آمريڪا ۾ صدارتي چونڊون اڄ ٿينديون، دنيا جي طاقتور شخص جو فيصلو آمريڪي عوام ڪندي
واشنگٽن آمريڪا ۾ صدارتي چونڊون اڄ ٿي رهيون آهن جنهن ۾ دنيا جي سڀني کان وڌيڪ طاقتور شخص جو فيصلو اڄ ڪيو ويندو. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي موڪل ٿيندي يا کيس وڌيڪ 4 سال ملندا ان جو فيصلو اڄ آمريڪي عوام ڪندي. ڊيمو ڪريٽ اميدوار جوبائيڊن ۽ ري پبلڪن اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ جي وچ ۾ اڄ سخت مقابلو ٿيندو. سڄي دنيا نظرون آمريڪا تي ڄمائي ورتيون. 9 ڪروڙ 70 لک کان وڌيڪ ماڻهو پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري چڪا آهن جنهن ۾ ڊيمو ڪريٽ اميدوار جوبائيڊن کي واضح برتري حاصل آهي. تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته 2020 جي آمريڪي چونڊن ۾ 15 کان 16 ڪروڙ آمريڪي شهري پنهنجو حق استعمال ڪندا جيڪو ڪنهن به اڳوڻين چونڊن جي مقابلي ۾ سڀني کان وڌيڪ ٽرن آئوٽ هوندو. واضح رهي ته اڳواٽ ووٽنگ ۾ صدارتي اميدوار جوبائيڊن کي ڊونلڊ ٽرمپ جي مقابلي ۾ 7 رياستن ۾ برتري حاصل آهي. برطانوي اخبار گارجين موجب جوبائيڊن کي فلوريڊا، پينسلوانيا، مشيگن ۽ اتر ڪيرولائينا ۾ ٽرمپ جي مقابلي ۾ برتري حاصل آهي. چونڊ جائزي جي تحت ايري زونا، ويسڪونسن ۽ ايووا ۾ به جوبائيڊن موجوده آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مقابلي ۾ اڳيان آهي.

