خاصنئون

پ پ جا 20 ايم پي اي پارٽي ڇڏي ويندا: اپوزيشن ليڊر جي دعويٰ

سنڌ حڪومت جي اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جا 20 ايم پي اي پارٽي کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪري چڪا آهن. جنهن بعد پي ٽي آءِ لاءِ آسان ٿي ويو آهي ته اها صوبي اندر حڪومت جي تبديلي آڻي ڏيکاري. سيد مراد علي شاهه جي آباڻي تڪ ڀان سيد آباد ۾ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته 20 ايم پي اي هاڻي فيصلو ڪندا ته يا ته اهي پي ٽي آءِ سان ملي وڃن يا فارورڊ بلاڪ ٺاهين. ساڳي وقت هن اهڙن افواهن کي غلط قرار ڏنو جنهن ۾ چيو پئي ويو ته 30 مارچ تي وزيراعظم جي گهوٽڪي ۾ آمد جو هن معاملي سان ڪوبه واسطو نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته 20 ايم پي اي ته پ پ کان عليحدگي اختيار ڪرڻ لاءِ تيار آهن جنهن کان علاوه مٿن ڪرپشن ڪيسن ۾ پ پ جي قيادت جي گرفتار ٿيڻ بعد 40 وڌيڪ ايم پي اي نااهل ٿيندا جنهن بعد سنڌ حڪومت ۾ تبديلي جي ضرورت پيدا ٿي ويندي.