پاڪستانخاصنيو‍‍ز

آمريڪا جي درخواست تي اسرائيل کان غزه ۾ ٻارڻ جا ٽينڪر موڪلڻ جو فيصلو

اسرائيلي قومي سلامتي جي مشير جو چوڻ آهي ته غزه ۾ ٻارڻ جا ٽينڪر موڪلڻ جو فيصلو آمريڪا جي درخواست تي ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ آهي ته غزه لاءِ ٻارڻ جا ٽينڪر موڪلڻ جي منظوري اقوام متحده جي ادارن جي ضرورت کي نظر ۾ رکندي ڪئي وئي. هن چيو ته غزه لاءِ هڪ ڏينهن جي حساب سان 2 ٽينڪر موڪلڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته مغوين جي وڏي انگ جي رهائي تائين عارضي جنگبندي تي راضي نه آهيون.