بلاگنئون

بُلي شاه سماج جو باغي ڪردار!

بُلي شاھ سماج جو ھڪ باغي ڪردار ھو، جيڪو روايتن جي زنجيرن کي ٽوڙڻ جو حوصلو رکندڙ انسان ھو۔ ھن مذھبي ٺيڪيداري، ذات پات، ظاھري عبادتن ۽ منافقت ڀري سماجي ڍانچي خلاف پنھنجي شاعريءَ وسيلي کليل بغاوت ڪئي۔ بُلي شاھ لاءِ سچو دين محبت، انسانيت ۽ اندروني سچائي ھئي، نه ڪي رسمون ۽ فتوائون۔، ھن سماج جي ٺھيل حدن کي للڪاريو ۽ اعلان ڪيو ته علم ۽ روحانيت ذات يا نسل جا محتاج ناهن۔ سندس ڪلام مظلوم انسان جي دل جي نڪتل ڪنهن آھ وانگر اڀري ٿو، جيڪو انسان کي خوف مان آزاد ڪري، سوال ڪرڻ، سوچڻ ۽ پاڻ سڃاڻڻ جو درس ڏئي ٿو.۔ انھيءَ ڪري بُلي شاھ رڳو شاعر ناھي، پر سماجي شعور جو اھو باغي نشان آھي، جيڪو اڄ به جمود خلاف بيھي سوچڻ جو حوصلو ڏئي ٿو.۔

 بُلي شاهه، پنجابي ٻوليءَ جو اهو عظيم عوامي شاعر آھي، جنهن سڄي عمر مذهب، ذات، نسل ۽ جنس جي نالي تي بيٺل ديوارن کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سماج سان ايتري قدر  مھاڏو اٽڪايو، جو ان نام نھاد سماج سندس جنازي نمازي پڙھڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو!

بابا بُلي شاهه 1680ع ۾ رياست بهاولپور (اڄوڪو پاڪستان) جي هڪ ڳوٺ “اُچ گيلانيان” ۾ ڄائو. ڪجهه عرصي کانپوءِ سندس خاندان قصور منتقل ٿيو. سندس والد شاهه محمد درويش مسجد جو امام هو ۽ ٻارن کي تعليم ڏيندو هو. کيس عربي، فارسي ۽ مذهبي علمن تي مڪمل عبور حاصل هو. بابا بُلي شاهه جو اصل نالو عبدالله شاهه هو، جيڪو وقت سان بگڙي “بُلا شاهه” ۽ پوءِ “بُلي شاهه” بڻجي ويو، ۽ اهوئي نالو خاص ۽ عام جي زبان تي گونجڻ لڳو.

بُلي شاهه ابتدائي تعليم پنهنجي والد کان حاصل ڪئي. پوءِ ٻين استادن کان به علم پرايائين، پر روحاني سڪ، معرفت جي ڳولها ۽ اندروني بيچيني کيس حضرت شاهه عنايت قادريءَ جي در تي وٺي آئي. شاهه عنايت، قادري سلسلي سان واسطو رکندڙ  ذات جو آرائين هو، ڪيترن ئي فارسي ڪتابن جو مصنف پڻ هو. هو ٻين صوفين وانگر دنيا کان ڪٽيل نه هو، پر زراعت ۽ باغباني سان جڙيل هڪ متحرڪ انسان هو. شروع ۾ قصور ۾ رهندڙ  هو، پر حڪمرانن سان اختلافن سبب لاهور لڏي ويو ۽ پوءِ اتي ئي مستقل رھڻ لڳو.

بُلي شاهه جو ٻالڪپڻ ڳوٺ ۾ مال چاريندي گذريو. جڏهن هن شاهه عنايت کي پنهنجو مرشد بڻايو، تڏهن سندس خاندان، برادري ۽ مولوين وڏو ممڻ مچايو. جنهن جو سبب اهو هو ته بُلي شاهه سيد هو، پاڻ کي آلِ نبي ۽ اولادِ علي سان منسوب ڪندو هو، جڏهن ته شاهه عنايت آرائين ذات جا هئا، جن کي ان دور ۾ “هيٺين ذات” جو سمجهيو ويندو هو. برادريءَ لاءِ اها ڳالهه ناقابلِ قبول هئي ته هڪ اعليٰ نسب وارو سيد ذات جو شخص ڪنهن گهٽ سمجهيل ذات جي ماڻهو اڳيان شاگردي اختيار ڪري. بلي شاهه ماڻهن جي ان مخالفت کي پنهنجي ھڪ ڪافي ۾ ھئنئن  ٿو بيان ڪري ته:

