23 اپريل 2025 تي ڀارت پاران انڊس واٽر ٽريٽي “سنڌ طاس معاهدو” کي عارضي طور معطل ڪرڻ واري فيصلي خطي ۾ نه صرف پاڻيءَ جي ورڇ تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن، پر هڪ نئين تڪراري باب جي شروعات پڻ ڪئي آهي. هي فيصلو، پهلگام ۾ 26 سياحن جي دردناڪ قتل کانپوءِ آيو، جنهن جي ذميواري “ڪشمير ريزسٽنس” نالي هڪ دهشتگرد گروپ قبول ڪئي آھي، تنهن هوندي به روايتي طور الزام پاڪستان تي لڳايا پيا وڃن. انڊس واٽر ٽريٽي، جيڪو 1960ع ۾ پاڪستان، ڀارت ۽ ورلڊ بئنڪ جي وچ ۾ معاهدو ٿيو ۽ ان تي صحيحون پڻ ڪيون ويون اھو معاھدو برصغير جي پاڻيءَ جي ورڇ لاءِ هڪ مثالي معاهدو سمجهيو وڃي ٿو. ڀارت کي بياس، راوي ۽ ستلج دريائن جي استعمال جو حق آهي، جڏهن ته پاڪستان کي انڊس، جهلم ۽ چناب تي مڪمل اختيار حاصل آهي. معاهدي جي آرٽيڪل XII واضح ڪري ٿو ته ٺاھ صرف ٻنهي ڌرين جي رضا سان ختم يا معطل ٿي سگهي ٿو، پر ڀارت جو يڪطرفو قدم، بين الاقوامي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي، جنهن تي ويانا ڪنوينشن 1969 جو آرٽيڪل 56 به روشني وجهي ٿو. عالمي سطح تي ڀارت جي ان قدم تي تنقيد ٿي رهي آهي ۽ گڏيل قومون، ورلڊ بئنڪ ۽ ٻين ادارن کي به هن تڪرار ۾ ثالثي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. پاڪستان جي زرعي معيشت جو 80 سيڪڙو انڊس سنڌو نديءَ جي پاڻيءَ تي انحصار ڪري ٿو ۽ پاڻيءَ جي ڪابه رڪاوٽ يا معطلي سڌي طرح زراعت، صنعت، صحت ۽ روزمره زندگيءَ کي متاثر ڪري سگهي ٿي. خاص طور تي سنڌ، جتي سنڌو نديءَ جو وهڪرو آخري حد تائين پهچي ٿو، اتي زرعي ۽ واٽر لائيف تي خطرناڪ قسم جا اثر پئجي سگهن ٿا. پاڻ سمجهي سگهون ٿا ته پاڻي صرف هڪ قدرتي وسيلو نه پر قومي سلامتيءَ جو اهم جز آهي. ان جي بنياد تي جنگ به لڳي سگهي ٿي ته امن جا در به کلي سگهن ٿا. انڊس ڪميشن، جيڪا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مستقل رابطو آهي، ان جو فعال ٿيڻ هاڻي وقت جي اهم ضرورت آهي. پاڻيءَ جو بحران رڳو ٻن ملڪن جو مسئلو ناهي، پر عالمي برادري لاءِ پڻ اهم موضوع آهي. ماحولياتي تبديليون، گليشيئرن جي پگهرجڻ، آباديءَ جي واڌ ۽ شهري نظامن جي غير مستحڪمي، اڳ ئي پاڻيءَ جي فراهميءَ کي خطري ۾ وڌو آهي.
هاڻي وقت آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت هڪٻئي سان ويهي، سياسي اختلافن جي باوجود، پاڻيءَ جهڙي بنيادي مسئلي تي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪن. نوجوان نسل، سائنسدان، ماهر ۽ صحافي پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ميڊيا کي به انهيءَ حساس موضوع تي غيرجانبدار ۽ حقيقت تي ٻڌل رپورٽنگ ڪرڻي پوندي. پاڻ کي پاڻيءَ جي مسئلي کي فقط سياسي نه، پر انساني، معاشي ۽ ماحولياتي بحران جي طور ڏسڻو پوندو. شفاف پاليسين، تحقيقاتي تعاون ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان ان مسئلي کي حل ڪري سگهجي ٿو. جيستائين اسان پاڻيءَ تي هڪ ٻئي سان سياسي بيان بازي ڪندا رهنداسين، تيستائين غربت، بدامني ۽ بدتر زندگيءَ کان نجات مشڪل آهي. اچو ته پاڻيءَ کي تڪرار نه پر تعاون جو ذريعو بڻايون. پاڻ کي اهو نه وسارڻ کپي ته انڊس واٽر ٽريٽي خطي ۾ ڏھاڪن جي اعتماد جو نتيجو آهي، جيڪو ڪنهن سياسي تبديلي يا دهشتگرد حملي جي بنياد تي رد نٿو ٿي سگهي. ڀارت جو تازو کنيل قدم خطي ۾ بدامني قائم ڪري سگهي ٿو، جتي ڪابه رياست ڪنهن معاهدي کي پنهنجي سياسي مفادن لاءِ هٿيار بڻائي سگهي ٿي. جيڪڏهن اڄ پاڻيءَ جو ٺاھ معطل ڪيو ويو ته سڀاڻي واپار، ٽرانسپورٽ ۽ ٻين شعبن جا معاهدا به اهڙي صورتحال جو شڪار ٿي سگهن ٿا. پاڻ کي اها به سچائي سامهون رکڻي پوندي ته پاڻيءَ جو مسئلو رڳو رياستي سطح تي نه، پر ماڻهن جي وچ ۾ به تڪرار پيدا ڪري سگهي ٿو.
