وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوست ملڪ ترڪيه جي سرڪاري دوري تي ويل آهي. هو 22 اپريل 2025 تي ترڪيه ويو. جيئن ته پاڪستان ۽ ترڪيه تمام پراڻا دوست آهن ۽ ٻنهي ملڪن هڪٻئي سان مختلف مشڪل حالتن ۾ ساٿ ڏنو آهي. ترڪيه جي آزاديءَ جي جنگ جي دوران برصغير جي مسلمانن جن پوءِ اڳتي هلي پاڪستان کي هڪ آزاد رياست طور قائم ڪيو، انهن عثمانيه سلطنت جو وڏو ساٿ ڏنو، ان جي لاءِ تحريڪون هلايون ۽ پاڪستان جي آزاد ٿيڻ کانپوءِ ترڪيه پهريون ملڪ هو جنهن پاڪستان جي آزاد حيثيت کي قبول ڪيو ۽ جلد ئي پاڪستان سان پنهنجا سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مذهب اسلام ۽ خطي جو ساڳيو ڪلچر ٻنهي ملڪن ۽ قومن کي هڪٻئي جي ويجهو آڻي ٿو ۽ سڀني کان وڏي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان جي قومي ٻولي اردوءَ ۾ ڪيترائي لفظ ترڪيه ٻوليءَ کان اڌارا ورتل آهن ۽ ترڪيه اسان جو اهو برادر ملڪ آهي جنهن يونائيٽيڊ نيشن ۾ ميمبرشپ حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي پٺڀرائي ڪئي. ترڪيه پاڪستان جي ملٽري ۽ نيوي کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ۽ ان ۾ جدت آڻڻ جي لاءِ مختلف ٽريننگ پروگرام هلائي پاڪستان جي نيوي ۽ ملٽري کي بهتر ڪرڻ ۽ جدت پيدا ڪرڻ ۾ هميشه پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي.
پاڪستان جي وزيراعظم جو هي دورو ان ئي سفر جي هڪ ڪڙي آهي ته جيئن پاڪستان ۽ ترڪيه جي لاڳاپن کي اڃان وڌيڪ مضبوط ڪري سگهجي ۽ ماضي وانگر مستقبل ۾ به ٻنهي ملڪن ۽ ٻنهي قومن جي وچ ۾ رابطن کي اڃان وڌيڪ ميدانن ۾ استوار ڪري مستقبل جي سفر کي گڏ کڻي هلجي. ترڪيه جي گاديءَ جي هنڌ انقره ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ ترڪ صدر هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس سان خطاب ڪندي وزيراعظم پاڪستان چيو ته ترڪيه هر مشڪل گهڙي ۾ پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪئي آهي ۽ صدر رجب طيب اردوان جي اڳواڻيءَ ۾ هن ملڪ مثالي ترقي ڪئي آهي. ترڪيه جي صدر 2022ع جي تباهه ڪندڙ ٻوڏن ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو، ان کان پهرين 2010 جي ٻوڏن دوران به صدر رجب طيب اردوان پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن سان پنهنجي ڀرپور يڪجهتيءَ جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ دورو ڪيو هو. ان کان علاوه شهباز شريف ترڪيه سان گڏ دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ به ترڪيه جي صدر جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هينئر وقت آهي ته ٻئي ملڪ گڏجي دهشتگردي جي خلاف گڏيل ڪوششون جاري رکن.
ترڪ صدر رجب طيب اردوان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه مضبوط دوستيءَ جي علامت آهن ۽ ٻئي گڏجي دهشتگردي جو خاتمو ڪرڻ لاءِ هڪٻئي جي حمايت ڪن ٿا ۽ ڪندا رهندا. ان کان علاوه دفاعي شعبي ۾ ترڪيه پاڪستان سان گڏيل منصوبا شروع ڪرڻ چاهي ٿو. جڏهن ته عالمي مسئلن تي ٻنهي ملڪن جا خيالات مڪمل طور تي هم آهنگ آهن. هن دوري جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻه لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ ٻنهي ملڪن کي موجود موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ۽ اڪنامڪ ڪوآپريشن جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ آهي. ان کان علاوه هن دوري جو اهم مقصد اهو به آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپ ۾ اضافو ڪيو وڃي ته جيئن ٻنهي ملڪن کي فائدو حاصل ٿئي، ڇو ته انهن ڳالهين ٻولهين کانپوءِ اميد آهي ته ترڪيه ڪمپنيون پاڪستان ۾ اچي سيڙپ ڪنديون ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جيڪو ڪاروبار هن وقت ٿي رهيو آهي ان جي مقدار ۾ اضافو ٿيندو.
هن وقت پاڪستان جن حالتن مان گذري رهيو آهي اهي چاهي بين الاقوامي هجن يا پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن ۾ هجن ان ۾ ضروري آهي ته پاڪستان کي پنهنجي دوست ۽ خاص ڪري مسلم برادر ملڪن سان جيڪي پاڪستان جا تاريخي دوست ۽ خيرخواهه رهيا آهن انهن سان پنهنجن لاڳاپن کي مضبوط ڪري ۽ جيڪڏهن انهن لاڳاپن ۾ گرم جوشي ختم ٿي وئي آهي ته ان گرم جوشي کي ٻيهر پيدا ڪري، پنهنجي ملڪ جي لاءِ ۽ پنهنجي قوم جي لاءِ انهن ملڪن مان موقعا تلاش ڪري وڌيڪ فائدا حاصل ڪري. ڇو ته پاڪستان هن وقت معاشي طور تي ۽ سفارتي لاڳاپن ۾ ڪافي مشڪلاتن جو شڪار آهي، ان قسم جا دوستاڻن لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ وارا دورا يقينن پاڪستان جي ساک ۽ معاشي بحالي ۾ مددگار ثابت ٿيندا.