بلاگنئون

ڊاڪٽر آڪاش جي قاتل کي ڦاهي ۽ منشيات جو ڪاروبار

مرحوم ڊاڪٽر آڪاش انصاري شاعر، اديب ۽ انسان دوست ماڻهو هو ۽ اهڙي سٻاجهڙي شخصيت کي ڪير به وساري نٿو سگهي. اهو مڃون ٿا ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي خون سان نيٺ انصاف ٿي ويو ۽ حيدرآباد جي عدالت جي جج خون ثابت ٿيڻ تي ڊاڪٽر جي پاليل پٽ لطيف آڪاش کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي ڇڏي. هي لفظ لکڻ وقت عقل جواب ڏئي ٿو وڃي. اهو ٻڌائڻ وقت زبان بيهي ٿي رهي ۽ هٿ لکڻ ڇڏي ٿا ڏين ۽ اهو ڪيئن لکجي ۽ مڃجي ته پٽ پنهنجي پيءُ کي قتل ڪيو آهي. ٿڌا شوڪارا ڀري اهو مڃڻو پوندو ته هن جديد ۽ ٽيڪنالاجي جي دور ۾ سنڌ ئي آهي جنهن ۾ منشيات ۽ آئيس جهڙو نشو واپرائڻ کانپوءِ  پٽ پنهنجي عظيم رشتي پيءُ کي قتل ڪرڻ ۾ دير نٿو ڪري. اهو نشو ئي آهي جيڪو پيءُ ۽ پٽ کي هڪٻئي کان جدا ڪري رهيو آهي. سوشل ميڊيا اخباري خبرون ان ڳالهه جون گواهه آهن ته ڊاڪٽر آڪاش کي پيٽ ڄائو پٽ ته نه هو، پر هن لطيف آڪاش عرف وشال لطيف کي هنج ورتو هو ۽ کيس وڏي لاڏ ڪوڏ سان سانڍي وڏو ڪيو، جيڪو جوان ٿيڻ کانپوءِ غلط صحبت ۾ اچي ويو ۽ آئيس جو موالي ٿي ويو. پڙهائي لکائي تي سندس توجهه گهٽجي ويو ۽ پيءُ لاءِ عذاب بڻجي ويو. کيس ڪوبه روزگار نه هو ۽ بيروزگار هئڻ ڪري وٽس پئسو ڏوڪڙ نه هئڻ ڪري گهر مان پئسا چوري ڪري پنهنجي پورت ڪندو هو. ڊاڪٽر آڪاش جي هدايتن نصيحتن مٿس ڪوبه اثر نه ڪيو. پيءُ جي محبت ۽ هدايت نفرت ۾ بدلجڻ لڳي، پيءُ ۽ پٽ ۾ اختلاف وڌندا ويا ۽ وشال لطيف پيءُ جو جاني دشمن ٿي پيو. ڊاڪٽر آڪاش جو اصل نالو الهه بخش هو ۽ هو بدين جو رهواسي هو. هن وقت مرحوم پنهنجي گهرواري ۽ پاليل پٽ وشال سان گڏ قاسم آباد حيدرآباد ۾ رهندو هو، جتي کيس سندس آئيس واپرائيندڙ هنج ورتل پٽ ڇرين جا وار ڪري بيدرديءَ سان قتل ڪيو هو. پيشي جي حوالي سان مرحوم ڊاڪٽر هو سماجي ڪمن ۾ ڪافي اڳڀرو رهيو. جڏهن ته مقامي سنڌي ماڻهن کي تيل ڪمپني ۾ روزگار نه ملڻ تي ڪمپني خلاف وڏي جدوجهد ڪيائين جيڪا به سندس وڏي سڃاڻپ رهي. پاڻ بدين جي حوالي سان حاجي احمد ملاح کانپوءِ ٻئي نمبر تي وڏو شاعر ليکجي ٿو. کيس قومي ۽ انقلابي شاعر به چئي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ جو پاڻ گهٽ شاعري ڪيائين، پر جيڪا شاعري ڪيائين اها غضب جي شاعري ڪيائين ان حوالي سان کيس نظم لکڻ تي وڏو عبور رهيو ۽ مرحوم کي نظم جو بادشاهه به چئي سگهجي ٿو. ڊاڪٽر سان ڪافي ويجهڙائي رهي، ساڻس رس رهاڻ ۽ مختلف گڏجاڻين ۾ ملاقات ٿيندي رهندي هئي. پاڻ حيدرآباد مان روزاني اخبار “سوال” به ڪڍيائين ۽ مون کي مضمون لکڻ جو به چيائين، پوءِ ڪافي عرصي تائين منهنجا مضمون “سوال” اخبار ۾ شايع ٿيندا رهيا. پاڻ بي لوث ۽ پنهنجي ڌرتي سان عشق ڪرڻ وارو ماڻهو هو. شاعري سان گڏ سنڌ لاءِ ڪيل باقي خدمتون به وساري نٿيون سگهجن. هتي اهو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي ته منشيات آئيس نه هجي ها ته نه لطيف آڪاش عرف وشال نشو واپرائي ها ۽ نه ئي اهڙي قسم جو دردناڪ ۽ جيءَ جهوريندڙ واقعو پيش اچي ها. نشو انسان کي حيوان بنائي ڇڏي ٿو. نشي ۾ ماءُ پيءُ جي ساڃاهه ختم ٿي وڃي ٿي. نه ڄاڻ ٻيا به ڪيترائي لطيف آڪاش جهڙا خوبصورت نوجوان اسڪول وڃڻ بدران آئيس جهڙي منشيات ۽ ٻيو نشو واپرائي پنهنجا گهر ۽ جوانيون اجاڙي تباهه ڪري رهيا آهن. بدقسمتي سان اسان هڪڙا نوجوان دفن ڪري وري ٻيا جنازا کڻندا رهون ٿا. ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ منشيات هڪ ڪاروبار بڻجي ويو آهي، جنهن ۾ سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ وڏا ماڻهو ۽ پوليس جي اندر ڪاريون رڍون پاڻ ۾ ٻٽ بڻيل آهن. هر قسم جي منشيات هلائڻ جا ڊيلر ۽ ان قسم جو ڪاروبار ڪندڙ بنگلن جا مالڪ ٿي ويا آهن ۽ پوليس جي باقاعدي منٿلي مقرر ٿيل آهي. اهوئي سبب آهي جو سڄي سنڌ منشيات جو ڳڙهه بڻجي وئي آهي ۽ نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي. ڪجهه وقت اڳي ماتلي ۾ ماجده پروين هاليپوٽو بدلي ٿي ماتلي آئي. پاڻ اي ايس پي جي حيثيت ۾ ماتلي ۽ ٽنڊو محمد خان سان تعلق رکندڙ منشيات جو ڪاروبار ڪندڙن خلاف سخت قدم کڻي مٿن اهڙا ڪيس داخل ڪيا، جنهن کي وڌيڪ وقت رهڻ نه ڏنو ويو ۽ کيس بدلي ڪيو ويو. ان حوالي سان اڳوڻي آءِ جي اي ڊي خواجه چيو ته پوليس کي استعمال ڪرڻ وارا اسيمبلي ۾ ويٺل اسيمبلي ميمبر آهن ۽ پوليس کي آزادي سان ڪم ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي. اهو مڃڻو پوندو ته نشي ۽ هر قسم جي منشيات کي ختم ڪرڻو پوندو ۽ ان لاءِ اسان جي سنڌ جي حڪمران پارٽي کي سخت ۽ ڏکيا قدم کڻڻا پوندا ۽ اهڙن ماڻهن کي پنهنجي پارٽيءَ کان ڌار ڪرڻو پوندو جيڪي پارٽيءَ جي ساک تي ڌٻو لڳائي رهيا آهن ۽ پنهنجا بينڪ اڪائونٽ وڌائي رهيا آهن، جنهن جو سنئون سڌو نقصان پيپلز پارٽيءَ کي ٿي رهيو آهي. ڏاڍي ڏک سان چوڻو ٿو پوي ته منشيات جي ڪري پيءُ قتل ٿي ويو ۽ نوجوان پٽ کي ڦاسيءَ جي سزا اچي وئي. هڪ ئي گهر مان پيءُ جو جنازو نڪتو ۽ پٽ به جلد ئي ڦاهيءَ چڙهي ويندو. هن وقت ڊاڪٽر جو سڄو گهر تباهه ٿي ويو ۽ گهر ۾ ڪهرام متل آهي. سڄي سنڌ ڊاڪٽر جي خاندان سان ڏک جي گهڙين ۾ برابر جي شريڪ آهي. هاڻ سڀ ڳالهيون وساري سنڌ حڪومت کي ان ڏس ۾ نوجوان نسل کي بچائڻ لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا. دل چوي ٿي ته اداس دلين ۽ روئيندل اکين جا ڳوڙها اگهڻ لاءِ مرحوم جي شاعري پڙهون.

وقت جي چيچ ۾ زندگيءَ جو ڇلو

پيو ٿئي گهرگهلو، يار جلدي ملو.

جيءُ جبروت جنمن کان ويران آ،

ساهه ساميئڙو مڙئي مهمان آ

ترسندو ڪيستائين ڀلا قافلو،

يار جلدي ملو، يار جلدي ملو.