نيب شرجيل ميمڻ کي ڏوهي قرار ڏيئي ڇڏيو
پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو ڪيس هلي رهيو آهي. نيب پاران حساب گهرڻ تي شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو هو ته هن جي سالانه آمدني 28 ڪرڙو 94 لک رپيا آهي. نيب انڪشاف ڪيو آهي ته ايف بي آر مطابق شرجيل انعام جي اصل آمدني هڪ ارب 71 ڪروڙ 53 لک 60 هزار آهي. جڏهن ته اصل ۽ ظاهر ڪيل رقمن ۾ فرق هڪ ارب 42 ڪروڙ 58 لک رپين کان وڌيڪ آهي. نيب مطابق تحقيقات ۾ شرجيل ميمڻ ڪرپشن ۾ ملوث ثابت ٿيو آهي. هن خلاف نيب جي شق سيڪشن 9 اي وي تحت ڪارروائي ڪئي ويندي. نيب جو چوڻ آهي ته شرجيل ميمڻ جا ته دبئي ۾ به اربين رپين جا اثاثا آهن. شرجيل ميمڻ دبئي ۾ ڪيترن ئي فليٽن ۽ ولاز جو مالڪ آهي.

