خاص

بدين ۾ جزوي لاڪ ڊائون ۽ مظاهرا، ڏندو جي ڊاڪٽر کي ڪورونا جي تصديق

سنڌ حڪومت طرفان اعلانيل لاڪ ڊائون جي 29 هين ڏينهن تي بدين شهر جزوي طور بند رهيو، ڪيترائي علائقا کليل رهيا، پوليس ۽ رينجرز جو گشت جاري رهيو. رستن کي قناطون هڻي بند ڪيو ويو. تلهار ڀرسان ڏندو شهر جي هيلٿ سينٽر جي سمورن ملازمن کي ڪورنٽائن ڪيو ويو آهي، متاثر ڊاڪٽر ٽنڊو محمد خان جو رهواسي آهي. شهر جي مختلف علائقن ۾ حڪومت طرفان ورهايل راشن من پسندن کي ڏيڻ خلاف رهواسين احتجاجي مظاهرا ڪيا، ان موقعي تي علي نواز انصاري، اعظم ڪنڀر ۽ ٻين چيو ته امدادي سامان من پسند ماڻهن کي ڏنو پيو وڃي. غريب پورهيت ۽ ڏهاڙي مزدور امداد کان محروم ۽ فاقا ڪشي جو شڪار آهن. ٻئي طرف احساس پروگرام تحت رجسٽرڊ عورتن ۾ 12 هزار رپيا ورهائڻ وارو سلسلو جاري رهيو