اسرائيلي جارحيت جي مذمت: گڏيل قومون جنگ بندي جي ڀرپور ڪوشش ڪن: پاڪستان
پاڪستان غزه ۾ اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪندي چيو آهي ته گڏيل قومون جنگ بندي جي ڀرپور ڪوشش ڪن. پرڏيهي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ پنهنجي هفتيوار ميڊيا بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان غزه ۾ اسرائيلي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو ۽ گڏيل قومن کان گُهر ڪري ٿو ته فوري طور جنگ بندي لاءِ ڀرپور ڪوششون ورتيون وڃن. زهرا بلوچ چيو آهي ته غزه ۾ شهري آبادين کي نشانو بڻايو ويو، انهن حملن ۾ عورتون ۽ ٻار به شهيد ٿيا، وچ اوڀر ۾ امن وقت جي اهم ضرورت آهي، کاڌي جي شين جي پهچ روڪڻ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي. والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن. حريت جماعت تي ڀارتي حڪومت پابنديون لڳائي رهي آهي، ڪشميرين کي مرضي موجب حق خود اراديت ملڻ گهرجي.