گڏيل قومن جا رڪن ملڪ سن ۲۰۰۸ع کان ھر سال ۲۵ اپريل کي مليريا جو عالمي ڏينھن ڪري ملھائيندا آھن. ھي ڏينھن ملھائڻ جي شروعات سن ۲۰۰۱ع ۾ آفريڪي ملڪن طرفان اھڙو ڏينھن ملھائڻ سان ٿي، جنھن جي رٿ سن ۲۰۰۷ع ۾ صحت جي عالمي اداري طرفان ڪوٺايل ورلڊ ھيلٿ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪئي وئي ۽ ان جي طفيل اھو ڏڻ سڄي دنيا ۾ ھڪ ڏينھن تي ملھائڻ جو عھد ڪيو ويو. ھن ڏينھن جي مناسبت سان ورلڊ ھيلٿ آرگنائيزيشن پاران ھر سال عالمي برادري ۽ رڪن ملڪن کي ھڪ سڏ، ھڪ ڪوٺ ڏني ويندي آھي. ھيلوڪي سال سن ۲۰۲۵ع جو سڏ آھي. مليريا اسان سان ختم ٿئي ٿي: وري سيڙپڪاري ڪريو، ڪجهه نئون سوچيو، وري دونھين دکايوMalaria Ends With Us: Reinvest, Reimagine, Reignite، گڏيل قومن جي جاري ڪيل انگن اکرن مطابق رڳو ھڪ سال سن ۲۰۲۳ع ۾ مليريا وگهي پنج لک ستانوي ھزار جانيون ضايع ٿيون، ڇو ته هڪ ڪروڙ ٽيهه لک ماڻھو روڳي ٿيا ھئا، جن مان پنجانوي سيڪڙو روڳي آفريڪي ملڪن جا ماڻھو ھئا. دنيا جي تاريخ تي اک ڦيرايون ته اسان کي ڏسڻ ۾ ايندو ته سٺ جي ڏھاڪي ۾ مليريا تي ڪجهه ضابطو آيو ھو، پر سن ۱۹۶۹ع جي فيصلن سبب مليريا وگهي دنيا ۾ لکين حياتين جو ذيان ٿيندو رھيو. دنيا کي اھو منظر نامون سارڻ ۾ ڪي ٽيھارو سال لڳا، جڏھن وري مليريا عالمي ايجنڊا تي موٽي، ھاڻ ايئن نه ٿيڻ کپي، اسان کي مليريا مان جند ڇڏائڻ لاءِ مسلسل اڳتي وڌڻ گهرجي.
جڏھن کان سن ۱۹۹۰ع ۾ دنيا مليريا تي وري ڌيان ڏنو. اربين ماڻھن کي روڳي ٿيڻ کان بچائي سگهيا آھيون ۽ لکين حياتيون به ساڳيون آھن، پر ان ھوندي به اسان کي اھو ڌيان ڌرڻو پوندو ته ھيءَ اھڙي بيماري آھي، جنھن جو ٻج اسان ماڻھن مان ٿو ڦٽي، ان ڪري عالمي سڏ مليريا اسان سان ختم ٿئي ٿي: وري سيڙپڪاري ڪريو، ڪجهه نئون سوچيو، وري دونھين دکايو ورنائيندي ھر ملڪ، سماج، حڪومت پنھنجي وس آھر. سيڙپڪاري ڪري، نئون سوچي ۽ پنھنجي دونھين دکائي جو وايو منڊل جي ڦير ڦار، وڌندڙ آبادي، جنگيون، تنازعه ۽ سڀ کان وڌيڪ شاھوڪار جو لوڀ، ان سفر ۾ ڏکيائيون پيدا ڪري رھيا آھن، جنھن سبب ڪيترن ئي ملڪن جن ۾ مليريا ھڪ وبا جي شڪل ۾ هم وقت موجود رھي ٿي، لکين ماڻهن ۾ بيماريءَ کي روڪڻ، تشخيص ڪري وقت تي ڳولھڻ ۽ جوڳو علاج جون سھولتون قائم ڪرڻ ۽ جاري رکڻ لاءِ گهربل صحت جي خدمتن تائين رسائي محدود ڪري ڇڏي آھي. ترت تشخيص ۽ موثر علاج کانسواءِ مليريا تيزيءَ سان ھڪ خطرناڪ بيماري ۽ متاثر فرد جي موت جو سبب بڻجي سگهي ٿي، خاص ڪري ٻارن ۽ ڳرڀ وتين نارين ۾ تمام اگرا نتيجا نڪرن ٿا. ھي مليريا جي خاتمي لاءِ ٻيهر عزم ڪرڻ جو وقت آهي. اسان وٽ هن بيماري کي شڪست ڏيڻ لاءِ علم، زندگي بچائڻ وارا وسيلا ۽ مرض جي موثر روڪٿام، تشخيص ۽ علاج جا طريقا موجود آهن. اسان کي ثابت ٿيل خدمتن ۾ ٻيهر سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي ۽ ان ڏس ۾ درپيش رڪاوٽن کي دور ڪرڻ لاءِ پنهنجين حڪمت عملين کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ گهرجي، جيئن مليريا جي خاتمي طرف وڌندڙ وک کي تيز ڪرڻ لاءِ ملڪن ۽ سماجن سان گڏجي پنهنجين اجتماعي ڪوششن کي ٻيهر شروع ڪري سگهون.
