پاڪستان جي اتر اولهه واري علائقي، خاص طور تي اتر وزيرستان، هڪ ڀيرو ٻيهر قومي سلامتي جي بحث جو مرڪز بڻجي ويو آهي، جتي پاڪ-افغان سرحد ويجهو سيڪيورٽي فورسز جي تازي ڪارروائي ۾ 8 دهشتگرد ماريا ويا. آءِ ايس پي آر موجب اهي دهشتگرد مبينا طور تي سرحد پار کان دراندازي جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، جن جو تعلق ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) سان ٻڌايو ويو آهي، جنهن کي رياست ”فتنہ الخوارج“ جي اصطلاح سان سڏي ٿي. هي واقعو رڳو هڪ سيڪيورٽي ڪارروائي نه، پر هڪ وڏي ۽ پيچيده مسئلي جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪو گذريل ڪجهه سالن کان پاڪستان لاءِ سنجيده چئلينج بڻيل آهي. 2021 ۾ طالبان جي افغانستان ۾ واپسي کانپوءِ، سرحدي علائقن ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ نمايان واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي. پاڪستان بار بار افغان عبوري حڪومت کي اهو مطالبو ڪندو رهيو آهي ته پنهنجي سرزمين کي پاڪستان خلاف ڪارروائين لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪيو وڃي، پر زميني حقيقتون ان جي ابتڙ تصوير پيش ڪن ٿيون. اتر وزيرستان ۾ ٿيل هي تازو آپريشن، جنهن ۾ دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ گولابارود به هٿ آيو، اهو ثابت ڪري ٿو ته دهشتگرد عنصر اڃا تائين منظم ۽ فعال آهن. سيڪيورٽي فورسز جي بروقت ۽ پيشاورانه ڪارروائين کي ساراهڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ تہ اهي ملڪ جي سرحدن جي حفاظت لاءِ اڳين مورچن تي بيٺل آهن، پر سوال اهو آهي ته ڇا صرف فوجي ڪارروائيون ئي هن مسئلي جو مستقل حل ٿي سگهن ٿيون؟
حقيقت ۾، دهشتگردي خلاف جنگ رڳو بندوقن سان نه، پر حڪمت عملي، سفارتڪاري ۽ علائقائي تعاون سان کٽي وڃي ٿي. پاڪستان، افغانستان ۽ چين وچ ۾ ٿيل ٽرائيڪا ملاقاتون به ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪن ٿيون ته مسئلي جو حل رڳو عسڪري نه، پر سياسي ۽ سفارتي به آهي. چين جي ڪوشش آهي ته ٻنهي پاڙيسري ملڪن وچ ۾ اعتماد سازي جا قدم کنيا وڃن، جيئن واپار، سرحدي ڪنٽرول ۽ سيڪيورٽي معاملن ۾ بهتري اچي. ان پس منظر ۾، پاڪستان طرفان هلندڙ آپريشن ”عزم استحڪام“ پڻ اهميت رکي ٿو، جنهن جو مقصد ملڪ مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو آهي، پر اهو به واضح آهي ته جيڪڏهن سرحد پار محفوظ پناهگاهون موجود رهنديون، ته اندروني آپريشنن جا نتيجا عارضي ٿي سگهن ٿا. ان ڪري، افغان حڪومت جي ذميواري آهي ته هو عالمي اصولن مطابق پنهنجي سرزمين کي ڪنهن ٻئي ملڪ خلاف استعمال ٿيڻ کان روڪي. ان سان گڏ، اندروني سطح تي به پاڪستان کي پنهنجي پاليسين جو جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي. قبائلي علائقن ۾ ترقي، تعليم، روزگار ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ پڻ انتهاپسندي کي جنم ڏئي ٿي. جيڪڏهن مقامي آبادي کي بهتر زندگي جا موقعا ملن، ته هو دهشتگردن جي اثر کان پري رهي سگهن ٿا.
صدر آصف علي زرداري ۽ وفاقي وزيرن طرفان سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪرڻ سان گڏ افغان حڪومت تي دٻاءُ وڌائڻ به هڪ اهم سفارتي قدم آهي، پر صرف بيانن کان اڳتي وڌي، عملي قدمن جي ضرورت آهي، جيئن سرحدي نگراني، انٽيليجنس شيئرنگ ۽ گڏيل آپريشنن تي غور ڪيو وڃي. آخرڪار، اتر وزيرستان جو هي واقعو هڪ ياد ڏياريندڙ آهي ته دهشتگردي جو خطرو اڃا ختم ناهي ٿيو. پاڪستان کي هڪ جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي، جنهن ۾ فوجي طاقت سان گڏ سفارتڪاري، اقتصادي ترقي ۽ سماجي سڌارا شامل هجن، تڏهن ئي ملڪ پنهنجي سرحدن کي محفوظ بڻائي سگهي ٿو ۽ هڪ پائيدار امن ڏانهن وڌي سگهي ٿو. دهشتگردي خلاف جنگ رڳو رياست جي جنگ ناهي، پر سڄي قوم جي گڏيل ذميواري آهي ۽ ان ۾ ڪاميابي لاءِ اتحاد، سنجيدگي ۽ مستقل مزاجي بنيادي شرط آهن.