سرفراز خان جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو کيس بک به ڏاڍي لڳي هئي، پر هو ڌيان سان سيٺ عثمان جي پٽ جا بوٽ پالش سان چمڪائي رهيو هو، سيٺ جي پٽ عادت مطابق کانئس وڏي محنت سان بوٽ چمڪارائي کيسي ۾ هٿ وجهي خالي هٿ ٻاهر آندو ۽ کيس اشاري سان چيائين ته پئسا کليا ڪونهن ۽ مُرڪندو اڳيان هليو ويو ۽ بلڪل ايئن جيئن اسان وٽ ماڻهو ميوو وٺڻ مهل گاڏي تان ٿورو چکي ۽ پوءِ بنا وٺڻ جي هليا ويندا آهن، ويچاري گاڏي واري جو منهن جو پنو ئي لهي ويندو آهي، پر ڇا ڪري مٺي به ماٺ ته مٺي به ماٺ وانگر چپ هوندو آهي، ان ريت ڪيترائي ماڻهو صبح کان چک چکان ڪري سندس ميوو کائي پيا ويندا آهن. جيڪڏهن ميوي وارو ڪجهه چوندو آهي ته نڪَ جا پڪا ٿي پيا مُرڪندا آهن، پر سرفراز خان چپ رهي ڪو نه سگهيو هيءُ جوان پٺاڻ سيٺ جي پٽ عدنان کان پئسا گهرڻ لڳو ۽ چيائين ته، “مون ته توهان جا بوٽ محنت سان پالش ڪيا آهن، منهنجي مزوري ڏيو، ۽ سندس هٿ جهليائين هن به ڌِڪو ڏئي ڪيرائي ڇڏيس”
سيٺ عثمان پري کان اهو منظر ڏٺو پئي کيس آواز پڻ صحيح پئي آيو، هن سڄي ڳالهه سمجهي، ويجهو اچي پنهنجي پٽ کي زوردار ٿڦڙ هنيائين جو هو پريشان ٿي ويو. سرفراز گهٻرائجي پنهنجا لڙڪ اگهي وڃڻ لڳو، سيٺ عثمان کيس سڏ ڪري روڪي ۽ ڇٻر تي ٻاهر پيل ڪرسين مان هڪ تي کيس ويهڻ جي صلاح ڪئي ۽ پنهنجي پٽ عدنان کي به ويهڻ لاءِ چيائين ٻنهي ڇوڪرن لاءِ اها عجيب ڳالهه هئي، پر ٻئي خاموش ٿي ويهي رهيا.
سيٺ عثمان چوڻ لڳو، “چاليهه سال اڳ هڪ خطرناڪ زلزلي جي تباهيءَ ۾ منهنجا ماءُ پيءُ فوت ٿي ويا. ان وقت آئون ننڍو هئس پنهنجي هڪ مائيٽ سان گڏ هن ڪراچي شهر ۾ آيس، هيءُ ته هڪ مهربان شهر آهي، جنهن الائي ڪيترن کي پناهه ڏني آهي، آئون بلڪل اڪيلو هئس ڪراچيءَ ۾ اچي مون بوٽ پالش ڪرڻ شروع ڪيا، ڪيترن مشڪلاتن کي منهن ڏنم. ڪيترا ڏينهن بکيو وقت ڪٽيندو هئس، روڊن جي فٽ پاٿن تي سُتس. مون جيترا ڪيترائي ڇوڪرا مون خيرات گهرندي ۽ پئسا پنندي ڏٺا، پر منهنجي ضمير مون کي هميشه محنت جو سمجهايو ۽ محنت کي ترجيح ڏيندي آئون ماڻهن جي بوٽن کي تمام دل سان چمڪائيندو هئس ۽ سهڻو بڻائيندو هئس. مون کي مزوريءَ سان گڏ ڪڏهن ڪڏهن خوش ٿي اهي وڌيڪ خرچي به ڏيندا هئا. رات جو منهنجي ٻانهن ۾ ڏاڍو سور ٿيندو هو، پر آئون ٻئي ڏينهن جي محنت لاءِ خود کي تيار ڪندو هئس، انهيءَ اميد تي ته انشاءَ الله منهنجا سٺا ڏينهن ضرور ايندا. اسين ننڍا لاوارث ڇوڪرا هڪ چمڙي جي ڪارخاني جي شيڊ هيٺ سمهندا هئاسين. جنهن جو مالڪ به محنتي هو ۽ اسان جي محنت ڏسي وڌيڪ همٿائيندو هو ۽ کاڌو به کارائيندو هو.
