نئون

صدارتي چونڊون، اعتزاز احسن، عارف علوي ۽ مولانا فضول الرحمان جا ڪاغذ منظور

4 سيپٽمبر تي ٿيندڙ صدارتي چونڊن  ۾  پيپلز پارٽي جي اعتزازاحسن، تحريڪ انصاف جي عارف علوي ۽ ٻين اپوزيشن جماعتن پاران مولانا فضل الرحمان ڪاغذ جمع ڪرايا. جنهن بعد چيف اليڪشن ڪميشن سردار محمد رضا پاران ٽنهي ڄڻن جا ڪاغذ منظور ڪري ڇڏيا. ڪاغذن جي جانچ دوران اعتزاز احسن ۽ عارف علوي  اليڪشن ڪميشن جي آفيس ۾ موجود رهيا.عارف علوي جي ڪاغذن بابت مولانا فضل الرحمان جي  ڪامران  وڪيل مرتضيٰ چيو ته  عارف علوي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل آهي. جنهن تي چيف اليڪشن ڪميشن چيو ته اسان کي ان بابت ڪو نوٽس ناهي مليواهڙي صورت ۾ اسان ڪيئن ڪارروائي ڪيون؟ ان تي وڪيل وڪيل مرتضيٰ چيو ته مان توهان جي نوٽيس تي هي معاملوآڻي  رهيو آهيان.  جنهن تي چيف اليڪشن ڪميشن اعتراض مسترد ڪندي عارف علوي جا ڪاغذ منظور ڪري ڇڏيا. اليڪشن ڪميشن جي جاري ڪيل شيڊيول مطابق تمام اميدوار پنهنجا ڪاغذ 30 آگسٽ تائين واپس وٺي سگهن ٿا جنهن کانپوءِ اميدوارن جي آخري فهرست ساڳئي ڏينهن هڪ وڳي جاري ڪئي ويندي. صدارتي چونڊن جي پولنگ 4 سيپٽمبر تي اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس ۽ چئني صوبائي اسيمبلين ۾ ٿيندي. واضح رهي ته صدر ممنون حسين جو مدو 8 سيپٽمبر تي ختم ٿي رهيو آهي. مرتضيٰ