بلاگنئون

ايڊيپس ريڪس يوناني ناٽڪ: پهريون منظر

ايڊيپس؛ جيڪڏهن اوهان جو اهو عرض آهي ته اهو ضرور پورو ٿيندو، پر هاڻي جيڪو مان ان واقعي جي حوالي سان پڇان ته مون کي درست نموني سان سڄي خبر ٻڌائجو ته جيئن اوهان جي هن مصيبت جي وقت سهڪار ڪئي وڃي. ان کان پهرين مون کي بادشاهه سلامت جي قتل وغيره جي باري ۾ ڪابه خبر نه هئي، پر بنا ڪنهن سراغ جي مان قاتل جو پتو ڪيئن معلوم ڪندس؟ اڄ مان اوهان سڀني سان هڪ واعدو ڪريان ٿو ته بادشاهه جي قتل کانپوءِ جيڪڏهن ڪوبه ٿيبس جو شهري چپ آهي ۽ جيڪڏهن انهيءَ کي بادشاهه جي قتل جي خبر آهي ۽ هو اڃان تائين خاموش آهي ته هو شرافت سان مون کي ٻڌائي ۽ ان کي ڪجهه به نه ٿيندو ۽ جنهن کي به خبر آهي هو ايمانداري سان اڳتي هليو اچي مان واعدو ڪريان ٿو ته ان کي عزت سان نيڪالي ڏينداسون. مان وڌيڪ چوندس ته جيڪڏهن اوهان مان ڪو اهو ڄاڻي ٿو ته قاتل ڪو پرڏيهي هو ته ان شخص کي به خاموش رهڻ جي ضرورت ناهي، پر ويتر جيڪو مون کي اهو راز ٻڌائيندو ته مان ان کي گهڻو انعام اڪرام ڏيندس، پر جيڪڏهن ڪوبه شخص اهو راز ڄاڻي ٿو ۽ پنهنجو پاڻ يا پنهنجي دوست کي بچائڻ چاهي ٿو ته مان ايڊيپس بادشاهه جي حيثيت سان اعلان ڪريان ٿو ته ان شخص سان ڪوبه رابطو ۽ واسطو نه رکندو ۽ ان ماڻهو کي ڪنهن به سماجي ۽ مذهبي گڏجاڻي ۾ شامل ٿيڻ جي ڪابه اجازت نه هوندي. مان اهو به چوندس ته اهڙي ڪتي کي ڪٿي به پناهه نه ڏني وڃي جنهن پوري شهر کي انهيءَ وبا جي چنبي ۾ وڌو آهي، مان جيڪو ڪجهه به چئي رهيو آهيان اهو اوريڪل (نبي) ڪرڻ لاءِ چيو آهي ۽ انهيءَ جي مشوري تي ئي مان عملدرآمد ڪرائي رهيو آهيان. مان انهيءَ قاتل تي لعنت وجهان ٿو چاهي اهو چورن وانگي لڪي رهيو آهي، چاهي هو اسان مان کڻي ڇو نه هجي، پر اهو تمام جلد ڪتي وارو موت مرندو. جيڪڏهن اهو ڏوهاري منهنجي پناهه مان نڪتو يا چاهي منهنجي خاندان مان نڪتو ته مان پاڻ تي به لعنت ڪندس ۽ کيس اها ئي سزا ڏيندس جيڪا حقيقي مجرم کي ڏيڻ گهرجي. مون کي يقين آهي ته اوهان سزا ٻڌي چڪا آهيو. هاڻي انهيءَ مسئلي کي جلدي تڪميل تائين پهچائڻ منهنجو حقيقي فرض آهي. اپولو (خدا) جو حڪم پڻ آهي ته مان هن شهر کي تحفظ ڏيان. جيڪڏهن اوريڪل اهو نه به چئي ها ته انهيءَ خوني ڪتي کي سزا ڏيو ته مان پاڻ پوءِ به هن کي ذاتي طور واصل جهنم ڪيان ها ڇو نه ڪيان ها ان هڪ عظيم بادشاهه کي قتل ڪيو آهي.

