ايڊيٽوريل

اسرائيلي جارحيت مذمتي بيانن سان ختم نه ٿيندي

اسرائيل جو وحشي پڻو ۽ جارحيتي ڪردار 1948ع کان پوري دنيا جي سامهون آهي، فلسطين ۽ اسرائيل جون ڪيتريون ئي جنگون لڳي چڪيون آهن، پر اسرائيل کي آمريڪا جهڙي طاقتور ملڪ جي حمايت حاصل آهي، انهيءَ ڪري هو فلسطينين سان 1948 کان وٺي اڄ تائين انسانيت سوز ظلم ڪري رهيو آهي. اڄ ڏينهن تائين به فلسطينين مٿان اسرائيلي وحشياڻي جارحيت جاري آهي جنهن جي حمايت آمريڪا ۽ يورپي ملڪن طرفان ختم نه ٿي آهي. هن وقت ۾ اسرائيل طرفان غزه تي ٿيل حملا آور سندس اهڙي ڪردار جو جيڪو بربريت وارو ۽ جارحيت وارو آهي، پوري دنيا ان جو اظهار ڏسي رهي آهي، پر صرف مذمتي بيان ڪڍي ٿي، عملي ڪم جيڪو گهٽ ۾ گهٽ جنگبندي آهي، ڪرڻ جي ڪوشش نه ٿي ڪري. غزه جي پٽيءَ جي ماڻهن جي اها حالت آهي جو اتي هزارين ماڻهو مري چڪا آهن، جنهن ۾ اڌ کان وڌيڪ تعداد معصوم ٻارن ۽ عورتن جو آهي. پوري غزه جي پٽي کنڊر بڻجي چڪي آهي، ورلي عمارتون بچيل آهن، نه ته مٽيءَ جو ڍير بڻجي چڪيون آهن. غزه جي پٽي هڪ زنده دوزخ بڻجي چڪي آهي. غزه جي پٽي جا ماڻهو جن کي کاڌ خوراڪ، پاڻي يا دوائون ملڻ ته پري جي ڳالهه آهي، پر جڏهن هو بمباري ذريعي سندن تباهه ٿيل گهرن مان نڪري ڪيمپن ۾ پناهه وٺن ٿا يا اسپتالن ۾ اجهو ڳولڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، ته اسرائيل اتي به هوائي حملا ڪري انهن کي ماري رهيو آهي. دنيا جا ملڪ ڏيکاءُ لاءِ ڪوششون ڪن ٿا، پر هن وقت تائين صرف جنگبندي ڪرائڻ ۾ به ڪامياب نه ٿي سگهيا آهن. شايد طاقتور ملڪن جي نيت ۾ جنگبندي ڪرائڻ شامل نه آهي ته پوءِ جنگبندي ڇو ٿئي؟ مسلمان ملڪن جو ڪردار پڻ منافقانه آهي، اهو ته ممڪن نه آهي ته هو هٿياربند ٿي اسرائيل سان ويڙهه وڙهن، پر اهو ته ممڪن آهي ته مسلمان ملڪ اسرائيل سان پنهنجا سفارتي تعلقات ٽوڙي ان سان واپاري لاڳاپا ختم ڪن ته جيئن اسرائيل تي دٻاءُ پئجي سگهي ۽ هو جنگبندي طرف وڃي. ان جي باوجود جو ٻارن کي اسپتالن ۾ علاج ملڻ ممڪن نه رهيو آهي، اهي مسلمان ملڪ غزه جي پٽيءَ ۾ امداد پهچائڻ ۾ پڻ ناڪام ويا آهن ته ڇا صرف سندن مذمتي بيانن سان اسرائيل جنگبندي ڪرڻ تي مجبور ٿيندو؟ پوري دنيا جا انسان دوست ماڻهو بنا مذهبي فرق جي، بنا نسلي تعصب جي ان ۾ ڪجهه يهودي به شامل آهن. مطالبو ڪري رهيا آهن ته هڪدم جنگبندي ٿئي، جن جن ماڻهن جون زندگيون اسپتالن ۾ علاج نه ٿيڻ جي صورت ۾ داءَ تي لڳي چڪيون آهن، انهن جو علاج ڪري انهن جون حياتيون بچايون وڃن، پر اهو ته ممڪن نظر ڪونه ٿو اچي، ڇو ته اسپتالن ۾ جنريٽر هلائڻ لاءِ ٻارڻ نه آهي، دوائن جي کوٽ آهي، اتي جيڪي دنيا کان آيل ڊاڪٽرن جون ٽيمون آهن، انهن جون حياتيون پڻ داءُ تي لڳل آهن. سوين رضاڪار پڻ مارجي چڪا آهن. عام ماڻهو ويچارو گٽرن جو گندو پاڻي پيئڻ تي مجبور ٿي ويو آهي. ائين ٿو محسوس ٿئي ته اسين 2023 ۾ نه، پر پٿر جي دور ۾ زنده آهيون جتي صرف هڪ ئي اصول آهي، جنهن وٽ طاقت آهي اهو ڪمزور کي چيڀاٽي، هن وقت اسرائيل اهو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. انسانن کي چيڀاٽي ماري رهيو آهي، ان ۾ ٻڍا، ٻار، عورتون، سڀ شامل آهن ۽ دنيا جا هٿ ٺوڪيا انساني حقن جا چيمپئن خاموش آهن. روز لکين ماڻهو دنيا جي مختلف شهرن ۾ جلوس ڪڍن ٿا ۽ مطالبو ڪن ٿا، پر اسرائيل تي ۽ ان جي حمايتين تي ڪوبه اثر نه ٿو ٿئي ته گهٽ ۾ گهٽ انسانيت جي ناتي اسپتالن ۾ موجود مريضن کي دوائون، کاڌ خوراڪ مهيا ڪئي وڃي، جيڪي ماڻهو ڪيمپن ۾ پناهه وٺي رهيا آهن، انهن جي مٿان هوائي حملا نه ڪيا وڃن، انهن کي ساهه کڻڻ ڏنو وڃي. غزه جي پٽي جو ماڻهو هڪ ته مري رهيو آهي، ٻيو مري چڪو آهي ۽ جيڪو جيئرو آهي، اهو چريو ٿي چڪو آهي، انهن کي امداد جي سخت ضرورت آهي، جيڪا سرحدن تي پڻ موجود آهي، پر اسرائيل جي ظلم جي ڪري انهيءَ کي غزه جي متاثر ماڻهن تائين نه ٿو پهچائي سگهجي. پوري دنيا جي ساڃاهه وندن سان گڏ اسان جو پڻ هي مطالبو آهي ته اسرائيل جا غزه جي پٽي تي ٿيندڙ حملا هڪدم بند ڪيا وڃن ۽ گڏيل قومن جي قانونن مطابق جنگ متاثرن کي مدد فراهم ڪئي وڃي ۽ جنگ جي قانونن جي خلاف ورزي ڪندڙ اسرائيل خلاف قرارداد منظور ڪري کيس جنگي مجرم قرار ڏنو وڃي.