون، اوهان گئس مهانگي ڪئي اسان ڪجهه نه چيو، ڇاڪاڻ ته اسان گئس جا رڳو گولا ڏٺا آھن، اُھي به پراڻين شادي ڪاڄن ۾… اسان وٽ نه گئس، نه گولا…. نه ئي ڪارخانا…. اسين هڪ اڌ لولو ٻوهن جي ٻارڻ تي ئي پچائيندا رهياسين. اوهان هٿيار مهانگا ڪيو، اسان کي ذري جي به لوڙ ناهي. ڇاڪاڻ ته اسان وٽ بدن تي پاتل وڳي کانسواءِ ٻيو ڪجهه آھي ته اھو مالڪ جو ڦُوڪيل روح آھي، جيڪو ان جي رضا کانسواءِ ڪنهن جو پيءُ به نٿو ڪڍي سگهي. اسان کي ڪوبه ڊپ ناهي جو هٿيار خريد ڪيون. اسان کي هٿيار نه، پر بک ماري وجهندي. اسين بندوق کان نه، پر بُک کان ڊڄون ٿا..!

قوت مدافعت جي ڪميءَ جي ڪري اسان جا ٻچڙا سندن مائرن جي پيٽن ۾ ئي مرندا رهيا ته ڪي ڄمڻ کانپوءِ سرڪاري اسپتالن جا عذاب ڀوڳيندي ڪِنجهي ڪِنجهي مري ويا، پر اسين پوءِ به ماٺ ۾ رهياسين ۽ اوهان اسان جي غُربت، مجبوري، بيوسيءَ ۽ بيماريءَ کي ڪيش ڪرائي ھڏ حرام ڊاڪٽرن جو پگهار وڌايو، شراب سستو ڪيو ۽ دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون؟ لاش کڻندڙ ايمبولينسن جا تيل کائي ويا، ڇتن جي ويڪسين به کائي ويا، ڀيڻيان ڇِتا ٿي مرو…. ايتري بک آھي غريبن جا ماس پٽي کائي ويا..

اوهان هر شيءِ مهانگي ڪري غريبن جا لاھ ڪڍي ڇڏيا ته به ماٺ ۾ رهياسين، پر اوهان ته اسان جي جيئڻ جو آخري حق به ڇني ورتو…. اوهان ته اٽو به مهانگو ڪري ڇڏيو. اوهين اٽو مهانگو ڪيو ٿا ته اسان جي اکين ۾ لوڻ پوي ٿو، اوهين چانور مهانگا ڪيو ٿا ته قسم سان ايڏي چڙ ٿئي ٿو جو دل چئي ٿي اوهان کي ڊي چوڪ تي ڊوڙائي ڊوڙائي دل ٺاريون….! ظالمؤ….! اسان کي جيئڻ ته ڏيو… بنيادي سهوليتون ويون ڪتي جي ڏر ۾ اسان کي فقط اٽو سستو ڪري ڏيو ته ووٽ واري ونگار وري به اوهان سان ئي وهنداسين…. جي اٽو سستو نه ڪيو ته پوءِ نه هوندا غريب ۽ نه هوندا غريبن جا ووٽ… پوءِ اوهان به آڱوٺي تي عياشيون ڪندا. تنهنڪري غريبن جي اهميت کي سمجهو، گهٽ ۾ گهٽ اٽو ته سستو ڪيو…..!

 اسان کي نه سون تي سبسڊي کپي، نه لوھ تي، نه سيمنٽ تي سبسڊي کپي نه موبائل فون تي، نه گاڏين تي سبسڊي کپي نه هٿيارن تي، اسان کي فقط اٽي تي سبسڊي ڏيو ته جيئن مالڪ طرفان مقرر ٿيل زندگيءَ جا ڏينهن پيٽ ڀري جيئون…..!!

***