بلاگنئون

“تون، مان ۽ بي رحم زمانو” ناول جو جائزو

ماضي قريب ۾ سنڌي ادب اندر ڪيمپس ناولن جو رجحان تمام گھڻو ٿو ڏسجي ۽ ھلندڙ ڏھاڪي ۾ ڊزن کن ڪمپيس ناول سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيا ويا آھي، جنھن کي پڙھندڙن پاران ڀرپور موٽ ملي رھي آھي نون پڙھندڙن جو وڏو انگ ڪيمپس ناولن کي دلچسپيءَ سان پڙھي ۽ پسند ڪري ٿو. اھوئي سبب آھي جو ڪيمپس ناول ھاڻي ادبي دور ۾ ھڪ موضوع سان گڏ ھڪ مڪمل صنف طور سڃاتو وڃي ٿو، جنھن جا فني فڪري لوازمات پڻ پنھنجا پنھنجا آھن، جيتوڻيڪ ڪيمپس ناول جو جنم ادبي دنيا ۾ چارلس پرسي سنو جي 1951 ۾ لکيل ناول “دي ماسٽرز” کان ٿيندي نظر اچي ٿو، جيڪو ادبي دنيا جو پھريون ڪيمپس ناول ھو، پر سنڌي ادب ۾ ڪمپيس ناول جا آثار اسان کي طارق عالم ابڙي جي “رھجي ويل منظر” کانپوءِ نظر اچن ٿا، ايئن کڻي چئجي ته رھجي ويل منظر ڪيمپس ناولن جي پھرين ڪڙي آھي. جنھن جي ڪاميابي کانپوءِ ڪيترائي ناول سامھون آيا جن ۾ زاھد گوتم جو ناول “پٿرن جو شھر”، رافع شيخ جو يونيورسٽيءَ ۾ “گم ٿي ويل خواب“، عدنان سومرو جو “عشق روشني آ“، منير چانڊيو جو ڄامشورو (ٽريالاجي)، پرويز ابڙو “تون ھڪ خواب آھين”، آفتاب بجير جو “ميرانجهڙيون شامون”، اصغر شر جو “عشق کان اڳتي”، آفتاب راھمون جو “آئون ۽ مان”، دريا خان لغاريءَ جو “ھوءَ”  ۽ احسان مھر جو “ڪونج” سميت ٻيا شامل آھن.

جيتوڻيڪ ڪيمپس ناول اھڙي ناول کي چئجي ٿو جنھن ۾ يونيورسٽيءَ يا ڪاليج جي تدريسي عمل، استادن، شاگردن جي روين توڙي اتان جي پوري ماحول سان گڏ رومانوي، سياسي ۽ سماجي پهلوئن جي ترجماني ڪري، سنڌي ادب ۾ لکجندڙ ناول پڻ اھڙن ئي موضوعن تي آڌاريل نظر اچن ٿا. جنھن ۾ ڪھاڻي عام رواجي رھي آھي، پر ڪٿي ڪٿي سياسي ۽ سماجي توڙي فڪري پهلو پڻ نظر اچن ٿا، جيڪي مسلسل ورجاءَ تي پردو رکي ھڪ نواڻ جو احساس پڻ ڏيارين ٿا، جنھن سبب پڙھندڙ کي اھا ڳالھه هڪ نئون احساس محسوس ٿئي ٿو ۽ ان مان ڀرپور لطف وٺن ٿا.

ادب ۾ ڪيمپس ناولن جي مقبوليت جا بنيادي سبب رومانوي ڪهاڻيون آهن. نوجوان نسل محبت، جدائي، خوابن ۽ ناڪامين جي ڪهاڻين کان جلد متاثر ٿئي ٿو. ڪيمپس ناول ۾ پيش ڪيل رومانوي قصا نوجوانن جي ذاتي تجربن سان ملي وڃن ٿا، جنهن سبب اهي ناولن کي پنهنجو عڪس سمجهي پڙهن ٿا. البته ڪڏهن ڪڏهن ليکڪ ناول کي صرف رومانوي ڪهاڻي سمجهي ٿو ۽ فني گهرجن، ڪردار نگاري ۽ پلاٽ جي ترتيب کي نظرانداز ڪري ڇڏي ٿو، جنهن سبب ناول توڙي ڪهاڻيءَ ۾ غير ضروري ورجاءُ ۽ ڪمزوريون پيدا ٿي وڃن ٿيون.