بُلي نون سمجهاوڻ آئيان

بهنا تي ڀرجائيان

آل نبي اولاد علي

 تون ڪيون ليڪان لائيان

من لي بلھا ساڊا ڪھنا

ڇڊ دي پلا رائيان

پر بُلي شاهه هن نسلي مت ڀيد کي ٺڪرائي ڇڏيو. هن پنهنجي سيد هجڻ جي دعويٰ به رد ڪري ڇڏي ۽ سماج جي هر مخالفت کي منهن  ڏيندي شاهه عنايت کي مرشد تسليم ڪيو. اهڙي طرح هو پراڻن تعصبن کان نڪري هڪ نئين انسان جي روپ ۾ ظاهر ٿيو . ھڪ اهڙو انسان، جيڪو ذات، نسب ۽ برتريءَ جي وهم کان پاڪ هو.

پنهنجي ھڪ ڪافي ۾ پنهنجي سيد ذات کي وڏائي جو نشان نٿو سمجهي ۽ اھو اعلان بغاوت ڪري ٿو ته:

جھيڙا سانون سيد آکي،

 دوزخ ملن سزائيان

جھيڙا سانون رائين (آرائين) آکي، بھشتي پينگان پائيان

جي تون لوڙين باغ بھاران،

 طالب ھوجا رائيان.

هن بغاوت جي نتيجي ۾ کيس خاندان، ذات ۽ هم مذهب ماڻهن جي شديد مخالفت کي منهن ڏيڻو پيو. الزام، طعنا ۽ نفرت سندس نصيب بڻيا، پر هو ثابت قدم رهيو. انهيءَ دور ۾، جڏهن هو نسلي غرور کي مٽيءَ ۾ ملائڻ جي “جرم” ۾ سماجي عتاب هيٺ هو، تڏهن هن ضد ۾ اچي گڏھ پالڻ شروع ڪيا! اھو ھڪ اھڙو ڪم ھو جيڪو ان زماني ۾ سماج جي سڀ کان هيٺين طبقي سان منسوب ٿيل هو ۽ ڪو به “باعزت” ماڻهو اهو ڪم ڪرڻ جو سوچي به نه سگهندو هو، پر بُلي شاهه ڄاڻي واڻي پاڻ کي سماج جي سڀ کان هيٺين سطح تي آڻي بيهاريو ۽ ان جو عملي حصو بڻيو. ۽ ماڻهو کيس “کوتيان والا” چئي سڏڻ لڳا.

روايتي رسمن، ٺهيل ٺڪيل قاعدن ۽ سماجي بندشن سان بُلي شاهه کي ڪڏهن به محبت نه رهي. انهن کي ٽوڙڻ ۾ ئي کيس سڪون ۽ خوشي ملندي هئي. مذهب، رنگ، نسل ۽ جنس جي ورهاست سندس نظر ۾ بي معنيٰ هئي، بلڪه انساني وحدت ۽ ڀائپيءَ لاءِ زهرِ قاتل هئا.

چيو وڃي ٿو ته بُلي شاهه خواجه سرائن سان گڏجي ويهندو هو، انهن سان گڏ ناچ ڪندو هو، بلڪه چوراهن ۽ چوڪن تي ماڻهن جي سامهون به انهن سان رقص ڪندو هو. سندس خاندان ۽ برادري ان ڳالهه تي سخت ناراض رهندي هئي ته بُلي شاهه هر قدم تي کين “بدنام” ڪري رهيو آهي:  پر بُلي شاهه بنا ڪنهن جي پرواهه ڪرڻ جي ھميشه پنهنجي مستيءَ ۽ سچ جي راهه تي هلندو رهيو.

بُلي شاهه ھڪ اھڙو ڪردار ھو جنهن جا ڪيترائي نرالا رنگ ۽ ڍنگ ھئا جنهن جو اندازو ھن  ھڪ واقعي مان لڳائي سگهجي ٿو ته ھڪ دفعي جڏهن بُلي شاھ کان  پنهنجو مرشد شاهه  عنايت ڪنهن ڳالهه تان ناراض ٿي ويو ۽ وڏي ڪوشش جي باوجود به  نه پرچيو ته  بُلي شاھ ڪنهن عاشق وانگر صفا چريو ٿي حيران ۽ پريشان رھڻ لڳو، نيٺ لاھور جي ھيرامنڊي ۾ وڃي ھڪ ڳائڻي وٽ رھي، ان کان راڳ ڳائٔڻ ۽ ناچ ڪرڻ جي سکيا ورتائين، پوءِ  جڏھن سندس مرشد ڪنهن بزرگ جي عرس جي موقعي تي آيو ته بُلي شاھ به ان ڳائڻي  عورتن سان عورتاڻا ڪپڙا پھري  عورتن جھڙو ھار سينگار ڪري نقاب ھڻي مرشد اڳيان وجد ۾ اھڙو ته ڪلام ڳائي ناچ ڪيو جو مرشد بي اختيار ٿي ان سان پنهنجون سڀ ناراضگيون ختم ڪري ڇڏيون!

