600 کان وڌيڪ هيڊ ماسترن کي برطرف ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن معطل

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد آءِ بي اي سکر طرفان مقرر ڪيل ڪانٽريڪٽ وارن 600 کان وڌيڪ هيڊ ماسترن کي برطرف ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن معطل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي سيڪريٽري تعليم کي طلب ڪري ورتو آهي. خبر موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ سترهين گريڊ ۾ ڪانٽريڪٽ ڊيوٽي ڪندڙ هيڊ ماسترن جي داخل ڪيل پٽيشن جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران پٽيشنر جي وڪيل بئريسٽر ضمير گهمرو موقف اختيار ڪيو ته ٻه سال اڳ آءِ بي ايس سکر اداري طرفان 600 کان وڌيڪ اميدوارن کان ٽيسٽ وٺي هيڊ ماسترن کي مقرر ڪيو ويو. جڏهن ته حڪومت 643 استادن کي پڪو ڪرڻ بدران ملازمت ۾ هڪ سال جي واڌ ڪئي، جيڪا وري هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري هڪ سال اندر ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. هڪ سال جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ سوين استاد بيروزگار ٿي ويندا. عدالت نوٽيفڪيشن معطل ڪندي سيڪريٽري تعليم سميت لاڳاپيل ڌرين کي طلب ڪري ورتو