سائنسدانن پاران بليٽ پروف ڪاٺ تيار
سائنسدانن پاران هڪ اهڙي ڪاٺ کي تيار ڪيو ويو آهي جيڪو عام ڪاٺ کان ڏهه دفعا وڌيڪ مضبوط آهي، هن جي استعمال سان فولاد جو استعمال گهٽ ٿي سگهندو. هن کي ماهرن سپر ووڊ جو نالو ڏنو آهي،هن قسم جي ڪاٺ جي تياري ۾ عام ڪاٺ تي هڪ خاص قسم جو ڪيميڪل لڳائي ان کي گرم ڪيو ويندو آهي. جنهن سبب ڪيميائي بند مضبوط ٿي ويندو آهي. هن ايجاد بابت سائنسدانن جو چوڻ آهي ته اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن هن ڪاٺ سان عمارتون به تيار ڪيون وينديون. ماهرن اهو به چيو آهي ته هن ڪاٺ سان بليٽ پروف لباس ۽ ڪارون تيار ڪري سگهجن ٿيون. ان کان علاوه ان جا ڪيترائي اهم استعمال ٿي سگهن ٿا. هي ڪاٺ يونيورسٽي آف ميري لينڊ جي ماهر ڊاڪٽر ليانگ ينگ هو ۽ ان جي ساٿين پاران ٺاهيو ويو آهي. ڊاڪٽر ليانگ جو چوڻ آهي ته هي ڪاٺ صرف گولين کان محفوظ رکندڙ ئي نه آهي اصل ۾ اسان اهڙو ڪاٺ تيار ڪيو آهي جيڪو لوهه جيترو مضبوط آهي. هن وڌيڪ چيو ته هن قسم جي ڪاٺ کي اڏوهي به کائي نٿي سگهي نه ئي ان کي پاڻي خراب ڪري سگهي ٿو.