سنڌ، بلوچستان، ڏکڻ پنجاب جهڙا علائقا اڳ ئي پاڻيءَ جي کوٽ جو شڪار آهن. ڀارتي معطلي سان انهن علائقن جو معاشي نظام وڌيڪ مشڪلاتن جو شڪار ٿي سگهي ٿو. پاڻ وٽ موجود ڊيمن ۽ آبي وسيلن جي ورڇ هاڻي اڻٽر آهي. پاڪستان کي گهرجي ته بين الاقوامي فورمن تي واٽر ڊپلوميسي کي اوليت ڏئي. پاڻيءَ جي عالمي قانونن، خاص طور تي “هيلمانڊ ماڊل” ۽ “نيل رِور اڪارڊ” مان سکڻ گھرجي، جتي مختلف قومون پاڻيءَ جي ورڇ تي تعاون ڪري رهيون آهن. پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي لاءِ لازمي آهي ته پاڻيءَ تي سياست ڪرڻ بند ڪن ۽ سائنسي بنيادن تي حل ڳولهين. پاڪستاني اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پاڻيءَ جي شعور لاءِ خاص نصاب متعارف ڪرايا وڃن. پاڻيءَ جي بچت لاءِ قومي سطح تي مھم هلائي وڃي. ڪميونٽي ليول تي آبي بورڊ قائم ڪري پاڻيءَ جي ورڇ جي نگراني کي يقيني بڻايو وڃي. پاڪستان کي گهرجي ته پنهنجن دريائن تي واٽر ميٽرنگ سسٽم مضبوط ڪري. فني ماهرن ۽ وڪيلن جو هڪ نيٽورڪ قائم ڪري عالمي عدالتن ۾ موثر نمائندگي کي يقيني بڻايو وڃي. عوام کي سوشل ميڊيا ذريعي پاڻيءَ جي اهميت بابت ڄاڻ ڏني وڃي. ڀارت پاران کليل آبي جنگ جي شروعات نه صرف خطي لاءِ پر دنيا لاءِ به خبرداري آهي. برفاني وسيلن، خاص طور تي هندوڪش ۽ ڪوهه هماليا جي تحفظ لاءِ گڏيل تحقيق ضروري آهي. پاڪ- ڀارت لاڳاپن کي پاڻيءَ جي بنياد تي ٺاهڻ بدران، ان تي پُل جو ڪم وٺڻ گهرجي. سماجي امن، موسمي تحفظ ۽ خوراڪ جي سلامتي سڌي طرح پاڻيءَ سان ڳنڍيل آهن. صنعتن ۾ پاڻيءَ جي واڌاري لاءِ ري سائيڪلنگ سسٽم متعارف ڪرايو وڃي. پاڻيءَ جي غير منصفاڻي ورڇ مستقبل ۾ اندروني تڪرار کي به جنم ڏئي سگهي ٿي. ڀارت کي گهرجي ته پنهنجي فيصلي تي ٻيهر غور ڪري ۽ گڏيل معاهدي جي اهميت کي تسليم ڪري. ورلڊ بئنڪ کي پنهنجي ثالثي واري ڪردار کي نئين سر فعال ڪرڻو پوندو. پاڪستاني حڪومت کي فوري طور عالمي قانوندانن، آبي ماهرن ۽ سفارتڪارن جو اجلاس گهرائڻ کپي. مقامي ماڻهن جي شموليت سان “واٽر پيس” ڪميٽيون قائم ڪيون وڃن. پاڪستان جي آبي پاليسين جو نئين سر جائزو وٺي ان کي بين الاقوامي معيارن سان هم آهنگ ڪيو وڃي. واٽر گورننس لاءِ هڪ خود مختيار ادارو جوڙڻ جو وقت اچي ويو آهي. ٻنهي ملڪن جي عوام کي سياسي اختلافن کان هٽي، وسيلن جي گڏيل ورڇ بابت تعليم ڏني وڃي. پاڻي، زندگيءَ جو بنيادي حق آهي، ان کي ڪنهن به ملڪ لاءِ هٿيار بڻائڻ انسانيت سان ظلم آهي.