ادبڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: ڇوٽڪارو

گوري هڪ امير خاندان سان تعلق رکڻ واري ۽ گهڻي خوبصورت ۽ نازن سان پاليل ڇوڪري هئي، ۽ ان جو مڙس پاريش جنهن محنت ڪري پنهنجي غربت ۽ تنگدستي ختم ڪري، معاشري ۾ هڪ سٺو نالو ڪمائي ورتو هو. جڏهن پاريش غريب ۽ تنگدست هو ته گوري کي سندس پيءَ پاڻ وٽ ٿي رکيو ڇو ته هن پنهنجي ڇوڪري کي محرومين کان پري رکڻ پئي چاهيو ۽ جڏهن گوري مڙس جو گهر آباد ڪرڻ آئي ته هو ڪافي عمر جي ٿي ويئي هئي. وقت گذرڻ سان گڏ پاريش اهو محسوس ڪري ورتو هو ته گوري جي سندس ۾ ڪابه دلچسپي ناهي رهي. پاريش پنهنجي شهر جي اولهه طرف واقع هڪ تعلقي ۾ وڪالت ڪندو هو ۽ ان جي گهر ۾ سندس ڪٽنب جو ڪوبه فرد نه رهندو هو ۽ هو صرف ئي صرف پنهنجي گهر واري لاءِ ئي سوچيندو هو. پاريش ڪڏهن ڪڏهن عدالت جو وقت ختم ٿيڻ کان پهريان ئي گهر اچي ويندو هو، پهريان ته گوري کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه آئي ته سندس مڙس ايترو جلدي گهر ڇو اچي ويندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن هو پنهنجي ملازمن مان ڪنهن هڪ کي بنا سبب نوڪري مان ڪڍي ڇڏيندو هو، ڪوبه ملازم ان وٽ دير تائين نه رهندو هو. خاص طور جڏهن سندس گهرواري گوري ڪنهن ملازم کي سندس ڪم جي ڪري رکڻ چاهيندي هئي، ته ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ان جي برطرفي يقينن ٿي ويندي هئي. گوري هڪ خوش مزاج عورت هئي ۽ انهن ڳالهين جي ڪري ڪاوڙ جو اظهار به ڪندي هئي. سندس ڪاوڙ هُن کي مڙس جو رويو وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيندي هئي.
پاريش صرف انهن ڳالهين تي زور نه ڏنو بلڪه خفيه طريقي سان گهر جي عورت ملازمه کان گوري جي متعلق پڇا ڳاڇا ڪرڻ شروع ڪئي، جڏهن ته گوري هڪ درگذر ڪرڻ واري ۽ صلح پسند عورت هئي، پر جڏهن ان کي ان ڳالهه جي خبر پئي ته ان جي انا کي سخت ڇيهو رسيو ۽ هُن پنهنجي ذلت محسوس ڪئي ۽ زخمي شينهڻ وانگر زور زور سان رڙيون ڪرڻ لڳي ۽ شڪ جي حماقت سندن وچ ۾ دشمن جي تلوار وانگر محسوس ٿي. پاريش کي جڏهن محسوس ٿيو ته گوري شڪ واري سندس نظر کي سمجهي چڪي آهي ته هن گوري تي غلط الزام لڳائڻ شروع ڪيا. ان سڄي صورتحال جو گوري خاموشي سان مقابلو ڪيو ۽ سندس مڙس حسد جي باهه ۾ سڙندو رهيو.
پنهنجي ازدواجي خوشين کان محروم گوري هاڻي دلي سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ مذهب طرف راغب ٿيڻ لڳي ۽ ان ويجهي مندر جي هڪ نوجوان پنڊت پرمانند سوامي کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ ان کي باقاعدي پنهنجو روحاني گرو مقرر ڪيو ۽ ان کان مقدس گيتا جا اشلوڪ ٻڌڻ لڳي. گوري جي اندر جي عورت تمام محبت، چاهت، احترام ۽ عقيدت جي صورت ۾ ٻاهر نڪري آئي ۽ پنهنجي گرو جي سامهون پنهنجو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.