پر هاڻي ته مان نه رڳو مرحوم بادشاهه جي جڳهه تي ويٺو آهيان بلڪه مون هن جي زال سان شادي پڻ ڪئي آهي ۽ ان جي خاندان جو پڻ وڏو آهيان هاڻي ذميوارين جو وزن ڪافي وڌي ويو آهي. مان هاڻي انهيءَ عهدي تي فائز آهيان جتي بادشاهه جي پٽ يا ان جي وارث کي فائز ٿيڻو هو. مان بادشاهه جي قتل جو انتقام وٺڻ لاءِ مجبور آهيان ۽ مان پنهنجي فرض کان لنوائي نٿو سگهان بادشاهه (لائيس) جا وڏا ڇا سوچيندا. مان وفادار شهرين جو ٿورائتو رهندس جيڪڏهن ان معامري ۾ هو مون سان سهڪار ڪندا. مان انصاف لاءِ دعاڳو آهيان ۽ پنهنجي آفاقي خدا کي سلام ڪيان ٿو.

ڪوراگوز (ماڻهن جو ترجمان)؛ مان قسم کڻان ته مون باشاهه سلامت جو قتل ناهي ڪيو، بلڪه مون کي انهيءَ جي باري ۾ ڪابه خبر ڪونهي، پر مون کي هڪڙي ڳالهه تي تعجب آهي ته اوريڪل رڳو اسان کي اهو ٻڌايو ته قاتل کي وڃي ڳوليو، پر اهو هرگز نه ٻڌايائين ته ڪٿي وڃي ڳولجي؟

ايڊيپس؛ اهو هڪ سٺو سوال آهي، پر اسان خدائن کي دٻائي ته نٿا سگهون انهن کي جيترو ڪرڻو هو انهن اهو ڪيو.

ڪوراگوز؛ اسان وٽ صرف هڪ رستو عمل ڪرڻ لاءِ آهي.

ايڊيپس؛ اهو ڪهڙو رستو آهي؟ مون کي ضرور ٻڌائي چاهي تنهنجي نظر ۾ خاص نه هجي.

ڪوراگوز؛ جيئن ته اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته ٽائريسياس ئي اهو ماڻهو آهي جنهن سان اپولو (خدا) رازن ۽ ڳجهن جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪري ٿو ۽ ان معاملي ۾ ٽائريسياس اسان جي ضرور مدد ڪندو.

ايڊيپس؛ مون سويري ئي ٽائريسياس وٽ ماڻهو موڪلي ڇڏيو آهي جيڏي مهل اها خبر ڪرييون اوريڪل کان آندي، پر هي وڏو اتفاق آهي ته هو همراهه ٽائريسياس کان اڃان تائين موٽيو ناهي.

ڪوراگوز؛ پر مان اهو ٿو سوچيان ته بادشاهه جي قتل واري خبر پراڻي ۽ سراسر ڪوڙي آهي.

ايڊيپس؛ ڪهڙي پراڻي خبر ڪوڙي آهي مون کي جلدي ٻڌائي، مان هن مسئلي جي حوالي سان هر ڳالهه ۾ دلچسپي رکان ٿو.

ڪوراگوز؛ اها خبر ته بادشاهه کي ڌاڙيلن قتل ڪيو هو.

ايڊيپس؛ مان ڄاڻان ٿو، پر ان واقعي جو ڪوبه شاهد موجود ناهي.

ڪوراگوز؛ جيڪڏهن اهو قاتل لعنتن کان ڀڄي به ويو، پر  مان اهو يقين سان چوان ٿو ته اوهان جي لعنت ان کي ٻرِ مان ٻاهر گِهلي ايندي.

ايڊيپس؛ ايئن هرگز ناهي جيڪو ماڻهو بادشاهه جي قتل ڪرڻ کان ڪونه ڊنو اهو وري لعنتن کان ڇا ڊڄندو. ان موقعي تي ٽائريسياس (نابين) کي هڪ ملازم ڇوڪرو وٺي اچي ٿو.

