مون کي ۽ عدليه کي بدنام ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي: چيف جسٽس

چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي اعزاز ۾ فل ڪورٽ ريفرنس ڏنو ويو، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن، وائيس چيئرمين پاڪستان بار ڪائونسل ۽ سپريم ڪورٽ بار جو صدر شريڪ ٿيا. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ موڪل تي هئڻ ۽ اٽارني جنرل انور منصور خان ٻاهرين ملڪ هجڻ جي ڪري شريڪ ٿي نه سگهيا. چيف جسٽس پاڪستان آصف سعيد کوسا خطاب ڪندي چيو ته گذريل ڏينهن خصوصي عدالت جي پرويز مشرف سنگين غداري ڪيس جي تفصيلي فيصلي کانپوءِ منهنجي ۽ عدليه جي خلاف توهين آميز مهم هلائي وئي، ايڊيشنل اٽارني جنرل به الزام لڳايو ته مون صحافين سان ملاقات ۾ مشرف جي خلاف فيصلي جي حمايت ڪئي. مشرف ڪيس تي منهنجي اثر انداز هئڻ متعلق ڳالهه توهين آميز آهي. مون کي ۽ عدليه کي بدنام ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. آصف سعيد کوسا چيو ته سچ هميشه زنده رهندو آهي، مون تي لڳل الزام بي بنياد ۽ غلط آهي. اسان کي پنهنجي حدن جو علم آهي، چيف جسٽس پنهنجي خطاب ۾ فيض احمد فيض جي نظم جا ڪجهه شعر پڙهيا، جنهن تي هال ۾ ويٺل ماڻهن جوش سان تاڙيون وڄايون.
