تازي پاڻي نه ملڻ ڪري ڊيلٽا تيزي سان تباهه ٿي رهيو آهي
ڪالهه ٺٽي ۾ انڊس ڊيلٽا تي ٿيل سيمينار ۾ ڳالهائيندي مهمانن چيو ته انڊس ڊيلٽا ۾ تازي پاڻي جي گهٽتائي جي سببن ڪري ڊيلٽا جي حالت خراب ٿي رهي آهي. ان کان علاوه دريائن واري پيئڻ جي پاڻي کي به خراب ڪيو ويو آهي. انهن مسئلن سبب گهوڙاٻاري، ڪيٽي بندر ۽ کاري ڇاڻ جا علائقا خراب صورتحال جا شڪار ٿي چڪا آهن. جنهن سبب وڏي آبادي هنن علائقن کان لڏپلاڻ ڪري وئي آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ماحولياتي ماهر ناصر پنهور چيو ته ڊيلٽا جي علائقي جا رهاڪو مهاڻڪي ڌنڌي سان وابستا آهن پر هن مسئلي ڪارڻ اهي پنهنجو روزگار وڃائي چڪا آهن، جنهن سان غربت جي صورتحال وڌي وئي آهي. غربت سبب غذائي ضرورتون پوريون نٿيون ٿين، جنهن سبب صحت جا مسئلا اڀري رهيا آهن ۽ بيماريون وڌي رهيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڊيلٽا تازي پاڻي سان آباد رهي ٿو پر تازي پاڻي کي زراعت ۾ استعمال ڪرڻ ۽ بجلي جي پيداوار سبب ڊيلٽا تازي پاڻي کان محروم رهي ٿو، جنهن سبب ايڪو سسٽم تي به ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن. ڊاڪٽر محمد علي مانجهي چيو ته سنڌ حڪومت ۽ وفاق کي ملي ڪري هن مسئلي تي ڪم ڪرڻ گهرجي جيئن ڊيلٽا جي تازي پاڻي جي ضرورت کي پورو ڪري سگهجي.
… [Trackback]
[…] Find More on on that Topic: humsari.com/delta-depleting-because-of-low-freshwater/ […]
… [Trackback]
[…] Info on that Topic: humsari.com/delta-depleting-because-of-low-freshwater/ […]
… [Trackback]
[…] There you can find 91115 additional Information on that Topic: humsari.com/delta-depleting-because-of-low-freshwater/ […]
… [Trackback]
[…] Here you will find 28090 more Info on that Topic: humsari.com/delta-depleting-because-of-low-freshwater/ […]