خاص

سنڌ حڪومت پلازما ٽيڪنيڪ سان ڪورونا جو علاج ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

اين آءِ بي ڊي ڪراچي ۾ رت جي بيمارين جي ماھر ڊاڪٽر طاھر شمسي چيو آھي ته سنڌ حڪومت پلازما ٽيڪنيڪ سان ڪورونا جي مريضن جو علاج ڪرڻ جي اجازت ڏني آھي، پلازما ٽيڪنيڪ سان علاج چئني صوبن ۾ ٿيندو، ھن چيو ته مريضن جي علاج لاءِ سمورين حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪنداسين. پلازما ٽيڪنيڪ سان مريضن کي آءِ سي يو ۽ وينٽيليٽر جي ضرورت نه پوندي. علاج لاءِ ڪورونا وائرس مان صحتياب ماڻھن جو پلازما ورتو ويندو. پلازما ٽيڪنيڪ ڪورونا جي علاج ۾ وڏي اڳڀرائي آھي. ڪورونا صحتياب مريض ھر ٻن ھفتن کان پوءِ پلازما عطيو ڪري سگھندا. مريض جو 25 ڪلو کان گھٽ وزن آھي ته ھڪ پلازما ٻن ماڻھن کي لڳي سگھندو. وفاق، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ان حوالي سان ھن ھفتي فيصلو ڪري وٺندا. جڏھن ته سنڌ ۽ پنجاب پلازما ٽيڪنيڪ سان علاج لاءِ آن بورڊ آھن