ٽنڊي محمد خان جي معزز شخصيت حاجي خدا بخش ڀٽي
حاجي خدا بخش ڀٽي، ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ محمد عثمان ڀٽي ۾ علي محمد ڀٽي جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊي محمد خان مان ۽ انٽر جي تعليم مير غلام علي خان ٽالپر گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ٽنڊي محمد خان مان حاصل ڪئي، انهيءَ ڊگري ڪاليج مان سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان گريجوئيشن ڪيائين. گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ٽنڊي محمد خان ۾ شاگرد يونين ۽ سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي سرگرمين ۾ حصو ورتائين. سندس وڏي ڀاءَ ۽ پي پي پي سٽي ٽنڊي محمد خان جي اڳوڻي صدر رئيس عبدالرحمان ڀٽي جي سياسي اثر هيٺ گهڻو عرصو سندس خاندان پيپلز پارٽي سان سلهاڙيل رهيو. سندن گهراڻي کي پي پي پي سنڌ جي اڳوڻي صدر مخدوم خليق الزمان کان وٺي پي پي پي چيئرپرسن شهيد محترمه بينظير ڀٽو تائين ڪيترن ئي صوبائي ۽ ملڪي سياستدانن جي ميزباني جو شرف حاصل رهيو. جن ۾ سنڌ جي سطح توڙي ملڪي سطح جي اڻ ڳڻين سياستدانن جا نالا به اچي وڃن ٿا، جن جي ميزباني جو نه رڳو کين شرف حاصل رهيو، پر سندن ذاتي ۽ سياسي لاڳاپا به قائم رهيا. سندس وڏي ڀاءَ پي پي پي سٽي ٽنڊي محمد خان جي اڳوڻي صدر رئيس عبدالرحمان ڀٽي جي حياتيءَ جي آخري ڏينهن تائين غريبي جي حالت ۾ به مقامي پي پي پي قيادت پاران مسلسل نظرانداز ڪرڻ باوجود، سندس مرتئي پۡڄاڻان به هن خاندان پي پي پي سان ساٿ جو سلسلو جاري رکيو. جڏهن مسلسل نظرانداز ٿيڻ جو سلسلو سندن سهپ کان ٻاهر ٿيو ته 2005ع جي مڪاني چونڊن ۾ حاجي خدا بخش ڀٽي جي اڳواڻي ۾ هن خاندان پي پي پي مخالف سياست جو دڳ وٺندي، ٽنڊي محمد خان جي شاهي سياسي گهراڻي شاهواڻي ٽالپرن سان سياسي طور وابستگي اختيار ڪئي ۽ 2005ع جي مڪاني نظام وارين چونڊن ۾ جڏهن شاهواڻي ٽالپر خاندان پاران مقامي طور مڪاني چونڊن ۾ مڪمل سرسي حاصل ڪئي وئي هئي ته شاهواڻي ٽالپرن پاران تعلقه ميونسپل ايڊمنسٽريشن ٽنڊي محمد خان جي تعلقه نائب ناظم جو عهدو حاجي خدا بخش ڀٽي جي صوابديد تي ڇڏيو ويو هو. حاجي خۡدا بخش ڀٽي تعلقه نائب ناظم جو اهو عهدو پنهنجي ڀاڻيجي يعني رئيس جان محمد ڀٽي جي فرزند سرفراز احمد ڀٽي کي ڏياريو هو. محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت ۽ ملڪ جي مجموعي صورتحال جي يڪطرفي تبديلي بعد هن خاندان جون سياسي وفاداريون ٻيهر پي پي پي سان سلهاڙجي ويون، پر ان خاندان کي پي پي پي جي مقامي قيادت پاران روايتي طور نظرانداز ڪرڻ واري ڪرت حاجي خۡدا بخش ڀٽي جي وفات تائين به جاري رهي. سندس وفات کان ڪجهه ڏينهن اڳ پي پي پي ٽنڊي محمد خان جي اندروني اختلافن جي پيش نظر، شهر اندر الڳ الڳ اثر رسوخ بحال ڪرڻ ۽ مقامي لابنگ کي مضبوطيءَ سان قائم رکڻ جي پسمنظر ۾ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير جي اسپيشل اسسٽنٽ ۽ موجوده ضلعي چيئرمين سيد قاسم نويد، سندس گهر پهچي سندس عيادت ڪئي هئي. جنهن عمل تي ڪيترائي سياسي حلقا حيران هئا، پر اسانجي سماج ۾ مۡروج سياست جا داءَ پيچ هڻندڙ سياستدان ان ئي منفرد ۽ عجيب رڌم سان تحرڪ جا ساز ڇيڙيندا رهيا آهن، جيئن تازو ئي اڳوڻي وفاقي وزير سيد نويد قمر، پي پي پي ضلعي ٽنڊي محمد خان جي اڳوڻي ضلعي صدر ۽ اڳوڻي ايم پي اي حاجي امين لاکي جي عيادت وڃي ڪئي هئي، اهو ئي حاجي امين لاکو جيڪو پڻ ڪيترن ئي سالن کان مسلسل نظرانداز ٿيل هو. سو به گذريل ڪجهه هفتا پهرين پي پي پي جي مقامي سياستدانن کي اوچتو ئي اوچتو ياد اچي ويو هو. بهرحال حاجي خدا بخش ڀٽي پنهنجي ذاتي گۡذر جي حوالي سان شعوري عۡمر جو سمورو عرصو شگر انڊسٽري ۾ نجي ملازمت ۾ گذاريو. هيٺين عهدن کان ٿيندو، ترقي ماڻيندو، هۡو جنرل مئنيجر جي عهدي تي پهتو، هن سنڌ جي تقريبن اهم شگرملن ۾ ملازمت ڪئي. ان جي بدولت هۡن پنهنجا بهترين ذاتي لاڳاپا قائم ڪيا ۽ انهن لاڳاپن کي پڇاڙيءَ تائين بحال رکيو. زندگيءَ جي آخري حصي ۾ ھۡو شگر، بلڊ پريشر سميت مختلف مرضن ۾ وڪوڙجي بستري ڀيڙو ٿي ويو هو ۽ ڪجهه عرصو عليل رهڻ بعد 13 ڊسمبر 2023ع بمطابق 28 جمادي الاول 1445 هجري، اربع تي رات جي پوئين پهر ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. سندس ڀائرن ۾ پي پي پي سٽي ٽنڊي محمد خان جو اڳوڻو صدر مرحوم رئيس عبدالرحمان ڀٽي، محمد حنيف ڀٽي، ڊاڪٽر محمد عمر ڀٽي شامل آهن. هن پويان سوڳوارن ۾ هڪ بيواهه، ٻه نياڻيون ۽ ٽي فرزند هر هڪ شھزاد ڀٽي، شاھنواز ڀٽي ۽ شيراز ڀٽي ڇڏيا آهن. حاجي خدا بخش ڀٽي جو جنازو خميس تي صبح جو ساڍي ڏهين وڳي سندس رهائشگاهه پير محلا ٽنڊو محمد خان مان کڻي سوين آلين آکين سان پير شارفو قبرستان ۾ مٽي ماءَ حوالي ڪيو ويو.