سنڌ بورڊ آف ريوينيو صوبي اندر زمين جي جاچ جو نئون نظام متعارف ڪرائي ڇڏيو
سنڌ بورڊ آف ريوينيو صوبي اندر جائدادن جي خريد و فروخت کي آسان بڻائڻ لاءِ نئون نظام سامهون آندو آهي. هن نظام تحت صوبي اندر زمينن تي قبضا، ڪوڙن ڪاغذن ۽ ٻٽي الاٽمينٽ کي روڪي سگهبو. هن نظام تحت سنڌ بورڊ آف ريوينيو پاران پنهنجي ويبسائيٽ تي سڄي صوبي جي زمين جو ريڪارڊ رکيو آهي. هاڻي ڪو به شهري 150 رپين جي في ڏئي ڪري خريداري کان اڳ زمين جي ڪاغذن جي جاچ ڪرڻ سان گڏ ڪنهن ڪيس هجڻ بابت به معلومات حاصل ڪري سگهي ٿو.
هن نظام بابت ڳالهائيندي سنڌ بورڊ آف ريوينيو جي ميمبر روشن علي شيخ صحافين کي ٻڌايو ته اسان سب رجسٽرار جي اختيارن کي گهٽائي ڇڏيو آهي. پهريان سب رجسٽرار جاچ ڪرڻ لاءِ 3 مهينا لڳندا هيا. هاڻي ان عمل کي 3 ڏينهن تي آندو ويو آهي. 3 ڏينهن کان وڌيڪ وقت لڳڻ جي صورت ۾ سب رجسٽرار خلاف ڪارروائي ڪندي ان کي معطل ڪيو ويندو.
جڏهن ته پراپرٽي رجسٽريشن جي عمل کي 7 مهينن مان گهٽائي 17 ڏينهن ڪيو ويو آهي. جنهن کي اڳتي هلي ڪري 6 ڏينهن تي آندو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته هن وقت تائين سڄي سنڌ جي زمينن جي ريڪارڊ کي آن لائن ڪيو ويو آهي. هاڻي سڄي سنڌ، مان ڪٿان به ويهي ڪهڙي به علائقي جي زمين جو تفصيل ڏسي سگهجي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته هلندڙ سال 9 ارب 40 ڪروڙ رپيا اسٽيمپ جي ريوينيو مان حاصل ٿيا آهن. جڏهن ته آٽو ميشن مڪمل ڪرڻ بعد اميد آهي ته اسٽيمپ ريوينيو وڌندو ۽ ايندڙ سال 15 ارب رپيا حاصل ٿي سگهندا. هن اهو به چيو ته هن سڄي عمل جي پوري ٿيڻ بعد سب رجسٽرار جي ڪمائي ختم ٿي ويندي جنهن بعد ڪو به اها نوڪري ڪرڻ جي خواهش نه رکندو.