باھ انسان جي ابتدائي ايجادن مان هڪ آهي جيڪا انسان جي ترقيءَ جي علامت رهي آهي، پر جڏهن اها قابو کان ٻاهر ٿي وڃي ٿي ته اها زندگي ۽ فطرت لاءِ هڪ تباھ ڪندڙ قوت بڻجي ٿي. ڪيليفورنيا جي شھر لاس اينجلس ۾ لڳندڙ باھ جو منظر نامو اسان کي نه رڳو فطرت جي بغاوت، پر انسان جي پنهنجي ايجادن جي انحصار تي سوچڻ لاءِ مجبور ڪري ٿو.
لاس اينجلس جي جهنگلن ۾ لڳندڙ باھ جيڪا 7 ڏينهن گذرڻ باوجود وسامي نه سگهي آهي، اسان کي فطرت جي ان بي قابو قوت جي ياد ڏياريندي آهي جنهن تي انسان پنهنجو قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي. هيستائين هيءَ بي قابو باهه 24 زندگيون ڳڙڪائي چڪي آهي. 16 وجود لاپتا آهن ۽ لاس اينجلس جي سيني تي پکڙيل اها باھ انسان جي بي وسيءَ جي تصوير پيش ڪري رهي آهي.
پر ڇا انسان مڪمل بيوس آهي؟ ڇا هن جا هٿ خالي آهن؟ ان سوال جو جواب اسان کي ان گلابي پائوڊر ۾ملي ٿو جيڪو باھ وسائڻ جي ڪوشش جو هڪ علامتي اوزار آهي Phos-Chek نه رڳو هڪ ڪيميائي مادو آهي، پر اهو انسان جي شعور، حڪمت ۽ فطرت سان سندس تعلق جو اظهار پڻ آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب گهرن، گهٽين ۽ گاڏين تي گلابي رنگ جو پائوڊر ڇٽيل نظر اچي رهيو آهي جيڪو Phos-Chek آهي. هي پائوڊر انسان جي ان شعوري جدوجهد جو حصو آهي جيڪو باھ جي تباهيءَ کي روڪڻ لاءِ ڪيو وڃي ٿو. ان جا گلابي رنگ نه رڳو هڪ ڪيميائي حقيقت آهن، پر اهي انسان جي اميد، محبت ۽ زندگيءَ جي بقا جا رنگ پڻ آهن.
گلابي رنگ نرم مزاجي، احساس ۽ زندگيءَ جي خواهش جي علامت آهي. جڏهن اهو رنگ جهنگلات جي ڇت تي ڇٽجي ٿو ته اهو تباهيءَ جي باھ کي روڪڻ لاءِ انساني جدوجهد جو پيغام ڏئي ٿو. اهو انسانيت جي ان خواهش کي ظاهر ڪري ٿو ته زندگيءَ جي روشني کي باھ جي چمڪدار چڻنگن کان بچايو وڃي. Phos-Chek هڪ ياد ڏياريندڙ آهي ته فطرت جي طاقت انسان جي قابليت کان وڏي آهي، پر انسان جي حڪمت ان کي قابو ۾ آڻي سگهي ٿي. جڏهن اختيارين هزارين گيلن گلابي پائوڊر استعمال ڪري اهم شين کي ڍڪي ڇڏين ٿيون ته اهو انسان جي ان شعور جي عڪاسي آهي ته نقصان کان اڳ روڪٿام ئي اصل دانشمندي آهي.
پر اهو پڻ اسان کي اهو سبق ڏئي ٿو ته فطرت سان جنگ ڪرڻ بدران، اسان کي ان سان توازن پيدا ڪرڻو پوندو. باھ جيڪا هزارين سالن کان انسان جي دوست رهي آهي، جيڪا دشمن بڻجي وئي آهي. ان جو سبب شايد اسان جو بي قابو طرزِ زندگي ۽ ماحول سان ٿيندڙ ظلم آهي.
Phos-Chekاسان کي اهو ٻڌائي ٿو ته انسان جي ايجادن جو مقصد رڳو ترقي نه بلڪه بقا ۽ تحفظ آهي. هي پائوڊر پاڻيءَ کان وڌيڪ ڪنهن به سطح تي رهي سگهي ٿو، پر ان جو اثر ان تي آهي ته ان کي صحيح طريقي سان استعمال ڪيو وڃي. اهو انسان جي ان ڪوشش جو عڪس آهي جيڪو فطرت کي قابو ڪرڻ بدران ان سان گڏجي زندگيءَ کي بهتر بڻائڻ لاءِ آهي.
لاس اينجلس جي جهنگلن ۾ لڳندڙ باھ انسان کي ان جي محدوديت جو احساس ڏياري ٿي، پر ساڳئي وقت Phos-Chek انسان جي بي پناھ قابليت جو هڪ روشن مثال آهي. اهو انسان ۽ فطرت جي وچ ۾ هڪ نئون عزم آهي جنهن ۾ تباهيءَ جي باھ کي زندگيءَ جي اميد ۾ بدلائڻ جو تصور سمايل آهي.
هي گلابي پائوڊر نه رڳو هڪ ڪيميائي مادو آهي، پر اهو انسان جي پنهنجي بقا لاءِ ڪيل ڪوششن، ان جي حڪمت ۽ ان جي فطرت سان نون رشتن جو عڪس آهي. ان جي ذريعي اسان سکون ٿا ته تباهي کي روڪڻ لاءِ محبت، اميد ۽ شعور جا رنگ ڪافي آهن جيڪي گلابي پائوڊر جي صورت ۾ فطرت تي ڇٽجي رهيا آهن.