بلاگنئون

نقاش ولاز فيز ون، قاسم آباد حيدرآباد جا مسئلا حل ڪيا وڃن

جيئن ته اسين نقاش ولاز فيز-1 قاسم آباد حيدرآباد جا رهواسي آهيون. هي ڪالوني گذريل 20 سالن کان وجود ۾ آيل آهي، جنهن ۾ 300 فليٽ/ڪاٽيجز ۽ 3 سئو جي لڳ ڀڳ بنگلا ٺهيل آهن، جن ۾ ڪيترائي خاندان رهائش پذير آهن، ۽ اهي سڀئي خاندان مختلف طريقن سان حڪومت کي سڌا ۽ اڻ سڌا ٽيڪس ادا ڪن ٿا، پر هن ڪالوني جي حالت نهايت ئي ڏکوئيندڙ آهي. هن ڪالوني جو مُک رستو هنڌان هنڌان اُکڙيل آهي، جنهن ڪري 24 ڪلاڪ ڪنهن نه ڪنهن حادثي جو خدشو رهي ٿو، ڇاڪاڻ جو عارف بلڊر هن اسڪيم جو روڊ ٺهرايو ئي نه آهي. هن رستي ۾ ايترا ته کڏا ۽ کوٻا آهن، جيترا شايد ئي ڪنهن رستي ۾ هجن. برساتن جي موسم ۾ هتي اڃان وڌيڪ عذاب هوندو آهي، جو مهينن تائين هتي پاڻي بيٺل هوندو آهي ۽ انهيءَ پاڻي ۾ موٽرسائيڪل جو گذرڻ ڪنهن حادثي کي دعوت ڏيڻ برابر هوندو آهي، نه فقط ايترو، پر اسڪول ويندڙ معصوم ٻارڙا به وڏي مصيبت کي منهن ڏئي پوءِ اسڪول پهچندا آهن، ان کان علاوه هتان جو ڊرينيج سسٽم ته مڪمل ناڪاره بڻجي چڪو آهي، جو 12 ئي مهينا گٽر اٿليل هوندا آهن، ان کان علاوه هتي فليٽن وارين گلين ۾ ٻن سالن کان ٽرانسفارمر لڳايا ويا آهن، پر انهن کي چالو نٿو ڪيو وڃي. اعليٰ اختيارين کي گذارش آهي ته هن ڪالونيءَ جا جيڪي بنيادي ڪم نه ٿي سگهيا آهن، جنهن ۾ (1) روڊ جيڪو اسڪيم ۾ منظور هئڻ باوجود نه ٺاهيو ويو آهي، (2) گلين جا ٽرانسفر اسڪيم ۾ منظور هئڻ باوجود نه هليا آهن، (3) ڊرينيج سسٽم کي هن وقت تائين ڇو نه اپڊيٽ ڪيو ويو آهي. اميد آهي ته انهن مسئلن کي جلد کان جلد حل ڪري نقاش ولاز جي رهواسين کي انهن جون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وينديون.
نقاش ولاز جا رهواسي/حيدرآباد