خاصدنيانئوننيو‍‍ز

ڪائناتي وسعت ۾ نوان سياره ڳولڻ واري نئين خلائي دوربين مدار جي حوالي

 

يورپي خلائي ايجنسي هڪ جديد ترين دور بين مدار ۾ موڪلي آهي جيڪا اسان جي نظام شمسي کان پري ٻين سيارن يا زمينن جهڙين دنيائن جي تلاش ڪندي، جن کي ايگزو پلانيٽ سڏجي ٿو. هن دوربين جو نالو “ڪيئر ڪيٽرائزنگ ايڪسو پلانيٽ سيٽلائيٽ” رکيو ويو آهي. جنهن جو مخفف CHEOPS آهي زمين کان ان جو مدار 710 ڪلو ميٽر جي بلندي تي آهي جيڪو 2019 ۾ ٻين سيارن کي تلاش ڪرڻ واري نوبيل انعام يافته سائنسدان ديديئر ڪيولوز مطابق خلا ۾ هڪ بهترين مقام به آهي. سندس چوڻ آهي ته هن وقت هو زمين کان پري خلا ۾ چار هزار اهڙا سياره دريافت ڪري چڪا آهن، جيڪي ٻين ستارن جي چوڌاري گهمن ٿا. خلائي دوربين کي روسي سويوز راڪيٽ ذريعي خلا ۾ موڪليو ويو هو ۽ هاڻي دوربين مدار ۾ پهچي چڪي آهي. سائنسدانن جو مڃڻ آهي ته ڪائنات ۾ جيترا ستاره آهن بلڪل اوتريون ئي ڪهڪشائون موجود ٿي سگهن ٿيون، انهن جو انگ لڳ ڀڳ هڪ سئو ارب ٿي سگهي ٿو.