خاصنئون

هٿيار ٺاهيندڙ ڪمپني اڏندڙ ڪلاشنڪوف ٺاهي ورتي

روس جي هٿيار ٺاهيندڙ ڪمپني الماز اينٽي پاران AK 47 ڪلاشنڪوف جهڙو ڊرون جهاز ٺاهي ورتو آهي، جنهن جون تصويرون به جاري ڪيو ويون آهن. هي ڊرون هوا ۾ اڏامندي گوليون هلائڻ لاءِ تيار ڪيا ويا آهن. هن ڪلاشنڪوف جي ميگزين ۾ 30 گوليون لڳن ٿيون. ڊرون هئڻ سبب هن کي هڪ جڳهه کان ڪنٽرول ڪري پنهنجي هدف کي نشانو بڻائي سگهجي ٿو. روس جي ڪمپني جديد قسم جا هٿيار ۽ جاسوس ڊرون ٺاهڻ ۾ به مهارت رکي ٿي. ياد رهي ته 80 جي ڏهاڪي ۾ سوويت يونين افغان وار ۾ روسي رائيفل ڪلاشنڪوف عالمي شهرت حاصل ڪئي هئي. ان وقت جديد اسلحي ۾ ان جو نالو هر زبان تي مشهور ٿي ويو هو. ان رائيفل تي سندس ايجاد ڪرڻ واري جو جو ميخائيل ڪلاشنڪوف جي نالي تي رکيو ويو هو.