بلاگنئون

تعليم جي وزير جي نڪ هيٺان جعلي ڊگريون وڪامجي رهيون آهن

ڪڏهن ڪڏهن زندگيءَ ۾ اهڙا لمحا ايندا آهن، جيڪي انسان جي سوچ کي لوڏي ڇڏيندا آهن. سال 2019ع ۾ جڏهن مان پاڪ نيوي جي ISSB ٽيسٽ لاءِ پيش ٿيس، انٽرويو دوران هڪ نفسياتي ماهر ڪپتان منهنجون ڊگريون ڏٺيون. جيئن ئي هن پڙهيو ته مان شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان گريجوئيٽ آهيان ته اوچتو سوال ڪيائين:

“شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ته ڊگريون وڪڻي ٿي، ائين مُون کي به ڊگري وٺرائي ڏئي، يقين ڪريو اُن لمحي مان حيران، پريشان ۽ غمگين ٿي ويس. مون فوري جواب ڏنو:

“سر! مون پنهنجي ڊگري محنت، جدوجهد ۽ ايمانداريءَ سان حاصل ڪئي آهي، پئسي سان نه.”  اُن ڏينهن مون سمجهيو ته شايد اهو رڳو هڪ بي بنياد الزام هوندو، پر اڄ جڏهن تازو شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ۾ B.Ed ۽ ADE ڊگرين جي مبينا وڪري بابت خبرون سامهون اچي رهيون آهن، تڏهن اهو سوال ٻيهر ذهن ۾ گونجڻ لڳو آهي: ڇا واقعي اسان جون يونيورسٽيون علم جا مرڪز آهن يا ڊگري مارڪيٽ؟

شاھ عبداللطيف يونيورسٽي سنڌ جي سڃاڻپ رکندڙ وڏو ادارو آهي، جتان هزارين شاگرد تعليم حاصل ڪري ملڪ جي مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، پر جڏهن اهڙي اداري تي ڊگريون وڪڻڻ جا الزام لڳن، خاص ڪري پروفيشنل ڊگرين جهڙوڪ B.Ed ۽ ADE بابت ته پوءِ اهو رڳو هڪ ادارتي مسئلو نٿو رهي، اهو سڄي تعليمي نظام تي سوال بڻجي وڃي ٿو. B.Ed  ۽ ADE جهڙيون ڊگريون استاد تيار ڪرڻ لاءِ هونديون آهن. جيڪڏهن اهي ئي ڊگريون پئسي تي ورهايون وڃن ته پوءِ اسان ڪهڙي قسم جا استاد، ڪهڙي قسم جا اسڪول ۽ ڪهڙو مستقبل ٺاهي رهيا آهيون؟

يونيورسٽين اندر ان قسم جي ڪاروبار يا ڊگري وڪرو ٿيڻ جو سڀ کان وڏو نقصان انهن شاگردن کي ٿيندو آهي، جيڪي سالن جا سال محنت ڪن ٿا، فيون ڀرين ٿا، امتحان ڏين ٿا ۽ قربانيون ڏين ٿا. جڏهن ساڳي ڊگري ڪو ٻيو ماڻهو پئسي سان حاصل ڪري وٺي ته محنت جي ڪا حيثيت نٿي رهي. هي رڳو تعليمي بدعنواني ناهي، هي ايماندار نوجوانن جي خوابن جو قتل آهي، جيڪي پنهنجي خوابن کي پورو ڪرڻ لاءِ چار سال مستقل يونيورسٽيءَ ۾ وڃي محنت ڪري پنهنجن خوابن جي آبياريءَ لاءِ وقت، پئسو ۽ پنهنجي ذهني صلاحيتن کي استعمال ڪن ٿا، پر ان وقت انهن نوجوانن جون اهي سڀئي ڪوششون ضايع ٿي وڃن ٿيون، جڏهن ڪوڙيون ڊگريون کڻي ايندڙ ماڻهن کي نوڪريون ملي وڃن ٿيون ته اهڙي وقت ۾ انهن نوجوانن جا خواب چڪنا چور ٿي وڃن ٿا.

