وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف حيدرآباد- سکر موٽروي تي سنڌ سرڪار جي موقف کي جائز قرار ڏنو آهي ۽ اهو چيو آهي ته سکر حيدرآباد موٽروي جي تعمير جلد شروع ڪنداسين. وزيراعظم وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه کي جوابي خط ۾ يقين ڏياريو آهي ته موٽروي جي تعمير جلد شروع ٿيندي ۽ سنڌ سرڪار جو موقف صحيح آهي. سنڌ جي وڏي وزير، وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف کي خط لکي حيدرآباد ۽ سکر موٽروي جي تعمير جي اهميت کان آگاهه ڪيو هو، انهيءَ ۾ اهو به چيو هو ته موٽروي جي تعمير ملڪ جي ترقي لاءِ گهڻي اهم ۽ ضروري آهي. وزيراعظم سنڌ اهو به چيو ته حيدرآباد- سکر موٽروي جي سهولت نه هجڻ ڪري ٽريفڪ جي رواني ۾ ڏکيائي پيدا ٿي وئي آهي.
اها ڳالهه حقيقي آهي ته ڪراچيءَ کان پشاور تائين ويندڙ مسافر ۽ سامان ۽ ڪراچي ڏانهن ايندڙ سڄي ملڪ جا مسافر ۽ سامان جي اچ وڃ روڊ رستي ٿئي ٿي. پاڪستان ۾ مسافرن ۽ سامان جي اچ وڃ لاءِ موٽروي ٺهيل آهن. حيدرآباد- سکر موٽروي جي گهڻي وقت کان ضرورت آهي، ڇاڪاڻ جو سڄي ملڪ مان ايندڙ ۽ ويندڙ ٽريفڪ لاءِ حيدرآباد- سکر موٽروي جي ضرورت آهي، انهيءَ موٽروي جي نه هجڻ جي ڪري ٽريفڪ جون ڏکيايون آهن، جن جو ذڪر سنڌ جي وزير اعليٰ پنهنجي خط ۾ وزيراعظم سان ڪيو آهي. وزيراعظم پنهنجي جوابي خط ۾ موٽروي جي تعمير کي يقيني بنائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. هن خط ۾ اهو به چيو آهي ته ذاتي توجهه ۽ دلچسپي سان حيدرآباد- سکر موٽروي جي تعمير جلد شروع ڪنداسين ۽ سنڌ صوبي جو اهو مطالبو جائز آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ سينيٽ جي رٿابندي جي قائمه ڪميٽي حيدرآباد- سکر موٽروي کي جلد شروع ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ته جيستائين حيدرآباد- سکر موٽروي جي تعمير شروع نٿي ٿئي، ان وقت تائين سڀ منصوبا روڪيو ۽ پهرين ايم-6 حيدرآباد- سکر موٽروي جي تعمير شروع ڪيو. وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي سالياني ترقياتي پروگرام ۾ حيدرآباد- سکر موٽروي جي منصوبي کي به شامل ڪري. موٽرويز دراصل سفر جا تيز رفتار ذريعا آهن. اهي اهڙيون شاهراهون هجن ٿيون جن تي ٽريفڪ بنا ڪنهن خلل جي گذري سگهي ٿي. هتي اها ڳالهه ڪرڻ به ضروري آهي ته اسان وٽ سامان ۽ مسافرن لاءِ سفر جو رستو شاهراهون آهن ۽ موٽرويز انهيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. حيدرآباد- سکر موٽروي سڄي ملڪ لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. ڇاڪاڻ جو ڪراچي جي بندرگاهه کان وٺي ملڪ جي سڀني صوبن تائين اچ وڃ لاءِ اها شاهراهه وڏي مددگار ثابت ٿيندي. حيدرآباد- سکر موٽروي جي ٺهڻ سان سڄو ملڪ پشاور کان وٺي ڪراچي تائين موٽرويز جي صورت ۾ ڳنڍجي ويندو. ايم-6 موٽروي جي تعمير ۾ دير ٿي آهي، جيڪا نه ٿيڻ کپندي هئي. سنڌ جي وزيراعليٰ ۽ وزيراعظم جي يقين ڏيارڻ کانپوءِ اسانکي اميد آهي ته حيدرآباد سکر موٽروي ايم-6 جي ٺهڻ کانپوءِ سڄو ملڪ موٽرويز سان ڳنڍجي ويندو. ڪنهن به ملڪ جي ترقيءَ ۾ انهيءَ جي شاهراهن ۽ گذر سفر جي ذريعن جي وڏي اهميت هجي ٿي. اسانجي ملڪ ۾ جيئن ته سفر جي سڄي هلچل روڊ رستي ٿئي ٿي. شاهراهون ملڪ جي ترقي ۽ دفاع لاءِ اهم هجن ٿيون. جڏهن ايم-6 ٺهي ويندو ته سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن تان ٽريفڪ جو بار جهڪو ٿي ويندو ۽ ٽريفڪ جي ڏکيائي جي ڳالهه سنڌ جي وزيراعليٰ پنهنجي خط ۾ وزيراعظم سان به ڪئي آهي.
هتي اسين اها ڳالهه ڪندا هلون ته سنڌ صوبي جي وزيراعليٰ ۽ پاڪستان جي وزيراعظم جي وچ ۾ ايم-6 حيدرآباد- سکر موٽروي جي تعمير تي هم آهنگي آهي ۽ انهن هڪ ٻئي سان ڪيل ڳالهه کي جائز قرار ڏنو آهي. ائين اسين سمجهون ٿا ته ٻين معاملن ۾ به صوبائي حڪومت ۽ وفاقي حڪومت هم خيال آهن. جمهوريت ۽ وفاقي حڪومت جو اهو ئي فائدو آهي جو وفاق ۽ صوبا ملڪ جي ترقي جي عمل ۾ گڏ آهن.