گل محمد سومرو ۽ سندس شاعري
هۡن جو اولاد مون سان گڏ پرائمري ۾ پڙهيو هو، جنهن ۾ سندس هڪ نياڻي ۽ فرزند اسد گل سومرو شامل هئا. مونکي اهو ڪڏهن تصور ۾ به نه هو ته عۡمر جي ايتري فرق ۽ وڇوٽي سبب هم عۡمر نه هوندي به اسان ڪو ادبي دنيا ۾ همعصر بڻجي وينداسين. جڏهن اسان قومپرست سياست جي نظرياتي مورچي تي انتهائي سرگرم هئاسين ته سياسي جلسن ۾ سندس شرڪت کي پابندي سان محسوس ڪندا ۽ ڏسندا هئاسين، ڇاڪاڻ جو سندس رهائشي علائقو پيپلز ڪالوني هر طرح جي سياست جو مرڪز هو، وفاق پرستن کان وٺي مذهبي تنظيمن ۽ قومپرستن تائين اهو علائقو سموري شهر ٽنڊي محمد خان ۾ خاص اهميت جو حامل هو. گهڻو پوءِ مونکي خبر پئي ته هۡو سياسي شعور سميت ادبي ذوق رکندڙ فرد آهي، جنهن وٽ عۡمر جي وڇوٽي جو فرق ڪا به اهميت نٿو رکي. اهو ئي سبب آهي جو اسان بهترين ادبي رفيق ۽ بااعتماد رشتي واري سڳي ۾ سوگها ٿيل آهيون، جتي رۡسڻ جي رتيءَ جو ڪو تصور به ناهي ته وري “جن ريءَ سري نه ساهه” واري وچن مان جند به ڇڏائي نٿا سگهون. اهو موجوده وقت ۾ ٽنڊي محمد خان جو ناميارو سۡگهڙ، مزاح نگار ۽ جاکوڙي ادبي ورڪر گل محمد سومرو آهي، جيڪو 12 نومبر 1953ع تي ضلعي ٺٽي (هاڻوڪي ضلعي سجاول) جي شهر دڙو ۾ پيدا ٿيو، سندس والد جو نالو محمد سليمان سومرو آهي. 1978ع ۾ خاندان سميت لڏي اچي ٽنڊو محمد خان جي پيپلز ڪالوني ۾ رهائش اختيار ڪيائين، پرائمري تعليم مين پرائمري اسڪول دڙو مان حاصل ڪيائين، ذاتي مجبورين سبب وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو، ڪجهه عرصو پرائيويٽ مل ۾ ليبارٽري بواءِ طور نوڪري ڪيائين، سياست جي شروعات دڙي شهر ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي کان ڪيائين، پر ٽنڊو محمد خان ۾ لڏي اچڻ بعد قومي راڳي ٻيجل سنڌي ۽ نواب منصور لغاري سان ڪچهريون ڪرڻ بعد قومپرست سوچ ۽ خيالن جو حامي بڻجي، جيئي سنڌ محاذ جو ميمبر ٿيو. 1992ع ۾ عملي سياست کان ڪناره ڪشي اختيار ڪيائين، پنهنجي ٻچن جي پيٽ گۡذر خاطر سموري حياتي محنت مزدوري کي اهميت ڏنائين. 1994ع ۾ سنڌ نوجوان ترقي پسند تنظيم (سنتپت) جي پليٽ فارم تان سماجي سرگرميون پڻ سرانجام ڏنائين. 2011ع ۾ نامور اديب ۽ دانشور مشڪور ڦلڪارو ۽ رفيق آس لغاري جي صحبت سبب سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو ميمبر ٿيو. شاعري سان گهڻو لڳاءُ اٿس، ڪيترن ئي شاعرن جي شاعري ياد پڻ اٿس. پاڻ ٿوري گهڻي شاعري پڻ ڪئي اٿس، سندس شاعري ۾ مزاح جو بهترين رنگ سمايل آهي. غزل، چوسٽن، ٽيڙو سميت مزاحيه شاعري تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. سندس هڪ مزاحيه ڪلام تمام گهڻو مشهور ٿيو، جنهن ۾ سنڌي ۽ انگريزي قافيي جي آميزش ھئي، ان جو هڪ بند هينئن هو ته:
“محبوب ڏٺم اهڙو ڄڻ هوا ۾ ڪائيٽ،
هٿين پيرين مهندي وڳو پيل هئس وائيٽ”
ان ڪلام کي سوشل ميڊيا تي به تمام گهڻي پذيرائي ملي. طرح تي به شاعري ڪئي اٿس. شاعري ۾ ڪٿي تخلص “گل” ته ڪٿي وري “سومرو” ڪتب آندو اٿس. گهڻا فرد کيس رئيس سڏيندا آهن، ڪي وري چاچا ته ڪي وري ماما پۡڪاريندا اٿس. سندس مواد ڪجهه اخبارن ۽ هزار داستان ۾ ڇپجي چڪو آهي. 6 جون 2014ع تي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو خزانچي چونڊيو ويو. 2015ع کان 2018ع تائين سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر چونڊيو ويو. ان بعد شاخ جو آڊيٽر پڻ رهيو، هن وقت به سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي ڪاروباري ڪميٽي جو سرگرم رۡڪن آهي. سنڌي ادبي سنگت سميت محمد خان غني ادبي تنظيم ۽ عوامي ادبي فورم سان پڻ سلهاڙيل رهيو. ادبي سرگرمين ۾ سندس متحرڪ ڪردار هميشه موثر رهيو آهي. مزاج ۾ ملنساري، عاجزي، نوڙت سميت انتها درجي تائين خوش طبع آهي. لطيفا ۽ ٽوٽڪا به گهڻا برزبان ياد اٿس. ڪچهري جي محفلن جو مور ۽ دل وندرائيندڙ شخصيت جو مالڪ آهي. ذاتي زندگيءَ کان وٺي قومپرست سياست تائين، سماجي شناسائيءَ کان وٺي ادبي دنيا تائين يادگيرين، قصن، ڪهاڻين، ڪٿائن جا ڪيئي داستان سندس من ۾ سانڍيل آهن، جيڪي وقت بوقت مختلف موقعن تي ۽ محفلن ۾ ونڊ ڪندو رهندو آهي. دوستن جي روين تي ڪڏهن به مايوس نه ٿيو آهي، پر هر ڪنهن جي همت افزائي ڪندو رهندو آهي. مسڪيني حال سميت دل جي سخاوت سان سموري سنگت سان نڀائيندو پيو اچي. شال سندس نڀاءَ جو اهو سفر سدا سلامت رهي. ادبي حلقن کان سواءِ سندس ذاتي ۽ سماجي رشتن سان وابسته حلقا سندس شاعري واري ڪرت سان ايترا باخبر ناهن. تنهنڪري سندس شاعري جو چونڊ نمونو پڙهندڙن جي دلچسپي خاطر هيٺ ڏجي ٿو.