سوال اهو آهي ته رياست ۽ ادارا ڇو خاموش تماشائي بڻيل آهن؟ ان سان گڏوگڏ هڪ ٻيو سوال به اٿي ٿو ته جيڪڏهن اهڙا الزام ۽ رپورٽون سامهون اچي رهيون آهن ته پوءِ يونيورسٽي انتظاميه کي جيڪي قدم کڻڻ گهرجن اهي ڇو نه کڻي رهي آهي؟ هائر ايجوڪيشن ڪميشن ڪٿي بيٺي آهي؟ سنڌ حڪومت ڇو خاموش آهي؟ جيڪڏهن وقت سر شفاف جاچ نه ٿي، ذميوارن کي سزا نه ملي ۽ نظام کي درست نه ڪيو ويو ته سڀاڻي هر ڊگري شڪي بڻجي ويندي. پوءِ نه رڳو شاھ عبداللطيف يونيورسٽي، پر سڄي سنڌ جي تعليم جي ساک ختم ٿي ويندي. نه صرف ملڪ ۾ پر ملڪ کان ٻاهر ويندڙ نوجوانن کي به اتي نوڪريون نه ملنديون ۽ خواريءَ کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ اها خواري صرف ان شخص جي نه بلڪه سنڌ جي تعليمي نظام جي به هوندي، سنڌ جي انتظاميه جي هوندي ۽ حڪمران پارٽيءَ جي هوندي. جنهن جي نڪ جي هيٺان تعليم جو جنازو کڄي رهيو آهي. تعليم جو مقصد شعور پيدا ڪرڻ، انسان ٺاهڻ ۽ گڏوگڏ نوجوانن کي معاشي موقعا فراهم ڪرڻا آهن جيڪي پنهنجي ملڪ جي تعليمي نظام ۾ پڙهي ۽ پنهنجو مستقبل سنوارڻ جي ايمانداريءَ سان ڪوشش ڪن ٿا، پر جڏهن ڊگريون وڪامجڻ لڳن ته پوءِ يونيورسٽين کي تالو لڳائي دڪانن تي ڊگريون رکڻ گهرجن ته جيئن جنهن وٽ جيتري مالي حيثيت هجي اها ڊگري اتان خريد ڪري وٺي. اڄ جيڪڏهن B.Ed ۽ ADE جهڙيون ڊگريون وڪامجن ٿيون ته سڀاڻي ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ جج به اهڙي ئي نظام مان نڪرندا. پوءِ معاشري کان انصاف، ايمانداري ۽ انسانيت جي اميد ڪيئن رکي سگهبي؟

هاڻي وقت اچي ويو آهي ته شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ۾B.Ed  ۽ ADE معاملن جي آزاد ۽ شفاف جاچ ڪئي وڃي. جيڪڏهن ڊگريون وڪرو ٿيڻ ثابت ٿين ٿيون ته سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃيHEC  ذريعي سڀني لاڳاپيل ڊگرين جي فوري تصديق ڪرائي وڃي. داخلا، امتحان ۽ نتيجن جو نظام ڊجيٽل ۽ ٽئين ڌر جي نگراني هيٺ آندو وڃي.

2019ع ۾ مون کان جيڪو سوال هڪ ڪئپٽن پڇيو هو، اهو سوال اڄ پوري سنڌ لاءِ هڪ وڏو سوال بڻجي چڪو آهي. ڇا اسان واقعي علم حاصل ڪري رهيا آهيون يا رڳو ڪاغذي سرٽيفڪيٽ خريد ۽ وڪرو ڪري رهيا آهيون؟ جيڪڏهن اڄ به اسان خاموش رهياسين ته سڀاڻي اسان وٽ ڊگريون هونديون، پر نه قابليت هوندي ۽ نه ئي مختلف ميدانن ۾ مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت ۽ سنڌ جي تعليم يافته نوجوانن تي نه صرف سنڌ اندر سوال اٿاريو ويندو، پر اهي جنهن به امتحان ۾ ويهندا انهن جي قابليت ۽ اهليت تي سوال اٿاريو ويندو ۽ انهن کي شرمنده ڪيو ويندو. تعليم جي وزير کي ان ڏس ۾ هڪ ڪميٽي ٺاهي پوري جاچ ڪرائڻ گهرجي ته ان قسم جو ڏوهه سندس نڪ جي هيٺان ڪيئن ٿي رهيو آهي.