اسان ڄاڻون ٿا ته مليريا کي ڪيئن ختم ڪري سگهجي ٿو. ھاڻ اھو اسان تي آھي ته اسان جي ترجيح ڪھڙي آهي. هاڻي عمل ڪريون يا وقت وڃائڻ جو خطرو ڀوڳيون. مليريا جو خاتمو صرف سماج جي صحت جي ضرورت ناهي؛ اهو هر قوم لاءِ منصفاڻي، محفوظ ۽ خوشحال مستقبل ۾ سيڙپڪاري پڻ آهي. ھاڻ جيڪڏھن ھن سال جي سڏ “مليريا اسان سان ختم ٿئي ٿي: وري سيڙپڪاري ڪريو، ڪجهه نئون سوچيو، وري دونھين دکايو” تي نظر وجهون ته سڌ پوندي ته ڪيئن سيڙپڪاريءَ مان لاڀ ملندو جو اسان سڀ انھيءَ ڳالهه کان واقف آھيون ته ھن نيو لبرل سرمائيداريءَ جي جُڳَ ۾ صحت، اھا به ڪُتِ خلق جي، شايد حڪومتن جي ڌيان ۾ ڪونھي. صحت جون خدمتون جنھن رفتار سان ٺيڪيداريءَ جي ور چڙھن پيون ته اھي مليريا جھڙن مرضن مان ملڪيتون جوڙڻ جھڙن ڪمن ڏي وڌيڪ ٿيون ڏسن. ان ڪري اسان کي پنھنجي پنھنجي وس آھر دامين، درمين، پنھنجي حڪومتن تي زور بار وجهڻو پوندو ته اھي ان ڏس ۾ گهربل سيڙپڪاري ڪن جيئن عام شھريءَ جي تشخيص ۽ علاج تائين رسائي ممڪن ٿي سگهي.
اسان کي مليريا جي باري ۾ پنھنجي سوچ ۾ جدت ۽ نواڻ پڻ پيدا ڪرڻي پوندي ته جيئن ڏھاڪن کان ھلندڙ بنا تشخيص جي علاج واري روش مان آجا ٿيون ۽ مليريا جي ھر شڪي مريض جي وقتائتي تشخيص ڪرائي، جوڳو علاج مھيا ڪري سگهون. خاص ڪري ھڪ متاثر فرد کان مڇر وسيلي مليريا جي وڌيڪ ڦھلجڻ واري عمل کي روڪيون. اسان پاران پاڻ ھرتو ۽ دوائن جي غير ضروري استعمال سبب مليريا جا پيرا سائيٽ انھن خلاف مدافعت حاصل ڪري رھيا آھن ۽ علاج نه رڳو ڏکيو ۽ ڊگهو، پر مھانگو به ٿيندو پيو وڃي. مڇر مار دوائن جو اجايو سجايو استعمال وري مڇرن ۾ انھن دوائن خلاف مدافعت پيدا پيو ڪري ۽ وري انھن زھرن سبب کاڌ خوراڪ، غذا، غذائيت ۽ ويلو پڻ متاثر ٿي رھيو آھي. ان سڄي وايو منڊل ۾ اسان کي پنھنجي دونھين نئين سِرِ دکائڻي پوندي جيئن مليريا تي ٿيل تحقيق، تجربن، تشخيص، علاج ۽ بچاءَ بشمول ويڪسين جو جوڳو ۽ وقتائتو استعمال ڪري پنھنجي ايندڙ تُورَ کي ھن عذاب مان مڪتي ڏياري سگهئون، جنھن لاءِ صحت ڪارڪنن جي لياقتن کي بھتر بنائڻ، صحت جون خدمتون قائم ڪرڻ، انھن جو جوڳو استعمال ۽ سماج جي سياسي سھائتا به حاصل ڪرڻي پوندي. اچو ته اڄ پنھنجي ٿورين ٿڪين ئي سھي، پر مليريا خلاف حاصل ڪيل ڪاميابين جو جشن ملهايون ۽ ان عمل کي تيز ڪرڻ طرف ڌيان ڏيون. مليريا برادري کي پنهنجي ڪاميابين جو جشن ملهائڻ گهرجي ۽ مليريا کي ختم ڪرڻ لاءِ کنيل ھر وک کڻڻ تي ھڪ ٻئي جي حوصلا افزائي ڪرڻ، سکيا جا سبق عام ڪرڻ ۽ مشڪلاتن کي پڌرو ڪرڻ گهرجي. ڳوٺن، راڄن ۽ سماجن کي ان سفر ۾ ساڻ ڪري ھلڻ واري رواج کي مضبوط بڻايون. ماڻهن کي معلومات ۽ وسيلن سان مالا مال ڪريون جيڪي انهن کي مليريا کي وقت تي سڃاڻڻ، ڦھلجڻ کان روڪڻ، مناسب تشخيص ۽ جديد ميسر علاج ڪرائڻ لاءِ گهربل آهن.
