مسجدن، صنعتن ۽ دڪانن لاءِ ايس او پيز تي عمل جون هدايتون جاري

وڏي وزير مسجدن، صنعتن ۽ دڪانن لاءِ ايس او پيز تي عمل جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. ان حوالي سان ڪالهه وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت ۾ سمورن ڊويزنل ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن جو اجلاس سي ايم هائوس ڪراچي ۾ ٿيو، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز علي شاهه، صلاحڪار مرتضيٰ وهاب ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير هر ضلعي جي ڊي سي کان سندس ضلعي ۾ ڪورونا مريضن جو تعداد ۽ ٽيسٽ سهولتن بابت معلومات ورتي. ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته لياري ۾ تمام گهڻا ڪيس ظاهر ٿيا آهن ۽ ڪراچي جي ضلعي سينٽرل ۾ به ڪيس وڌي رهيا آهن. وڏي وزير متعلقه ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته جن علائقن ۾ ڪورونا جا ڪيس وڌن پيا، انهن کي ڪنٽرول ڪيو وڃي، سمورا ڊي سي منصوبا بندي ڪري ٽيسٽنگ شروع ڪرائين، هن چيو ته ماڻهن کي ماسڪ پائڻ جي به هدايت ڪريو ۽ مسجدن ۾ با جماعت نماز ٿيندي پر ايس او پيز تي لازمي عمل ڪرايو وڃي
