وزيراعظم جي صدارت هيٺ قومي رابطا ڪميٽي جو اهم اجلاس اڄ ٿيندو، اهم فيصلن جو امڪان
قومي رابطا ڪميٽي جو اهم اجلاس اڄ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اڄ ٿيندو. جنهن ۾ اهم فيصلن جا امڪان آهن. رپورٽ موجب قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ عالمي وبا قرار ڏنل ڪورونا وائرس جي ٻي لهر جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويندا. ذميوار ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ تعليمي ادارن کي کولي رکڻ يا بند ڪرڻ جي معاملن تي غور ڪيو ويندو. ذريعن ٻڌايو آهي ته منعقد اجلاس ۾ ڪاروباري مرڪزن جي وقت تي به غور ڪيو ويندو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ منعقد قومي رابطا ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ اهم فيصلا ڪيا ويندا. ذريعن ٻڌايو آهي ته اجلاس ۾ شادي هالن ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جا معاملا به غور هيٺ ايندا.