ڪوراگوز؛ پر هتي صرف هڪڙو ماڻهو آهي جيڪو قاتل کي زمين جي تهه مان به ڳولي ڪڍِي ايندو اهو شخص هڪ پاڪ ۽ پهتل بزرگ آهي جنهن جو ڪم مستقبل جي حالتن کان واقف ڪرڻ  آهي ۽ ان جو نالو ٽائريسياس آهي، هي سچ ۽ ڄاڻ ٻڌائڻ لاءِ ئي پيدا ٿيو آهي.

ايڊيپس؛ ٽائريسياس ڏانهن مخاطب ٿيندي چيو، اي بزرگوار تون زمين، آسمان، جهنم، جنت جا راز ڄاڻين ٿو، باوجود ان جي ته تون انڌو آهين، پر تون ملڪ جي موجوده صورتحال کان بلڪل به واقف آهين ته پورو شهر موت جي هنج ۾ آهي اي اسان جا مالڪ (ٽائريسياس) اسان کي هن گهڙي مان ٻاهر ڪڍ ۽ اسان کي تحفظ فراهم ڪر.

پر شايد اوهان کي خبر هجي ته اسان پنهنجو قاصد اپولو (خدا) وٽ موڪليو هو ۽ ان اهو چيو ته طاعون تڏهن ختم ٿيندي جڏهن اوهان بادشاهه (لائيس) جي قاتل کي ڳولي موت جي سزا يا ان کي جلاوطن ڪيو. ڇا اوهان ڪو اهڙو طريقو ٻڌائيندو جنهن جي ڪري اسان کي هن موتمار وبا مان ڇوٽڪارو ملي وڃي؟ اسان هن معاملي ۾ توتي يقين رکون ٿا، انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ڏکئي وقت ۾ ٻين جي مدد ڪندڙ ئي حقيقي انسان هوندو آهي.

ٽائريسياس؛ ڪڏهن ڪڏهن سچ جو پيڇو ڪرڻ به خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. مون کي لڳي ٿو ته مون کي هتي نه اچڻ گهرجي ها.

ايڊيپس؛ اوهان کي ڪهڙي ڳڻتي آهي؟ اوهان جون اکيون ٺريِ ڇو ويون آهن.

ٽائريسياس؛ بس مون کي پنهنجي گهر وڃڻ ڏنو وڃي، هر ڪنهن کي پنهنجي تقدير جو پاڻ مقابلو ڪرڻ کپي، اها ئي هڪ بهترين صلاح آهي.

ايڊيپس؛ جيڪو به اوهان چيو آهي اهو سراسر مايوس ڪندڙ ۽ غير اخلاقي آهي اوهان جو پنهنجو اباڻو وطن اوهان مان اها اميد هرگز نٿو رکي. مهرباني ڪري سچ کي نه لڪائي جنهن جي باري ۾ اوهان ڄاڻو ٿا.

ٽائريسياس؛ جنهن ڳالهه تي اوهان زور ڏئي رهيا آهيو اها عقلمندي ۽ وقت جي مطابق ناهي، سو مان به عقلمند ٿيڻ کي ترجيح ڏيندس.

ايڊيپس؛ خدا جي واسطي اسان سڀ توهان کي عرض ڪريون ٿا ته اسان کي سچ ٻڌائي ۽ اسان جي مدد ڪر.

ٽائريسياس؛ توهان سڀ گهٽ فهم وارا آهيو، هي معمولي ڳالهه ناهي هي هڪ اذيتناڪ سچ آهي، هي سچ جيترو مون لاءِ تڪليف ڏيندڙ آهي ان کان وڌيڪ تو لاءِ هاڃيڪار آهي.

ايڊيپس؛ ڇا تون سچ جي باري ۾ ڄاڻين ٿو؟ ۽ تون اسان کي نه ٻڌائيندين؟

ٽائريسياس؛ اهو سچ تو لاءِ ۽ مون لاءِ هڪ وڏو قهر ثابت ٿيندو جيڪڏهن مان ان کي ظاهر ڪريان ته؟ انهيءَ جي باوجود به تون مسلسل پڇڻ جي ڪوشش ڇو پيو ڪرين؟ تون مون کي اهو راز ظاهر ڪرڻ لاءِ ڌمڪائي نٿو سگهين.

