خاصنئون

سنڌ ۾ سخت لاڪ ڊائون، ميڊيڪل اسٽورن سميت سمورا دڪان بند

سنڌ حڪومت اڄ صبح کلڻ وارن ڀاڄين، ميون ۽ ميڊيڪل دڪانن کي به بند رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سنڌ حڪومت جو 3 ڏينھن تي ٻڌل “محفوظ ڏينھن” جي شروعات ٿي وئي ۽ منجھند 3 وڳي تائين مڪمل لاڪ ڊائون آھي جنھن دوران سموريون تجارتي سرگرميون بند آھن. سمورا روڊ بند ڪيا ويا آھن. اطلاعات واري صوبائي وزير ناصر حسين شاھ مطابق منجھند 3 وڳي تائين ميڊيڪل، کير، بيڪري، ڪريانه، ڀاڄين ۽ ميون جا دڪان بند رھندا ۽ ھر قسم جي ڪاروبار تي پابندي ھوندي، جڏھن ته شھرين کي ھيڏانھن ھوڏانھن وڃڻ جي به اجازت نه ھوندي. ان کان پھرين جمعي جي ڏينھن صبح 8 وڳي کان منجھند 12 وڳي تائين ۽ ساڍا 3 وڳي کان شام ساڍا 6 وڳي تائين ڪاروبار جي اجازت ھوندي ھئي، منجھند 12 کان 3 وڳي تائين مڪمل لاڪ ڊائون ھوندو ھو، جڏھن ته ھاڻي سخت لاڪ ڊائون جو مدو وڌايو ويو آھي