ھن وقت منھنجي ھٿ ۾ نوجوان ليکڪ علي احمد ميمڻ جو ناول “تون مان ۽ بي رحم زمانو” آھي، جيڪو ڪاليج جي پسمنظر ۾ لکيل ھڪ پريم ڪٿا آھي. ھن ناول جي ڪردارن جي ڳالهه ڪجي ته ناول ۾ ٽوٽل ست ڪردار آھن، جنھن ۾ ٻه مرڪزي ۽ پنج ڪردار ثانوي آھن.  پھريون ڪردار علي جو آھي، جيڪو ڪاليج ۾ پڙھندڙ متحرڪ نوجوان شاگرد آھي، ناولن سان پيار ڪندڙ، ملڪ جي سياست ۾ دلچسپي رکندڙ روشن خيال آھي، کيس عشق جي چوٽ لڳي ٿي، جنھن بعد ھن کان لکڻ، پڙھڻ توڙي ڪاليج ۾ ڦڙت ھجڻ جا خيال ختم ٿي وڃن ٿا.  ٻيو ڪردار فرح جو آھي جيڪا علي جي پريميڪا آھي، جنھن سان وين ۾ علي جو پيار ٿي وڃي ٿو. اھڙيءَ طرح ٽيون اھم ڪردار نواز (وين ڊرائيور) جو آھي جيڪو علي ۽ فرح جي پيار جي رڪاوٽ بڻجي ٿو.

ان سان گڏ ڊاڪٽر شازيه، مظفر، حسن، وڪي ۽ ٻيا ڪردار ھن ناول جو حصو بڻجن ٿا. ناول جي ڪھاڻين بابت ڳالهه ڪجي ته ليکڪ پاڻ ئي ڪافي منجھيل نظر اچي ٿو، جيئن ته ناول ڪاليج لائيف تي لکيل آھي، جنھن کي شروعات ۾ پڙھندي اھو محسوس ٿئي پيو ته علي ۽ فرح پنج سالن جي ڊگري ڪري رھيا آھن، پر اچانڪ ناول جي ڪھاڻي جو رخ ئي بدلجندي نظر اچي ٿو. صفحي نمبر 80 تي لکي ٿو ته “فرح جا ميٽرڪ جا امتحان شروع ٿيڻا ھئا” يعني ھوءَ ھن وقت تائين مئٽرڪ ۾ پڙھي رھي ھئي. جنھن کانپوءِ پڙھندڙ جو نه صرف خيال بدلجندي نظر اچي ٿو، پر ھن وٽ مونجھارو به جنم وٺي ٿو ته يونيورسٽي/ڪاليج جا شاگرد اچانڪ اسڪول ڪيئن پھچي ويا. ڇاڪاڻ ته نه رڳو ايترو، پر ان کان علاوه علي کي جنهن نموني سياسي اڳواڻ ۽ شاگرد اڳواڻ طور پيش ڪيو ويو آهي، اهو اسڪول جي زندگيءَ سان مطابقت نٿو رکي. ناول ۾ پيش ڪيل گهڻا واقعا ڪاليج جي ماحول سان واسطو رکن ٿا، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ليکڪ ڪردار، ڊائيلاگ ۽ ڪهاڻيءَ جي ترتيب ۾ مڪمل هم آهنگي پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. ناول جي ڪهاڻيءَ جو وڏو حصو وين جي منظرن تائين محدود آهي. فرح جو وين ۾ چڙهڻ يا نه اچڻ، علي جو انتظار ڪرڻ ۽ ان سان لاڳاپيل جذبات ناول جي وڏي حصي تي حاوي آهن. نتيجي طور ڪاليج لائيف، تدريسي ماحول ۽ شاگردي سرگرميون پسمنظر ۾ هليون وڃن ٿيون. جڏهن ته ڪيمپس ناول ۾ انهن عنصرن کي وڌيڪ اهميت ملڻ گهرجي. ناول جي ٻوليءَ جي ڳالهه ڪجي ته ھن ۾ ليکڪ جي ناول جي ٻولي سادي، سليس ۽ عام فهم آهي، جيڪا نوجوان پڙهندڙن لاءِ موزون آهي. البته جملن ۾ ورجاءُ گهڻو آهي ۽ گاڏڙ يا هائبرڊ ٻوليءَ جو استعمال نمايان نظر اچي ٿو، جنهن ۾ اردو جو اثر واضح آهي. تنھن ھوندي به ٻولي سليس آھي. ناول ۾ منظر نگاري نه ھجڻ برابر آھي جنهن سبب ڪهاڻي بصري اثر کان محروم رهي ٿي. ڇاڪاڻ ته ڪردارن کي گھڻو وين جي سفر ۾ محدود ڪيو ويو آھي. مجموعي طور تي نوجوان ليکڪ پھريون دفعو جيڪا لکڻ جي شروعات ڪئي آھي، تنھن حساب سان تمام سٺي شروعات آھي، پر ناول جي ڪھاڻي ۾ ڪافي ڪمزويون به آھي ته مونجھارا به آھن، اميد ته ايندڙ وقت ۾ ناول لکڻ وقت ضرور ناول جي فن کي نظر ۾ رکي لکندو جيئن ناول جو بنيادي فني پورايون ڪري سگھجن.

***