ايڊيپس؛ اي بزرگ تون هڪ سنگدل انسان آهين. تنهنجو انڪار هاڻي ناقابل برداشت ٿي چڪو آهي، هاڻي سچ کي ظاهر ڪر ڇا تنهنجي عوام سان ڪابه همدردي ڪانهي.

ٽائريسياس؛ تون مون کي بي رحم سمجهين ٿو، منهنجي خواهش آهي ته تون پنهنجي حقيقت ته ڏس، تون مون کان وڌيڪ ظالم آهين.

ايڊيپس؛ اوهان سان ڪير به ناراض نه ٿيندو اهو مون بادشاهه جو واعدو آهي.

ٽائريسياس؛ سچ کي نيٺ ته نروار ٿيڻو آهي پوءِ چاهي مان ڳالهايان يا نه ڳالهايان.

ايڊيپس؛ چڱو، هاڻي سچ کي ظاهر ته ٿيڻو آهي، پر هاڻي ڪيئن به ڪري مان سچ توکان ئي پڇندس.

ٽائريسياس؛ نه، مان هاڻي ڪجهه به وڌيڪ نه چوندس ۽ انهيءَ ۾ ناراض ٿيڻ جي ڪابه ضرورت ناهي، مان ڪيڏانهن به نه چرندس.

ايڊيپس؛ مان ڪاوڙ ڇو نه ڪريان؟ مان سمجهان ٿو ته بادشاهه کي قتل ڪرڻ ۾ تنهنجو ئي هٿ آهي ۽ تو ئي اهو ڪم ڪيو آهي. جيڪڏهن اوهان کي اکيون هجن ها ته مان ضرور اهو چوان ها ته بادشاهه کي اوهان پنهنجن ئي هٿن سان قتل ڪيو هو.

ٽائريسياس؛ پوءِ هاڻي سچ ٻڌڻ جي سگهه رکجو، بادشاهه جو قاتل ۽ هن شهر جي اهڙي حالت جو اصل ذميوار توهان ئي آهيو. هاڻي فيصلي تي قائم رهجو ۽ پنهنجي پاڻ کي سزا ڏيو ۽ هاڻي ڪنهن کان به قتل جو نه پڇجو.

ايڊيپس؛ توهان جي ڪهڙي مجال جو مون تي الزام ٿا مڙهيو، توهان مطلب اهو چئي پنهنجو بار مون تي ٿا وجهو ۽ پاڻ انهيءَ سنگين گناهه کان بچڻ ٿا چاهيو.

ٽائريسياس؛ منهنجي ايمانداري ئي مون کي بچائيندي، جيئن پهرين کان وٺي بچائيندي ٿي اچي.

ايڊيپس؛ تون ايڏو بي شرم ڇو آهين؟

ٽائريسياس؛ اهو تون ئي آهين جنهن ڪري مان بي شرم ٿيو آهيان، اهو ئي منهنجو حياءُ هو جنهن جي ڪري مان مسلسل خاموش رهيس.

ايڊيپس؛ ڪهڙي ڳالهه تي تون خاموش رهيو آهين؟ مون کي وري ٻيهر صاف لفظن ۾ ٻڌائي.

ٽائريسياس؛ ڇا مون اوهان کي قاتل جي باري ۾ صاف نه ٻڌايو آهي؟ تون مون کي اڪسائي رهيو آهين ته جيئن مان اوهان کي ڪجهه وڌيڪ ٻڌايان.

ايڊيپس؛ مان اوهان جي ڳالهه سمجهي نه سگهيس، وري ٻڌائجو.

ٽائريسياس؛ مان اهو ٿو چوان ته اصل قاتل تون آهين.

ايڊيپس؛ تون منهنجي توهين ڪري رهيو آهين ۽ انهيءَ ڪرِيل عمل جي توکي ضرور سزا ملندي.