غزل
اوهان جي فقط هڪ نظر ٿيو پوي،
مقدر ۾ پنهنجي سحر ٿيو پوي.
اشاري سان ابرُوءَ جي تنهنجي هتي،
زمانو ٿو زير و زبر ٿيو پوي.
ملڻ تنهنجو ماکيءَ مثل ٿو لڳي،
جدائي اسان لئه زهر ٿيو پوي.
نهارين ٿو مُرڪي جڏهن اي پرين!
سهل شاعريءَ جو سفر ٿيو پوي.
محبت تي پردو آ لازم مگر،
زماني کي ليڪن خبر ٿيو پوي.
سڏي قرب مان ڪو اسان کي جتي،
اُتي وقت پنهنجو بَسر ٿيو پوي.
ڏسي حُسنِ يوسف اوهان جو پرين!
پريشان شمس و قمر ٿيو پوي.
مڃون ٿا حياتي مِٺي آ مگر،
مٺا ! زندگي ڀي زهر ٿيو پوي.
ڪرين “گُل” کان ڇو ٿو ڪنارا وري،
چئو ! ڪنهن جو توتي اثر ٿيو پوي.
***
غزل
سبب ڪهڙي مُنهڙو مٽايو وري،
اچي يار جلوو پسايو وري.
رکي سِر اڏيءَ تي ڪٽايو وري،
“اچي عشق مقتل سجايو وري”.
ڪريو جي نوازش اسان تي اگر،
نه ٿا جي اچو پو گهرايو وري.
اوهان جي اچڻ جي خوشيءَ ۾ پرين!
اٿم گهر سڄي کي سجايو وري.
اوهان کان سوا ڪو نه منهنجي سري،
مٺا “گُل” کي ڇو ٿا ستايو وري.
سُڻو ! “سُومرو” ٿو گذارش ڪري،
قدم قرب جا ڪي گهُمايو وري.
***
غزل
ڪيان دل سان هُن لئي دعا ٿو هميشه،
ڪري جيڪو مون سان جفا ٿو هميشه.
اُتم آهي جڳ ۾ سو انسان جيڪو،
ڪري ڪونه ڪنهنجي گلا ٿو هميشه.
ڇڏي ڀل وڃي تنهنکي ساري خدائي،
ڇڏي ڪونه تنهنکي خدا ٿو هميشه.
ڏجي ووٽ تنهنکي ڀلا ڇو هميشه،
ڏئي قوم کي جو ڏٽا ٿو هميشه.
نه گهرجي چمن ۾ سو مالهي اسان کي،
ڏئي گل جي بدران ڪنڊا ٿو هميشه.
مڃان ڇو نه احسان مالڪ جا هردم،
ڪيان تنهن لئي رب جي ثنا ٿو هميشه.
لکي شعر جهانگين ۽ ماروئڙن جا،
ڪري فرض “گُل” هي ادا ٿو هميشه.
***
غزل
ملي جا مُحبت اوهان کان اسان کي،
وڏي مهرباني اوهان جي اسان تي.
هميشه ٿو جن لئه رهي روُح ماندو،
وري شال مارو الا ! مان پَسان سي.
سدائين رقيبن سان گهاري ٿو ليڪن،
گهڙيءَ کن نه آيو اڱڻ تي اسان جي.
ويا جيئن هتان کان ويا لاپتا ٿي،
نه آيو ڪبوتر نه قاصد اسان ڏي.
الاهي! اڃان ڀي رهڻ ڏي اگهائي،
پُڇڻ دوست آيا مگر ڪنهن بهاني.
چوڻ سچ ڀلا “گُل” سئولو ته ناهي،
لڳي “سومرو” ٿو اياڻو اوهان کي!؟
***
چئوسٽا
1. ڪيڏا گهِرا گهاءُ ڏئي ويو ،
سورن جا سوداءُ ڏئي ويو ،
غير سان گڏ هُن جو گهُمڻ ،
اکڙين کي ايذاءُ ڏئي ويو .
2. وسارڻ به چاهين وساري نه سگهندين،
رهي ڌار مون کان گذاري نه سگهندين،
جڏهن ياد ايندي اسان جي اوهان کي،
گهڙي يار هڪڙي به گهاري نه سگهندين.
***
ٽيڙو
1. واقعو آهي سچو،
ڪانءُ پالي پيو،
ڪوئل جو ٻچو.
2. پهرين هُئي خوشبُو،
ويرين ڪئي واٽ تي،
بارود جي بدبوُ.