سوامي پرمانند جي پاڪ دامني کي سڀئي ماڻهو پسند ڪندا هئا ۽ ان جي دل جي گهرائين سان عزت ڪندا هئا، جيئن ته سوامي پرمانند جي خلاف ڪابه ڳالهه ڪرڻ جي ڪنهن ۾ جرئت نه هوندي هئي، پاريش کي حسد ڪينسر وانگر کائڻ لڳو، آخرڪار هڪ معمولي ڳالهه تان پاريش جو حسد لاوي وانگر ڦاٽي پيو ۽ هن پنهنجي ۽ پنهنجي زال جي سامهون سوامي پرمانند تي غلط الزام هڻندي سوامي کي منافق ڪوٺيو ۽ چيو ته ”ڇا تون قسم کڻنديئنءَ ته تون هن جي محبت ۾ گرفتار نه ٿي ويئي آهين. جنهن هڪ گرو جو ڍونگ رچايو آهي؟“
گوري پنهنجي مڙس جي شڪ جي ڪري بلڪل پاڳل ٿي ويئي ۽ اُٿي طنزيه لهجي ۾ پنهنجي مڙس کي چيو ته ”جيڪڏهن ائين آهي به ته هو کيس ڇا ڪندو؟“ پاريش گوري کي ڪمري ۾ بند ڪري پاڻ ٻاهر هليو ويو.
گوري انتهائي غصي جي حالت ۾ ڪمري جو دروازو کولڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي ۽ گهر کان ٻاهر نڪري ويئي.
سوامي پرمانند پنهنجي ڪمري ۾ اڪيلو ڪنهن ڪتاب جي گهري مطالعي ۾ مشغول هو ته شفاف آسمان مان روشني وانگر گوري، سوامي جي ڪمري ۾ داخل ٿي ويئي ۽ سوامي کي چوڻ لڳي.
”اي گرو منهنجي گهر ۾ ٿيندڙ تذليل کان مون کي بچايو ۽ پنهنجي قدمن رهي خدمت ڪرڻ جي اجازت ڏيو“
گرو سختي سان گوري کي منع ڪيو ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ کيس پنهنجي گهر واپس موڪلي ڇڏيو. ان کانپوءِ گرو مطالعي جي تسلسل کي برقرار رکي نه سگهيو.
پاريش گهر واپس آيو ته دروازو کليل ڏسي پڇڻ لڳو ته ”هتي ڪير آيو هو“
گوري چيس ته ڪير به نه آيو هو بلڪه مان گروءَ وٽ ويئي هيس.
ڇو ”پاريش سخت غصي ۾ ڳاڙهو ٿي ويو“
”ڇو ته مان ائين ڪرڻ پئي چاهيان“ گوري چيو.
ان ڏينهن کانپوءِ پاريش دروازي تي هڪ چوڪيدار مقرر ڪيو ۽ گوري سان پنهنجو رويو وڌيڪ سخت ڪري ڇڏيو ۽ ان جي حسد ۽ ظلم جا قصا پوري علائقي ۾ مشهور ٿيڻ لڳا.
پنهنجي شاگرد جي تذليل جي خبر سوامي لاءِ پريشان ڪندڙ هئي ۽ سندس عبادت ۾ مسلسل رخنو پوڻ لڳو. سوامي ايتري تائين سوچي ورتو ته هن کي اهو علائقو فوري ڇڏڻ گهرجي، پر هو ان ڳالهه لاءِ به تيار نه هو ته هڪ مظلوم عورت کي ان حال ۾ اڪيلو ڇڏي ڏجي ۽ ڪهڙي خبر اها پرارٿنا ڪندڙ عورت هن وقت ڪهڙي حال ۾ هجي؟
هڪ ڏينهن باندي بنايل گوري کي هڪ چٺي ملندي آهي، جنهن ۾ لکيل هو ته ”منهنجي ڌيءَ! اها ڳالهه بلڪل صحيح آهي ته پاڪ دامن عورتن ڀڳوان جي پرارٿنا خاطر دنيا کي ترڪ پئي ڪيو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته دنياوي معاملا توکي ڀڳوان کان پري ڪري ڇڏين ۽ مان ڀڳوان جي شڪتي سان باندي بنايل عورت کي پوڄا خاطر بچائي سگهان. جيڪڏهن تون چاهين ته سڀاڻي منجهند جو پاڻي جي تلاءَ جي ڀرسان مون سان ملي سگهين ٿي“.