ٽائريسياس؛ ڇا تون چاهين ٿو ته اڃان تنهنجي وڌيڪ بي عزتي ٿئي؟ ڇا تون پنهنجو پاڻ کي اڃان پريشان ڪرڻ پسند ڪرين ٿو؟

ايڊيپس؛ تون جيڪو به چئي رهيو آهين، سو بلڪل بڪواس ۽ ڪوڙ آهي.

ٽائريسياس؛ مان اهو چئي رهيو آهيان ته تون پنهنجي ٻارن ۽ گهرواري سان هڪ ناجائز تعلق سان رهي رهيو آهين، پر توکي خبر ناهي ته تون ڪهڙو گناهه ڪري رهيو آهين.

ايڊيپس؛ ڇا توکي ايئن لڳي ٿو ته تون مسلسل منهنجي ڪردار ڪشي ڪندو رهندين ۽ مان اهو خاموشي سان ٻڌندو رهندس؟

ٽائريسياس؛ مون کي سچ چوڻ کان دنيا جي ڪابه طاقت نٿي روڪي سگهي ۽ جيڪڏهن سچ ۾ طاقت هوندي ته مون کي سچ بچائيندو.

ايڊيپس؛ سچ ۾ طاقت هوندي آهي، پر انڌي ماڻهو کي ڪهڙي خبر، تون بي حس، بيوقوف ۽ جاهل توکي ان معاملي جي ڪهڙي ڄاڻ.

ٽائريسياس؛ تون جاهل انسان آهين مان نه، جلد ئي هي پورو شهر توتي لعنتون ۽ ملامتون ڪندو جيئن تون هينئر مون تي ڪري رهيو آهين.

ايڊيپس؛ تون پيدائشي طور انڌو آهين، تون مون کي ڇا ڪري سگهندين ۽ بلڪه ٻيو ڪير به مون کي ڪجهه نٿو ڪري سگهي.

ٽائريسياس؛ تون بلڪل درست چئي رهيو آهين ته مان توکي ڪجهه نه ڪري سگهندس، ۽ نه ئي مان تنهنجي تقدير کي ڪجهه ڪري سگهان ٿو پر، اپولو (خدا) هو سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو ۽ هو ضرور ڪندو.

ايڊيپس؛ تون مون کي پهرين اهو واضح ڪري ٻڌائي ته ڇا تون ڪرييون جو ڀاڙي جو چمچو ته ناهين؟

ٽائريسياس؛ ڪرييون مان توکي ڪا تڪليف ٿئي ٿي ڇا؟ تون پنهنجو پاڻ مٿان قيامت آڻڻ وارو آهين.

ايڊيپس؛ اها هڪ حقيقت آهي ته دولت، طاقت ۽ شهرت رکندڙ ماڻهو سان دنيا ساڙ ۽ تعصب ڪري ٿي چاهي اهو ڪو اسان جو گهاٽو دوست کڻي ڇو نه هجي، بادشاهه جي ڪرسي لاءِ ماڻهو مون لاءِ ڪافي زهر پکيڙي رهيا آهن.

اهو ئي سبب آهي ته منهنجو بهترين دوست ۽ قابل اعتماد دوست ڪرييون مون کي مارائڻ لاءِ وجهه ڳولي رهيو آهي ته جيئن مون کي هٽائي ڪري پاڻ بادشاهه جي ڪرسي تي ويهي سگهي.

