موجوده هلندڙ حڪومت آمريڪا جي هڪ ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي جي رپورٽ مطابق ايندڙ ارڙهن مهينن تائين برقرار رهندي ۽ چيو وڃي ٿو ته ان ايجنسيءَ جا تجزيا، تجويزون ۽ پيشنگويون گهڻو ڪري درست ثابت ٿينديون رهيون آهن. فچ پنهنجي تازي رپورٽ ۾ موجوده حڪومت جي مدي متعلق ڳالهه ڪندي ٻيون به ڳالهيون ڪيون، جن ۾ اها ڳالهه به ٿيل آهي ته هلندڙ مالي سال جي آخر تائين پاڪستان ۾ مهانگائي وڌڻ جي شرح گهٽ ٿي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ جو اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان پاران وياج جي شرح ۾ گهٽتائي جي توقع آهي. فچ پيشنگوئي ڪندي وڌيڪ اهو به چيو آهي ته موجوده حڪومت آءِ ايم ايف سان ملي سڀ ضروري معاشي اصلاحات ڪندي ۽ ان کانپوءِ حڪومت ختم ٿي ته پاڪستان ۾ ٽيڪنوڪريٽ تي مشتمل حڪومت ايندي.
اسان جي مالي ۽ اقتصادي صورتحال کي ڏسندي فچ اها پيشنگوئي ڪئي آهي. انهيءَ سان گڏ لازمي آهي ته ان اسان جي سماجي ۽ سياسي صورتحال به سامهون رکي آهي. مالي ۽ اقتصادي صورتحال بهتري جي طرف وڃي رهي آهي، پر لڳي ٿو ته سماجي ۽ سياسي صورتحال شايد موجوده حڪومت جي قابوءَ ۾ نه رهي ۽ هيءَ حڪومت جيڪا 8 فيبروري 2024ع جي چونڊن جي نتيجي ۾ وجود ۾ آئي آهي. اڳ ۾ ئي تنقيد جي ور چڙهيل آهي ۽ گهڻائي ماڻهو هن موجوده سرڪار جي اهليت مان به مطمئن نه آهن ته اها عام عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪري رهي آهي. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته مشڪل مالي حالتن جي ڪري سرڪار کي سخت مالي قدم کڻڻا پيا آهن، ٽيڪس لڳائڻا پيا آهن اها سرڪار جي مجبوري هئي جو انهيءَ کي آءِ ايم ايف جي نئين پروگرام ڏانهن وڃڻو هو، پر ملڪ جي عام عوام جي ضرورتن جو خيال ته هر حڪومت کي رکڻو آهي ۽ اهو انهيءَ جو فرض آهي. فچ جي پيشنگوئي کانپوءِ ميان شهباز شريف جي سرڪار جي ابتي ڳڻپ شروع ٿي وئي. ان جو مطلب آهي ته 2025ع جي آخر ۾ هيءَ سرڪار نه هوندي ۽ نئين ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جاءِ والاريندي. موجوده حڪومت سخت مالي حالتن ۾ هيءَ بجيٽ پيش ڪئي آهي ۽ فچ جي پيشنگوئي مطابق شايد مالي سال 24-2025 هن حڪومت جي آخري بجيٽ هوندي. اسين جمهوريت پسندن سان گڏ آهيون ۽ جمهوريت جا حمايتي آهيون. اسين سمجهون ٿا ته موجوده حڪومت پنهنجي آئيني مدت پوري ڪري. يعني کيس مليل پنج سال حڪومت جو اختيار قائم رهڻ گهرجي. 1990ع واري ڏهائي ۾ اسان چار حڪومتون ڏٺيون، ٻه محترمه بينظير ڀٽو جي وزيراعظم جي حيثيت ۾ ۽ ٻه ميان نواز شريف جي وزيراعظم جي حيثيت ۾ ۽ ان کانپوءِ پاڪستان وري هڪ طويل مارشل لا جو دور ڏٺو. ان ڪري اسين ان خيال جا آهيون ته موجوده سرڪار پنهنجي پنج سال پورا ڪري. اسين هتي وري هڪ ٻئي اداري جي رپورٽ تي نظر وجهون ٿا جنهن ۾ ايشيائي ترقياتي بينڪ چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت ۾ ملڪي ۽ بين الاقوامي قرضن ۾ گهٽتائي ايندي ۽ اهي 7 سيڪڙو گهٽبا. اها به موجوده حڪومت جي ڪارڪردگي چئبي ته اها قرضن جي مقدار کي گهٽائي رهي آهي. ايشيائي ترقياتي بينڪ جي “ايشين ڊولپمينٽ آئوٽ رپورٽ” جي مطابق گذريل سال معاشي ترقيءَ ۾ زراعت اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو مان گهٽجي 11.8 سيڪڙو تائين پهتي آهي. گذريل نگران سرڪار ۽ موجوده حڪومت کي اهو جس ڏئي سگهجي ٿو ته اهي زراعت جي ترقيءَ لاءِ آبادگار سان گڏ بيٺيون رهيون آهن. انهيءَ ڪري اسان جو ملڪ سارين کان وٺي کنڊ تائين ايڪسپورٽ ڪري رهيو آهي ۽ نتيجي ۾ بين الاقوامي ناڻو ڪمائي رهيو آهي، جنهن جي اسان جي ملڪ کي ضرورت آهي. ايشيائي ترقياتي بينڪ جي مطابق گذريل مالي سال ۾ پاڪستان جي، جي ڊي پي 2.4 سيڪڙو رهي ۽ ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح گهٽ ٿي.
اسين سمجهون ٿا ته موجوده سرڪار کي جنهن جون مالي ۽ معاشي پاليسيون بهتر آهن ۽ انهيءَ کي تسلسل سان پنهنجو مدو پورو ڪرڻ گهرجي. اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته معاشي مالي ۽ معاشرتي پاليسين جو تسلسل ڪنهن به ملڪ ۽ سماج لاءِ ضروري آهي. هڪ جمهوريت پسند جي ناتي ۽ ملڪ جي بهتري لاءِ جاري معاشي پاليسين جي تسلسل کي ضروري سمجهندي اسين موجوده حڪومت جي پنج سالا دور جي توقع ڪريون ٿا ۽ اها اميد ڪريون ٿا ته ان اداري جي پيشنگوئي کي اسان جي حڪومت غلط ثابت ڪندي پنهنجن خرچن کي گهٽائيندي ۽ ارڙهين ترميم کانپوءِ جن وزارتن جي وفاق کي ضرورت ناهي انهن جو بوجهه پنهنجن ڪلهن تان لاهي عوام جي بوجهه کي هلڪو ڪندي ۽ پنهنجي مثبت پاليسين جي ڪري معاشيات جي پٽڙيءَ تان لٿل گاڏيءَ کي ڪاميابي سان واپس پنهنجي ٽريڪ تي چاڙهيندي. نوان تجربا ڪرڻ کان بهتر آهي ته موجوده حڪومت کي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪري پنج سال پورا ڪرڻ گهرجن جيئن ملڪ ۽ عوام جي ڀلائي ٿي سگهي.