خاص

جوهي ڀرسان ڪمال خان ۾ 5 ڳوٺاڻا ٻوڏ جي وهڪري ۾ لڙهي ويا، چئن ڄڻن کي بچايو ويو

جوهي ڀرسان ڪمال خان ۾ 5 ڳوٺاڻا ٻوڏ جي وهڪري ۾ لڙهي ويا، ڳوٺاڻن فوري ڪارروائي ڪندي چئن ڳوٺاڻن کي بچائي ورتو آھي. هڪ ڳوٺاڻو سراج سولنگي لڙهي ويو، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ڳوٺاڻا مينهون ڪاهي وڃي رهيا هئا ته پاڻيءَ جي تيز وهڪري مان گذري نه سگهيا امتياز سولنگي سان گڏ 4 مينهون به لڙهي ويون، انتظاميا ڳوٺاڻي جي ڳولا ۾ مدد نه ڪئي، ڳوٺاڻن موجب علائقي ۾ وڏو پاڻي آھي، انتظاميا ڪي به قدم نه کنيا آھن.