بلاگنئون

ڌرتيءَ جا فاتح (قسط ٻين)

ليکڪ: يووال نوح ھراري
اوائلي عھد جا انسان وڻن تي کنوڻين کي ڪرندي پسندا ھئا ۽ ان دھشتناڪ باھه کي غور سان ڏسندا ھئا. اڳتي ھلي انھن ماڻهن ان (باھ) سان دوستي ڪري ورتي. اھي انهن سڙندڙ وڻ جي سڪل ڪاٺيءَ جي نوڪ کي سيريندا ھئا ۽ جڏھن باھه ان ڪاٺي کي وڪوڙيندي ھئي ته اھي ستت ان کي ھڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائين کڻي وڃي سگھندا ھئا. اھي باھه جي گرمائش مان آسيس وٺندا ھئا ۽ شينھن کي پڻ ڊيڄاريندا ھئا، پر تنھن هوندي به ھڪ وڏو مسئلو درپيش ھو. انسانن کي اڃان تائين خبر نه ھئي ته باھه ٻارڻ جي ابتدا ڪيئن ڪجي. کنوڻ جو انتظار وڏي اڻ تڻ پيدا ڪندڙ ھو. گھڻا لوڪ سڄو سال ھڪ ئي وڻ جي ڀرسان ان انتظار ۾ ويٺل رھندا ھئا ته کنوڻ ان (وڻ) تي ڪرندي ۽ ان دوران جي ڪو شينھن سندن پويان ڊوڙ پائيندو ھو ته سندن ڀاڄ ڏسڻ وٽان ھوندي ھئي. تنھنڪري کين باھه جي گھڻي ضرورت محسوس ٿي. آخرڪار انسانن ان مسئلي جو حل ڳولي ڪڍيو. ھڪ طريقو ھي ھو ته انھن ھڪ پٿر کي ٻئي پٿر سان گسڪايو ته ان سان باھه پيدا ٿي پئي ۽ ان باھه سان انھن سڪل پنن ۽ ڪاٺين کي ساڙڻ شروع ڪيو. ھڪ ٻيو طريقو اھو ھو ته انھن ھڪ سڪل ڪاٺ کنيو ۽ ان ۾ ھڪ سوراخ ڪيو ۽ ان ۾ سڪل پن وڌا. ان ۾ ڪاٺيءَ جي نوڪ کي وڌو ۽ ڪجھه منٽن جي لاءِ ان کي پنھنجي ھٿن جي ذريعي زور سان گھومائيندا رھيا ۽ اھو سوراخ گرم ٿيندو رھيو ۽ تان جو انھن سڪل پنن مان چڻنگون ٻري اٿيون ۽ باھه جي شروعات ٿي. ھاڻ، جي ڪوبه شينھن ويجھو آيو ٿي ته انھن باھه واري ڪاٺيءَ سان شينھن کي ڀڄائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ٿي. باھه جي استعمال انسان کي منفرد بڻائي ڇڏيو. گھڻو ڪري سڀني جانورن جي سگھه سندن جسم تي مبني ھئي، پر باھه جي مھرباني سان انسانن انھن جانورن جي بي پناھه سگھه کي قابو ڪرڻ شروع ڪيو. ھڪ ھيڻي کان ھيڻو شخص باھه جي ڪاٺيءَ سبب ايترو ته سگھارو ٿي پيو، جو صرف ڪجھه ڪلاڪن جي اندر سڄي ٻيلي کي (ھزارين وڻن کي تباھه ڪندي ۽ ھزارين جانورن کي ماريندي) ساڙي رک ڪري سگھندو ھو. باھه جو سڀ کان وڏو لاڀ اھو ٿيو ته ان سان شينھن ڀڄي ٿي ويا ۽ ان کان علاوه ماڻھن کي گرمائش ۽ روشني ٿي ملي، پر باھه جو سڀ کان وڏو فائدو اھو ٿيو ته قديم انسانن کاڌو پچائڻ شروع ڪيو. باھه کان پھريان ڪچي کاڌي کائڻ ۾ وڏو وقت لڳندو ھو. کاڌي کي ننڍڙن ذرڙن ۾ ورھائي کاڌو ويندو ھو، پر معدي کي (ان)کاڌي کي ھضم ڪرڻ ۾ سخت جفاڪشي ڪرڻي پوندي ھئي. تنھنڪري انسانن کي وڏن ڏندن، وڏي معدي ۽ ڊگھي صبر جي ضرورت پوندي ھئي. کاڌي کي پچائڻ سان کاڌو نرم ٿي پوندو ھو ۽ ٿوري عرصي ۾ ان کي کائي ۽ ھضم ڪري سگھبو ھو. نتيجي ۾ انسان تبديل ٿيڻ شروع ٿيا. انھن کي ھاڻ ننڍا ڏند ۽ ھلڪا معدا ھئا ۽ سندن وقت گھڻو بچڻ لڳو. رڌ پچاءُ جي شروعات باھه سان ٿي. تنھنڪري توھان کي پنھنجي دوست باھه جو شڪرگذار هجڻ کپي. ڪجھه سائنسدانن موجب رڌ پچاءُ جي ڪري ئي انساني ذھن جي اوسر ممڪن ٿي سگھي. رڌ پچاءُ ۽ دماغن جو پاڻ ۾ ڪھڙو واسطو آھي؟ جڏھن انسانن جي سڄي توانائي سندن وڏن ڏندن ۽ وڏن معدن جي مدد سان کاڌي کي چٻاڙڻ ۽ ھضم ڪرڻ ۾ صَرف ٿيڻ لڳي ته ان وقت سندن دماغ لاءِ ڪا به توانائي باقي نه ٿي بچي. تنھنڪري اوائلي انسانن کي وڏا معدا ۽ ننڍا دماغ ھوندا ھئا. جيئن ئي انھن کاڌو پچائڻ شروع ڪيو ته سڀ ڪجھه تبديل ٿي ويو. ھاڻ انسانن کي کاڌي چٻاڙڻ ۽ ھضم ڪرڻ ۾ بلڪل گھٽ توانائي گھربل ھئي ۽ نتيجي ۾ توانائي سندن وڏن دماغن جي پالنا ۾ صَرف ٿيڻ لڳي. انھن جا معدا سسڻ لڳا. انھن جا ذھن بالغ ٿيڻ لڳا. انسان ھاڻ چست، چالاڪ ۽ پرڪشش نظر اچڻ لڳا. بنا ڪنھن وڌاءُ جي، قديم انسان ھاڻ جاذب ۽ جميل نظر اچڻ لڳو. اھو ھاڻ اوزار ٺاھي سگھيو ٿي، باھه ٻاري سگھيو ٿي ۽ ڪڏھن ڪڏھن زيبرا يا جراف جو شڪار ڪري سگھيو ٿي ۽ ھاڻ ھو شينھن ۽ خطرناڪ رڇن کان پنھنجو بچاءُ بھتر طريقي سان ڪري سگھيو ٿي، پر تنھن ھوندي انسان پاڻ به ته جانور ھو. ان اڃان ڌرتيءَ جي گولي تي حڪمرانيءَ جو تاج نه ماڻيو ھو.
انسانن جا مختلف قسم:
اڄ دنيا جي چوڌاري ماڻھو ڀلي مختلف قسم جو ڏيک ڏين ۽ مختلف ٻوليون ڳالھائين، پر اسان حقيقت ۾ سڀ ھڪجھڙا آھيون. توھان چاھي چين يا اٽلي وڃو، گرين لينڊ يا ڏکڻ آفريڪا وڃو، توھان کي ساڳئي قسم جا انسان جتي ڪٿي ملندا. انھن جي وارن ۽ چمڙيءَ جي رنگت ۾ فرق ضرور آھي. چيني، اٽالين، گرين لينڊرس ۽ ڏکڻ آفريڪا جي لوڪن جو مثال اسان جي سامھون آھي، پر چمڙيءَ جي اندران اسان سڀنيءَ کي ساڳيا جسم، ساڳيا دماغ ۽ ساڳيون قوتون آھن. چيني ماڻهو اطالوي ٻولي سکي سگھن ٿا، گرين لينڊ جا رھواسي ڏکڻ آفريڪي ماڻهن جيان فٽبال کيڏي سگھن ٿا ۽ ھر ڪوئي گڏجي خلائي جھاز ٺاھي سگھي ٿو. اھا ڪيڏي نه حيرت ڀري ڳالھه آھي ته زمين تي انسانن جو صرف ”ھڪ قسم“ موجود آھي. سڀني ملڪن ۾ ماڪوڙن، نانگن ۽ رڇن جا مختلف قسم موجود آھن. گرين لينڊ جھڙي برفاني علائقي ۾ برفاني رڇ، ڪئناڊا جي جبلن ۾ ڀورا رڇ، رومانيا جي جھنگن ۾ ناسي رڇ ۽ چين جي بانس جي ٻيلن ۾ پانڊا رڇ موجود آھن. تنھنڪري انھن سڀني علائقن ۾ انسانن جو صرف ھڪ قسم ڇو موجود آھي؟ گھڻي عرصي تائين، اسان جو سيارو اصل ۾ انسانن جي مختلف قسمن جو گھر ھو. دنيا جي مختلف حصن ۾ انسانن جو مختلف جانورن، ٻوٽن ۽ آبھوائن سان واسطو ٿي ٿيو. ڪجھ انسان برف سان ڍڪيل اونچن جبلن تي رھندا ھئا ۽ ڪجھ وري سج جي سخت تپش ۾ سامونڊي ڪنارن سان رھندا ھئا. ڪجھ انسانن ريگستان وسايا ۽ ڪجھ وري سرسبز ميدانن کي آباد ڪيو. جيئن ته انسان ڏھ لک سالن کان به وڌيڪ عرصو مختلف حالتن ھيٺ رھيا، تنھنڪري اھي آھستي آھستي رڇن جيان مختلف بڻجندا ويا. سو اھو ائين ڇو آھي، جو سڀ انسان ساڳئي قسم جا آھن؟ انسان جي ٻين قسمن سان ڇا ٿيو؟ ھڪ خطرناڪ سانحي سبب اھي مارجي ويا ۽ صرف اسان جي قسم جو انسان باقي رھيو. اھو حادثو ڇا ھو؟ اھو ھڪ وڏو راز آھي، جنھن بابت ماڻھو ڳالھائڻ نٿا چاھين. ان بابت ذڪر ڪرڻ کان اڳ اچو ته انسانن جي انهن قسمن بابت ڄاڻڻ چاھيون، جيڪي ڪنھن دور ۾ دنيا جي مختلف حصن ۾ رھندا ھئا.
ننڍن انسانن جو ٻيٽ:
اچو ته پنھنجو خانداني سفر فلورس جي ان ننڍي ٻيٽ کان شروع ڪريون، جيڪو اڄڪلھ انڊونيشيا ۾ آھي. ڏھ لک سال اڳ فلورس جي ٻيٽ جي چوڌاري سامونڊي سطح ھيٺائين ھئي. ھن وقت ڪيتريون ئي جايون، جيڪي پاڻيءَ جي ھيٺان آھن، اھي ڪنھن وقت سڪل زمين جا ٽڪرا ھئا. ڪجھ تجسس پسند انسانن ۽ ھاٿين جھڙا ٻيا جانور اتان پاڻيءَ مان پار پوندي ٻيٽ تي پھتا، پر جڏھن سمنڊ ۾ اڀار آيو ته اھي واپس خشڪيءَ تي نه پھچي سگھيا ۽ ان ٻيٽ ۾ ڦاسي پيا. فلورس ھڪ ننڍڙو ٻيٽ ھو، اتي کين کائڻ لاءِ ڪجھ به ڪونه ھو. وڏا انسان ۽ وڏا ھاٿي، جن کي گھڻي کاڌي جي ضرورت ھئي، اھي سڀني کان پھريان مري ويا. ننڍا انسان توڙي جانور، جن کي ٿوري کاڌي جي ضرورت ھئي، اھي بچي ويا. ننڍي قد جي جوڙين کي ننڍي قد جا ٻار ٿيڻ لڳا. يقينن سڀ ٻار ساڳئي قد بت جا نه ھئا، ڪجھ ننڍا ھئا ته ڪجھ اڃان به ننڍا ھئا. ڇاڪاڻ ته اتي ججھو کاڌو ڪونه ھو، وري به اھي بچي ويا، جيڪي صفا ننڍڙا ھئا ۽ ان طرح فلورس جي ٻيٽ تي انسان توڙي ٻيا جانور نسل در نسل ننڍي کان ننڍا بڻجندا رھيا. جوان فلورسينس جو قد ٽن فٽن ۽ وزن پنجونجاھه پائونڊن کان وڌيڪ نه ھو، پر انھن کي اوزارن جي استعمال جي پرک ھئي ۽ ويندي ننڍن ھاٿين جو شڪار ڪري سگھندا ھئا. جھڙي نموني اھي انسان ۽ ھاٿي آھستي آھستي ننڍا ٿيندا ويا، اھو ارتقا جو مثال آھي. ارتقا نه صرف اھو ٻڌائي ٿي ته فلورس جي ٻيٽن جا ننڍا انسان ۽ ھاٿي ڪٿان کان آيا ھئا، پر سڀني جانورن ۽ ٻوٽن جي ابتدا ڪٿان ٿي. اھا اھو ٻڌائي ٿي ته جرافن کي اھڙيون ڊگھيون ڳچيون ڇو آھن؟ لومڙيون ايتريون دلڪش ۽ چست ڇو آھن؟ ۽ نور نما جانور ايتري بدبوءِ ڇو ڇڏيندا آھن؟ جڏھن جراف وڻن جا پن کائڻ جي ڪوشش ڪندا آھن ته انھن مان ڊگھي ڳچي وارو جراف اونچن پنن تائين پھچي سگھندو آھي. جنھن مادي جراف کي گھڻو کاڌو ملندو آھي، اھا ٻچا به گھڻا ڄڻيندي آھي ۽ سندس ٻچن کي پڻ ڊگھيون ڳچيون ھونديون آھن. جڏھن لومڙيون شڪار جي پويان ڊوڙنديون آھن ته انھن مان چست ۽ چالاڪ گھڻو ڪري شڪار حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب وينديون آھن ۽ تنھنڪري انھن کي گھڻا ٻچا به ٿيندا آھن ۽ انھن جا ٻچا پڻ چست ۽ چالاڪ ٿيندا آھن.
اھو ياد رکڻ ضروري آھي ته ارتقا ڪيترائي نسل ھلي ٿي. نور نما جانور کي بدبودار ٿيڻ ۾ گھڻو عرصو لڳو ۽ ائين ئي فلورس جي ٻيٽ تي انسانن ۽ ھاٿين کي ننڍي ٿيڻ ۾ ھزارين سال لڳا. ارتقا ھڪ رات ۾ نه ٿي آھي، جيئن پريءَ جي ڪھاڻيءَ ۾ ٿيندو آھي، جڏھن ڪو جادوءَ جو عرق پيئندو آھي ته ان وقت ئي ننڍو بڻجي ويندو آھي يا وري شھزادو ڏيڏر ۾ تبديل ٿي ويندو آھي. ھر پيڙھيءَ سان انسان ۽ ھاٿي ٿورا ننڍا ٿيندا رھيا، جيئن ته ڪنھن به ھزارين ورھيه حياتي نه ٿي ماڻي، تنھنڪري ڪنھن کي به اھو محسوس نه ٿي ٿيو ته ڇا ٿي رھيو ھو. حقيقت ۾ ان کي وڏو عرصو لڳو، تنھنڪري ڪنھن به تبديليون محسوس نه ڪيون. اھو زندگيءَ جي وڏن قاعدن مان ھڪ قاعدو آھي: ننڍڙيون تبديليون جن کي ڪير به مشاهدي ۾ نه ٿو آڻي. اھي وقت سان يڪجاءِ ٿي- وڏيون تبديليون بڻجي پون ٿيون. اھا ڳالھه نه صرف ارتقا، پر فطرت جي جي ڪيترين ئي شين سان واسطو رکي ٿي. توھان جيڪڏهن پاڻيءَ جي قطري کي سخت پھاڙ تي ڪرندي ڏسندؤ ته توھان کي ائين لڳندو ته پاڻيءَ کان ته پھاڙ گھڻو ئي مضبوط آھي. پاڻي بنا ڪنھن فرق پيدا ڪرڻ جي ائين ئي پھاڙ تان ھيٺ وھندو رھي ٿو، پر توھان جڏھن ھزارين سالن کانپوءِ واپس ان جاءِ تي ايندا ته توھان ڏسندا ته پاڻي پھاڙ جي اندر ۾ گھرو سوراخ ڪري چڪو