رات جا اٺ ٿيا هئا ۽ لائبريري ۾ صرف ٻه ئي ماڻهو رهجي ويا هئا. ملهار، جيڪو پنهنجي ليپ ٽاپ تي هڪ نئين نظريي تي ڪم ڪري رهيو هو ۽ ميگها جيڪا هڪ پراڻي ڪتاب ۾ غرق هئي. ٻنهي جون ميوزن هڪ ٻئي جي آمهون سامهون هيون، پر انهن ۾ ڪابه گفتگو نه ٿي رهي هئي.
ملهار پنهنجي ڪم ۾ ايترو محو هو جو لائبريري ۾ لڳندڙ گهڙيال جي آواز کي به محسوس نه ڪري سگهيو. ميگها هڪ ڀيرو نظر کڻي ڏٺو ۽ سوچيو: “هِي نوجوان ڪنهن ڳوڙهي مسئلي ۾ قيد لڳي ٿو.”
ملهار ٿڪجي پنهنجو سِر ميز تي رکيو ۽ بي دلي سان آهه ڀري. ميگها پنهنجو ڪتاب بند ڪري، آهستي پڇيو:
“ڇا مان مدد ڪري سگهان ٿي؟”
ملهار حيران ٿي ڏٺو. “مون کي نٿو لڳي ته ڪو منهنجي مسئلي کي سمجهي سگهندو. آئون وقت ۽ شعور جي لاڳاپي تي ڪم ڪري رهيو آهيان. ڇا وقت حقيقي آهي؟ يا اهو صرف اسان جي ذهن جو تخيل آهي؟”
ميگها مُرڪندي وراڻيو: “اهو سوال نه رڳو سائنسدان پڇندا آهن، پر فلسفي به هزارين سالن کان ان تي بحث ڪندا رهيا آهن.”
ملهار حيران ٿي پڇيو: “ڇا توهان به ان بابت ڪجهه ڄاڻو ٿا؟”
ميگها مُرڪيندي چيو: “ها، پر منهنجو طريقو مختلف آهي. آئون شعور کي جذبات، يادگيرين ۽ تخيل جي روشني ۾ ڏسان ٿي. منهنجي نظر ۾ وقت حقيقت آهي، پر اسان ان کي رڳو پنهنجي جذبات ذريعي سمجهون ٿا.”
ميگها سنجيده ٿي وئي. “وقت هڪ وهڪرو آهي، پر جذبات ان وهڪري ۾ ڇوليون پيدا ڪندا آهن. اسان وقت کي رڳو ان ڪري محسوس ڪندا آهيون، ڇو ته اسان وٽ يادگيريون آهن.”
رات جو، ٻنهي جي وچ ۾ هڪ ڊگهو بحث هليو. ملهار پنهنجي سائنسي حساب ڪتاب پيش ڪيو، جڏهن ته ميگها انساني تجربن جا مثال ڏنا. هنن وقت ۽ شعور جي سمورن پهلوئن تي ڳالهايو. ملهار سمجهي ويو ته سندس تحقيق ۾ انساني جذبات ۽ تجربن کي شامل ڪرڻ ضروري آهي، جڏهن ته ميگها کي اهو احساس ٿيو ته جذبات کانسواءِ سائنس به اڌوري آهي.
هڪ مهيني بعد، ملهار پنهنجو تحقيق مڪمل ڪري هڪ نظريو پيش ڪيو، جنهن ۾ وقت کي انساني شعور سان ڳنڍيو ويو. ان نظريي کي “جذباتي وقت” جو نالو ڏنو ويو. جڏهن ته ميگها ان تي هڪ مضمون لکيو، جنهن جو عنوان هو: “شعور جي روشني ۾ وقت جي حقيقت.”
ٻئي پنهنجي پنهنجي ميدان ۾ اڳتي وڌي ويا، پر انهن جو بحث سندن زندگي جو محور بڻجي ويو. وقت جي فطرت ۽ شعور جي روشني ۾، ٻنهي کي اهو سبق مليو ته سائنس ۽ ادب ٻنهي کي گڏجي حقيقت جا راز کولڻا آهن.