درجا حرارت ۾ تبديلي سان بجلي پيدا ڪندڙ مشين تيار

هن عمل کي پائرو افيڪٽ چيو وڃي ٿو جنهن ذريعي ڏينهن ۽ رات جو گرمي جي گهٽ وڌ ٿيڻ سان بجلي ٺاهڻ ممڪن ٿي ويو آهي. آمريڪا ۾ ميسا چيوسيٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي ايم آءِ ٽي جي ماهرن هڪ اهڙي مشين تيار ڪئي آهي جنهن جي مدد سان بجلي ٺاهي سگهجي ٿي هن مشين جو نالو ٿرمل ريزونيٽر رکيو ويو آهي، هن مشين اندر جيئن ئي حرارت گرم سطح کان ٿڌي سطح تي ويندي آهي ته ان سان چارج ۾ فرق اچي ويندو آهي ان فرق سان وري اتي وولٽيج ۾ به فرق اچي ويندو آهي، جنهن بعد بجلي تيار ٿيڻ لڳندي آهي. ماهرن پاران هن کان اڳ ۾ تجربن دوران کاڌي پچائڻ وارن ٿانون ۾ ٿرمو اليڪٽرڪ اثرات ڏٺا ويا آهن. ماهرن اهو به چيو آهي ته هن طريقي سان فيڪٽرين ۽ ملن اندر ضايع ٿيندڙ حرارت سان به بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. پر ان تي اڃان وڌيڪ ڪم ڪرڻو پوندو. هي ايجاد ڪندڙ هڪ ماهر مائيڪل اسٽرينو چيو ته اسان هڪ مڪمل نظام تي ڪم ڪيو آهي. پهريون ٿرمل ريزونيٽر هڪ ميز تي رکيل هئڻ تي به بجلي پيدا ڪندو رهيو ڇاڪاڻ ته اسان مسلسل حرارت ۾ تبديلي مان گذرندا رهيا آهيون. جڏهن ته اڃان تائين توانائي جي هن ذريعي کي استعمال ۾ نه آندو ويو آهي. مائيڪل چيو ته ٿرمل ريزونيٽر ۾ اصل شيءِ هڪ فوم آهي جنهن کي ٽامي ۽ جست مان ٺاهيو ويو آهي ۽ ان ۾ هڪ طرح جي فيز بدلائڻ واري کنئور لڳائي وئي آهي، جنهن کي اوڪٽا ڊيڪين جو نالو ڏنو ويو آهي. اها کنئور گرمي پد گهٽ وڌ ٿيڻ تي ڪڏهن سخت ۽ ڪڏهن نرم ٿي ويندي آهي. ان فوم واري مڪسچر تي گرافين جي هڪ تهه لڳائي وئي آهي جيڪا ان مان هڪ بهتر ڪنڊيڪٽر ٺاهي ٿي هن جي خاص ڳالهه اها آهي ته هڪ طرف ته اهو ماحول حرارت جزب ڪندو آهي ته ٻئي طرف اهو ان حرارت کي ٻاهر خارج ڪندو آهي. هن عمل جي مسلسل ٿيڻ سان بجلي پيدا ٿيندي آهي. هن طريقي سان بجلي جي تمام گهٽ مقدار ۾ ئي پيدا ٿي رهي آهي، جيڪا هن وقت 1.3 ملي واٽ آهي، هي مقدار آهي ته تمام گهٽ پر في الحال اها تجرباتي پيداوار آهي ان کي اڳتي وڌائي به سگهجي ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published.