ھوندو. ھر واحد قطرو تمام ٿورڙو فرق پيدا ڪري ٿو، پر لکين قطرن کانپوءِ اھو مستقل پاڻي سخت قسم جي پھاڙ کان مضبوط ٿي وڃي ٿو يا توھان سوچيو ته توھان وڏا ڪيئن ٿيو ٿا. جڏھن توھان آئيني ۾ ڏسو ٿا ته توھان کي پنھنجي واڌ ويجھ نظر نه ٿي اچي. توھان ڀلي اتي ھڪ ڪلاڪ تائين بيٺا رھو ۽ ڌيان سان ڏسندا رھو، پر اوھان کي لڳندو نه ته ڪو اوھان ڊگھا ٿي چڪا آھيو يا توھان جا وار ڊگھا ٿي چڪا آھن. توھان جيڪڏهن روز صبح جو آئيني ۾ پاڻ کي ڏسندؤ ته توھان خود کي گھڻو ڪري ڪالھ جيان ڀائيندا، پر ويھن سالن جي اندر توھان بلڪل مختلف نظر ايندا. اھو ائين ڪيئن ٿئي ٿو؟ ڇا ڪو اھڙو خاص ڏينھن مقرر ھوندو آھي، جنھن ڏينھن اوھان جادوئي گوري کائو ٿا، سمھي پؤ ٿا ۽ پاڻ کي اٿندي جوان ڏسو ٿا؟ پر ائين نه آھي. توھان روزانو ٿورو ٿورو تبديل ٿيو ٿا ۽ سالن پڄاڻان اھي ننڍيون ننڍيون تبديليون يڪجاءِ ٿي، توھان کي وڏو ڪن ٿيون! ان طرح ئي اسان وڏا ٿيندا آھيون. ان طرح ئي پاڻي پھاڙ ۾ سوراخ ڪندو آھي ۽ ان طرح ئي فلورس ٻيٽ جا انسان آھستي آھستي ننڍا ٿيندا ويا. ننڍا انسان فلورس جي ٻيٽ تي ڪيترائي سال رھيا، پر حادثي؛ جنھن انسانن جي سڀني قسمن کي ماري ڇڏيو، ھنن کي به بخش نه ڪيو. تنھنڪري، ويجھڙائيءَ ۾ ڪنھن کي به اھا خبر نه ھئي ته ڪو فلورسينس انسان جو به ڪو وجود ھو. فلورس جي ماڻھن گھري جھنگ ۾ ٽولن ۾ رھندڙ ماڻھن بابت ڪھاڻيون ٻڌايون. مقامي رھواسي انھن کي ايبو گوگو چوندا ھئا، جنھن جو مطلب ھو سڀڪجھه کائي چٽ ڪندڙ. ڇاڪاڻ ته اھي ننڍا ماڻھو انھن ڪھاڻين ۾ ھر شيءِ کي کائي ناس ڪري ڇڏيندا ھئا، پر ماڻھن جي اڪثريت انھن ڪھاڻين کي ڏند ڪٿائون سمجھندي گھڻو ڪن ڪونه ڏيندي ھئي ۽ ڪجھ سالن کانپوءِ قديم آثارن جي ماھرن فلورس ٻيٽ جي غارن جي گھرائيءَ تائين کوٽائي ڪئي. قديم آثارن جا ماھر اھي ھوندا آھن، جيڪي ھر قسم جي جڳھين جي کوٽائي ان لاءِ ڪندا آھن ته جيئن گذري ويل ماضي بابت ڪي نشان ڳولهي لهن. فلورس ٻيٽ جي کوٽائيءَ دوران کين دلچسپ شيون مليون. انھن ۾ قديم پٿرن جا اوزار، قيام دوران باھ جي باقيات، ڪجھ ھاٿين جا ھڏا ۽ ڪيترن ئي ننڍڙن انسانن جا ڍانچا شامل ھئا، جيڪي پنجاھ ھزار سالن کان آڳاٽو جا ٻڌايا وڃن ٿا. پھريان قديم آثارن جي ماھرن سوچيو ته شايد اھي ڍانچا ٻارن جا ھئا، پر بعد ۾ خبر پئي ته اھي نوجوانن جا ھئا. تنھنڪري ايبو گوگو شايد ڏند ڪٿا نه ھئا!
***