سن ۲۰۲۵ع ۾ پاڪستان جو ھدف سن ۲۰۱۹ع جي مقابلي ۾ مليريا جي مرض ۾ ٽيهه سيڪڙو گهٽتائي آڻڻ آهي، جنهن ۾ پنجاب، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد جي وفاقي علائقن مان مليريا جي مرض جو مڪمل خاتمو شامل آهي. پاڪستان ۾ صوبائي سطح جي لحاظ کان مليريا جي ورڇ تي نظر وجهون ته سنڌ، خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان وحدتن ۾ مليريا جو مرض هم وقت وبائي شڪل ۾ موجود آھي. سنڌ ۾ ٺٽو، ميرپورخاص، خيرپور ۽ ٿرپارڪر، بلوچستان جي خيبر پختونخواهه، سنڌ، ايران ۽ افغانستان جي سرحدن سان لڳل علائقن، خيبر پختونخواهه ۾ به بلوچستان افغانستان ۽ ايران جي سرحدن سان لڳل علائقا خاص طور تي خطري ۾ آهن. پنجاب ۾ تاريخي طور تي مليريا جي مرض جي شرح گهٽ رهي آهي، ڪٿي ڪٿي سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي ضلعن ۾ مليريا جو ڏس باقي آهي. اسان وٽ مليريا جي ڦھلاءَ جو سبب عنصرن ۾ مڇر خاص ڪري اينوفيليس ڪليسي فيسيز ۽ اين. اسٽيفنسي جو بھ تات، جاگرافيائي وقوع جنھن ۾ ايران ۽ افغانستان سان ملندڙ علائقا، گڏوگڏ سنڌ ۽ بلوچستان جا ساحلي علائقا، خاص طور تي خطري ۾ آهن. آباديءَ جي لڏ پلاڻ، جنهن ۾ پناهگير ۽ اندروني طور تي بي گھر ماڻهو شامل آهن، مليريا جي پکيڙ ۾ پنھنجو حصو ونڊرائين ٿا. خراب سماجي معاشي حالتون، غربت، صحت جي بنيادي ڍانچي جي کوٽ ۽ وسيلن جي اڻاٺ گڏجي مسئلي کي وڌائين ٿيون. مليريا جي پيراسائيٽن ۽ مڇرن ۾ علاج ۽ جيت مار دوائن جي مزاحمت جو پيدا ٿيڻ پڻ اسان جو ھڪ هڪ اهم مسئلو آھي.
سن ۲۰۲۳ع ۾ ملڪ ۾ ڏيڍ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ مليريا جي شڪي مريضن جي تشخيص ڪئي وئي جن مان ۲۷ لک، ۲۶ ھزار جي لڳ ڀڳ ماڻھو مرض ۾ ورتل تصديق ٿيا. سڀ کان وڌيڪ مريض سنڌ مان نڪتا جيڪي جملي مريضن جو لڳ ڀڳ اڌو اڌ ھئا، باقي بلوچستان مان ۳۸ سيڪڙو، خيبر پختونخواهه مان ۱۲ سيڪڙو، پنجاب مان ھڪ سيڪڙو ھئا. تشخيصي عمل ۾ سنڌ ۲۷.۴ سيڪڙو، بلوچستان ۲۲ سيڪڙو ۽ خيبر پختونخواهه ۱۱. ۷ سيڪڙو رھيا. تشخيص ٿيل ڪيسن تي نظر وجهون ته سن ۲۰۲۱ع کان اسان کي پنھنجي لياقت بھتر ٿيندي ڏسجي ٿي.