بُلي شاهه سماج جو ھڪ ضدي ۽ باغي ڪردار ھو!

بُلي شاهه کان اڳ به ڪيترن شاعرن مذهبي پيشوائن جي دوکي، جبر ۽ منافقت تي تنقيد ڪئي هئي، پر جنهن بيباڪي، جرئت ۽ دلي همت سان بُلي شاهه انهن “مذهبي ٺيڪيدارن” کي للڪاريو، ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. اهو بُلي شاهه ئي هو، جنهن رام ۽ رحيم جي پراڻي تڪرار کي رد ڪري اصل مسئلي ڏانهن ڌيان ڇڪايو ۽ اعلان ڪيو ته هي تڪرار ملن جو گهڙيل آهي، جنهن جو جديد دور جي انساني ضرورتن سان ڪو به واسطو ناهي.

بُلي شاهه پاڻ کي شاعريءَ ۾ هن ريت بيان ڪري ٿو ته:

“بُليا! ڪي جاڻان مين ڪون؟

نه مين مومن وچ مسيتان

نه مين وچ ڪفر ديان ريتان

نه مين پاڪان وچ پليتان

نه مين موسيٰ نه فرعون

بُليا! ڪي جانان مين ڪون؟”

بُلي شاهه پنهنجي دور جي سماجي ۽ مذهبي جبر خلاف هڪ طاقتور آواز هو، جيڪو وقت جي تقاضائن سان هم آهنگ ٿي جدوجهد ڪندو رهيو. سندس فڪر، ڪردار ۽ اعليٰ انساني قدرن سبب هندو، مسلمان، سِک ۽ ٻين مختلف عقيدن جا ماڻهو به کيس يڪسان محبت ڏيندا هئا.

بُلي شاهه  1757ع ۾ وفات ڪئي. سندس  وفات ۽ جنازي نماز بابت ڪيترائي تضاد موجود آھن جن ۾ ھڪ اھو به آھي ته وفات کانپوءِ بُلي شاهه کي ڪافر قرار ڏئي، ان وقت جي مولويَن اها فتويٰ جاري ڪئي ته جيڪو به بُلي شاهه جو جنازو پڙهائيندو، تنهن جو مسلمان عورت سان نڪاح ختم ٿي ويندو ۽ جيڪڏهن ڪو ڪنوارو هوندو ته ان لاءِ مسلمان عورت سان شادي به جائز نه رهندي. ان وقت جي چوڌرين احتجاج ڪيو ته بُلي شاهه کي مسلمانن جي قبرستان ۾ دفن به نه ڪيو وڃي. آخرڪار هڪ خواجه سرا بُلي شاهه جو جنازو پڙهايو ۽ اهو خواجه سرا هن عظيم شاعر جو جنازو کڻي قصور شهر کان ٻه ميل ٻاهر وڃي دفن ڪري آيو.

رب رب ڪردي بڍي هوئگي، مولوي پنڊت ساري

رب دا کوج کرا نا لڀيا، سجدي ڪر ڪر هاري

زمانو گذرندو ويو آھستي آھستي  بُلي شاهه جي اڻڄاتل قبر جي چوڌاري شهر وڌندو ويو، ماڻهن جا نظريا ۽ سوچ تبديل ٿي وئي ۽ اڄ قصور کي بابا بُلي شاهه جو قصور چيو وڃي ٿو. اهي مولوي ڪير هئا، جيڪي سندس جنازو پڙهائڻ کان انڪار ڪندا رهيا؟ اهي چوڌري ڪير هئا، جيڪي سندس لاش کي قبرستان ۾ دفن ٿيڻ کان روڪيندا رهيا؟ ڪير به نٿو ڄاڻي، پر بُلي شاهه اڄ به پنهنجي اڻڄاتل قبر مان ڳالهائي رهيو آهي ۽ ڳالهائيندو رهندو:

بليا اسين مرنا ناهي

گور پيا ڪوئي هور.