اهو ڪرييون ئي آهي جنهن هن پوڙهي ڄٽ فقير (ٽائريسياس) کي هتي آندو آهي جيڪو ڪوڙيون ۽ من گهڙت اڳڪٿيون ڪندو آهي. هن کي ڪهڙي خبر جيڪو پوري طرح سان ڏسي به ڪونه ٿو سگهي. تون (ٽائريسياس) ڇا تو ۾ ايتري ڪرامت آهي جو تون هڪدم ماڻهن جي مدد ڪندو ٿو وتين؟ پوءِ ڇو نه اوهان ماڻهن کي انهيءَ راڪاس (سنفنڪس) جي تباهي کان بچايو جڏهن پورو شهر مڪمل خوف جي عالم ۾ هو؟ انهيءَ وقت اوهان جو اهو ڪارو جادو ڪيڏانهن ويو هو انهيءَ وقت صرف مون شهر کي هن عذاب مان ٻاهر ڪڍيو هو ۽ تون اهو سوچي رهيو آهين ته تون مون کي تباهه ڪري ڪرييون جو من پسند شخص ٿيندين جڏهن هو بادشاهه ٿيندو. هاڻي مون کي اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته تون ۽ ڪرييون هڪ وڏي دردناڪ سزا ۾ مبتلا ٿيڻ لاءِ وڃي رهيا آهيو. تون پوڙهو بيوقوف هڪ وڏي سزا ڀوڳڻ لاءِ تيار ٿي وڃ ڇاڪاڻ جو تو بادشاهه جي خلاف سازش ڪئي آهي.

ڪوراگوز؛ ايڊيپس مان ڏسي رهيو آهيان ته تون ۽ ٽائريسياس هڪٻئي لاءِ ڪافي غلط لفظ ڳالهائي رهيا آهيو، توهان کي هڪٻئي تي ڪاوڙ نه ڪرڻ گهرجي، بلڪه اسان کي ته اپولو جي قولن ۽ حڪمن جي فرمانبرداري ڪرڻ گهرجي.

ٽائريسياس؛ مان مڃان ٿو ته تون بادشاهه آهين، پر مان به پنهنجي مرضي جو بادشاهه آهيان جيئن تون بادشاهه آهين، مان تنهنجو نوڪر ناهيان بلڪه اپولو جو تابعدار آهيان ۽ نه ئي وري مون کي ڪرييون جي سهڪار جي ضرورت آهي.

هاڻي مون کي ڌيان سان ٻڌ، تو منهنجي انڌي هجڻ تي چٿرون ڪيون آهن، پر مان ان ڳالهه کي واضح ڪندو هلان ته تو وٽ اکيون هجڻ جي باوجود به تنهنجي نظر ناهي (يعني تون اکيون رکڻ جي باوجود به ڏسڻ کان قاصر آهين). تون اهو نٿو ڏسي سگهين ته تون ڪهڙي واحيات زندگي جي رهيو آهين ۽ توکي اها به خبر ڪونهي ته تون ڪنهن جي گهر ۾ رهي رهيو آهين (مالڪ ٿي ڪري رهي رهيو آهين) ۽ ڪنهن سان رهي رهيو آهين. توکي اها به خبر ڪونهي ته تون پنهنجي دنيا ۽ آخرت وڃائي رهيو آهين ۽ تو ڪيترا ذليل عمل ڪيا آهن. انهن عملن جي توتي ٻيڻي لعنت پوندي ۽ پوري ڪيٿرون وادي تنهنجي رڙين جي آواز ۾ گونجي رهي هوندي ۽ انهيءَ کانپوءِ اوهان کي پنهنجي شادي جي متعلق جهٽڪو لڳندو جڏهن اوهان کي خبر پوندي ته اوهان شادي ڪنهن سان ڪئي آهي. پوءِ تون وري اهي گيت ياد ڪندين جيڪي تنهنجي آمد ۽ تنهنجي غلط فهمي ۾ ٿيل شادي تي ڳايا ويا هئا ۽ جڏهن تون پنهنجي ٻارن جي متعلق ڄاڻندين ۽ پوءِ تنهنجي ڇا ڪيفيت هوندي اهو ڄاڻڻ کانپوءِ تون ڪرييون ۽ مون تي لعنتون وجهندين. مان اوهان کي واضح ڪري ٻڌائي رهيو آهيان ته جيترو صدمو اوهان کي رسندو دنيا ۾ ٻئي ڪنهن شخص کي ڪڏهن به اهڙو صدمو نه رسيو هوندو.

