ڪورونا وائرس سبب هڪ ڏينهن اندر وڌيڪ 14 ڄڻا فوت، 728 نوان ڪيس ظاهر

پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 14 حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون. جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ فوتگين جو مجموعي انگ 181 ٿي ويو آهي. جڏهن ته مختلف شهرن مان 728 نوان ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ تصديق ٿيل مريضن جو انگ 9038 تائين پهچي ويو آهي. خيبر پختونخواهه ۾ 67 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، سنڌ ۾ 61، پنجاب ۾ 42، بلوچستان ۾ 5، جڏهن ته گلگت ۾ 3 ۽ اسلام آباد ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. گذريل ڏينهن خيبر پختونخواهه ۾ 7 مريض فوت ٿيا، سنڌ ۾ 5، پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ هڪ هڪ ڄڻو فوت ٿيو، وڌيڪ 728 ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي آهي، جن ۾ سنڌ مان 230، پنجاب ۾ 390، خيبر پختونخواهه ۾ 98 ۽ اسلام آباد ۾ 10 نوان مريض سامهون آيا جنهن کانپوءِ متاثرن جو انگ 9038 ٿي ويو آهي