هڪ ڏينهن مالڪ مون کي چيو، “منهنجي مينيجر جي طبيعت ٺيڪ ڪونهي تون بينڪ ۾ پئسا جمع ڪرائي اچ” آئون ڊرائيور سان گڏجي بينڪ ۾ پئسا رکائي رسيد کڻي آيس، منهنجي عادت هئي ته آئون ڪم پڪو اصول وارو ۽ ثبوت سميت صحيح ڪندو هئس ٻه درجا پڙهيل به هئس، ڪجهه تعليم هتي به هڪ سال ورتي سو بينڪ جو ڪم مالڪ مون کي ڏئي ڇڏيو، مينيجر ڪارخاني جي ئي ڪمري ۾ ويٺو هوندو هو، پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ کيس فالج ٿيو ۽ هو وفات ڪري ويو. هاڻي مالڪ مون کي مينيجر ڪري ڇڏيو ۽ آهستي آهستي مون تي گهڻو اعتبار ڪرڻ لڳو، مون ڊرائيونگ به سکي ورتي، هڪ ڏينهن مالڪ مون کي تمام پريشان لڳو.
زور ڀري پڇيومانس تڏهن ٻڌايائين مٿس بينڪ جو ڪجهه قرض آهي، پر ان کان وڌيڪ انهيءَ قرض جو وياج وڌي ويو آهي. اڄ آخري تاريخ آهي جيڪڏهن بينڪ ۾ اهي پئسا ادا نه ڪبا ته پوءِ ٿوري وقت ۾ هو ڪارخاني کي ضبط ڪندا. منهنجي عادت هئي ته آئون تمام محدود خرچ ڪندي گهڻو پئسو بچائي رکندو هئس منهنجي ايڏي حيثيت ڪونه هئي جو مالڪ جو قرض لاهيان، پر ڪيترن سالن جو بچيل پئسو ايترو ئي گڏ ٿي ويو هو جيترو مالڪ تي قرض هو. مون دل وڏي ڪري کين پنهنجا پئسا ڏيڻ جي آڇ ڪئي. پهرين ته هن جواب ڏنو سندس خودداريءَ اهو قبول نٿي ڪيو ته هڪ نوڪر کان پئسا کڻي اوڌر لاهي، پر پوءِ منهنجي گهڻي اصرار تي هن اهي پئسا قبول ڪيا ۽ مون سان ئي گڏ بينڪ هلي قرض مان خود کي آجو ڪيائين.
توهان يقين ڪريو ته اهو پڻ منهنجي حياتيءَ جو حسين ترين پَل هو، وقت گذرڻ سان منهنجو مالڪ مون کي بلڪل پنهنجي سڳن ڀائرن جيان ڀانئڻ لڳو، کيس ڪا فئملي ڪا نه هئي. ايتريقدر جڏهن هو گهڻو بيمار ٿيو. هن پنهنجي سڄي جائيداد ۽ هيءُ ڪارخانو منهنجي نالي لکيو، پنهنجي پٽ ڏي نهاريندي سيٺ عثمان چوڻ لڳو ته، “آئون هر سال مقام تي جنهن قبر تي فاتحه پڙهڻ ويندو آهيان، اهو منهنجي محسن منهنجو مالڪ سيٺ غياث الدين خان جي قبر آهي پٽ! عدنان مون ننڍپڻ ۾ بوٽ پالش ڪيا ۽ سرفراز خان به بوٽ پالش ڪري ٿو هڪڙي لحاظ کان اسين ٻئي هم پيشه آهيون” سرفراز خان سيٺ جا لفظ ٻڌي دل ۾ خوشي ۽ فخر محسوس ڪيو ته هو محنت ڪري کائي ٿو ۽ محنت جو صلو الله پاڪ ضرور عطا ڪري ٿو. عدنان کي به ڏک ٿيو ته هن بي سبب سرفراز کي ڌڪ هڻي ڪيرايو. پيءُ جي چوڻ تي کانئس معافي گهريائين. اڄ کيس معلوم ٿيو ته پورهيو ڪوبه سٺو ۽ خراب ڪونه هوندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن به ڪم ۾ محنت ڪجي ته ان جو ميوو ضرور ملي ٿو.