اها چٺي گوري کي ملي ويئي هئي ۽ ان کي پڙهي گوري ان چٺي کي وارن جي چوٽي ۾ لڪائي ڇڏيو. ٻئي ڏينهن منجهند جي ويجهو وهنجڻ کان پهريان جڏهن هُن پنهنجا وار کوليا ته اها چٺي ان کي نه ملي ۽ هوءَ پريشان ٿي ويئي، ته ڪٿي اها چٺي بستري تي نه ڪري پئي هجي، يا ان جي مڙس کي نه ملي ويئي هجي، پهريان ته هوءَ خوش ٿي ته چٺي ملڻ سان سندس مڙس وڌيڪ غصو ڪندو، پر پوءِ وري ان کي خيال آيو ته جنهن چٺي کي هوءَ پنهنجي ڇوٽڪاري جو روحاني تاج سمجهي ٿي ڪٿي اها سندس مڙس جي گستاخ هٿن ۾ وڃڻ جي ڪري چٺي جي بي توقيري نه ٿئي.
گوري تيز تيز قدم کڻندي پنهنجي مڙس جي ڪمري ۾ ويئي. پاريش فرش تي ڪريل هو ۽ ڪنجهي رهيو هو، ان جون اکيون مٿي ڇڪيل هيون ۽ وات مان گجي نڪري رهي هئي. گوري اها چٺي پاريش جي هٿ مان ڇڏائي ۽ فورن ڊاڪٽر کي گهرائي ورتو.
ڊاڪٽر ٻڌايو ته پاريش کي مرگهي جو دورو پيو هو ۽ هو ان ۾ فوت ٿي چڪو آهي. پاريش ان ڏينهن ڪنهن ڪم سانگي شهر کان ٻاهر وڃڻو هو، اها خبر سوامي کي پئجي ويئي هئي. جنهن جو هو شدت سان انتظار ڪري رهيو هو.
بيواهه گوري جڏهن دري مان ٻاهر ڏٺو ته سندس گرو چورن وانگر تلاءَ جي ڀرسان لڪيو ويٺل نظر آيو. گوري پنهنجون نظرون ائين جهڪائي ڇڏيون ڄڻ کنوڻ جي روشني سندس اکين کي روشن ڪري ڇڏيو هجي ۽ ان چمڪندڙ روشني ۾ ان محسوس ڪيو ته ان سڄي معاملي ۾ سندس گرو جي ڪيتري نه بي عزتي ٿي آهي.
گرو آواز ڏنو ”گوري“
”آئون اچان پئي“ گوري جواب ڏنو.
جڏهن پاريش جي مائٽن ۽ دوستن کي سندس موت جي خبر پئي ته اهي پاريش جي گهر پهتا ڇا ڏٺائون ته گوري جو لاش پڻ پاريش سان گڏ پيل هو. گوري زهر کائي ڇڏيو هو. سڀئي ماڻهو گوري جي ان غير معمولي وفاداري جي تعريف ڪرڻ لڳا. جيڪا ان پنهنجي مڙس سان ڪئي ۽ ان سان گڏ ستي ٿي ويئي هئي. اهڙي وفاداري جيڪا اڄ ڪلهه جي هن دور ۾ ملڻ مشڪل آهي.
***