ايڊيپس؛ ڇا مون کي اوهان کان اهي لعنتون ۽ گنديون گاريون ٻڌڻيون پونديون؟ منهنجي اڳيان ٽري وڃ ۽ مان توتي لعنت وجهان ٿو.

ٽائريسياس؛ مان هتي هرگز ڪڏهن به نه اچان ها، جيڪڏهن تون مون کي هتي نه گهرائين ها.

ايڊيپس؛ مون کي اها هرگز خبر نه هئي ته تون هتي بڪواس ڪندين ۽ منهنجو ۽ پنهنجو احمقاڻو مذاق ٺاهيندين.

ٽائريسياس؛ ڪير بيوقوف؟ توهان جا والدين ته اهو چوندا هئا ته مان هڪ عقلمند شخص آهيان.

ايڊيپس؛ تون بار بار منهنجي والدين جو حوالو ڏئي رهيو آهين، چپ ڪر ۽ مون کي صرف اهو ٻڌائي ته منهنجا والدين ڪهڙا ۽ ڪير هئا.

ٽائريسياس؛ توکي اڄ خبر پوندي ته توهان جو پيءُ ڪير هو ۽ اڄ سمجهو ته بس ڪم…

ايڊيپس؛ تنهنجون بيهوده پروليون ۽ تنهنجو ڪارو جادو منهنجي سمجهه کا ٻاهر آهي.

ٽائريسياس؛ تون پرولين ڀڃڻ جي ڪري پنهنجي شهر ۾ مشهور آهين جيئن تو سنفنڪس جي پرولي ڀڳي هئي (…)

ايڊيپس؛ تون انهيءَ ڳالهه جو مذاق بڻائي سگهين ٿو، پر اها حقيقت آهي.

ٽائريسياس؛ جيڪو به مون چيو اهو سڀ سچ آهي، جنهن جي ڪري ئي تنهنجي تباهي ٿي رهي آهي.

ايڊيپس؛ پر مون ته هي شهر سنفنڪس کان بچايو هو.

ٽائريسياس؛ (ملازم ڇوڪري کي مخاطب ٿيندي) چيو هيڏانهن اچ ۽ منهنجي ٻانهن مان پڪڙ ۽ مون کي ٻاهر وٺي هل.

ايڊيپس؛ ڇوڪرا هن کي ٻاهر وٺي وڃ هن اڳ ئي اسان جو مٿو چٽ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسان کي اڪيلو ڇڏي ڏي.

ٽائريسياس؛ مان ضرور ٻاهر ويندس مون کي جيڪو چوڻو هو سو مون چئي ڇڏيو آهي. تون مون کي ڪوبه نقصان نٿو رسائي سگهين. جيڪڏهن اڃان به تون قاتل (لوئيس جو قاتل) کي ٻاهر ڪٿي ڳولهي رهيو آهين ته پوءِ تمام وڏو ذليل انسان آهين ۽ هاڻي ته سڀني کي خبر پئجي چڪي آهي ته قاتل هن شهر جو آهي ۽ جلد ئي قاتل منظر عام تي ايندو. جيتوڻيڪ اها ڳالهه اوهان کي ڪونه وڻندي، هاڻي اهو شخص هڪ فقير کان به بدتر ٿي ويندو، بلڪه هي هينئر بادشاهه ٿيو ويٺو آهي. ساڳئي ئي وقت هي شخص ڪنهن جو پيءُ، ڪنهن جو پٽ ۽ ڪنهن جو مڙس ٿيو ويٺو آهي. اهو هيءُ ڪميڻو انسان آهي جنهن پنهنجي پيءُ کي قتل ڪري پنهنجي ماءُ سان وهانءُ ڪيو، هي سڀ ڪجهه تنهنجي باري ۾ آهي، جيڪڏهن هي ڳالهه ڪوڙي نڪري ته پوءِ مون کي نه مڃجو. انهيءَ گهڙي ڇوڪرو ملازم ٽائريسياس کي ٻاهر وٺي ٿو وڃي ۽ ايڊيپس پنهنجي محل ڏانهن وڃي ٿو.

***