نئون

ڊونلڊ ٽرمپ پاران نيٽو ملڪن کي دفاعي بجيٽ ٻيڻو ڪرڻ جي اپيل

بيجليم جي شهر برسلز ۾ نيٽو جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ نيٽو جي ملڪن کي اپيل ڪئي ته سڀ نيٽو جا اتحادي ملڪ پنهنجو دفاعي بجيٽ ٻيڻو ڪن جيڪو تقريبن انهن جي بجيٽ جو 4 سيڪڙو آهي. جڏهن ته نيٽو اتحادي ملڪ ان ڳالهه تي راضي نه ٿيا.

اجلاس جي ٻئين ڏينهن ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته اتحادي ملڪ بجيٽ کي وڌائڻ تي راضي ٿي ويا آهن. جڏهن ته اتحادي ملڪن اهو اعلان ڪيو ته 2024ع تائين اهي پنهنجي بجيٽ جو صرف 2 سيڪڙو ئي مقرر ڪري سگهندا. اجلاس دوران ڊونلڊ ٽرمپ جرمني تي تنقيد ڪندي چيو ته جرمني روس جي پيٽرول تي انحصار ڪندو آهي، جنهن جي جواب ۾ جرمني جي چانسلر اينجلا مرڪل چيو ته جرمني پنهنجي سياسي فيصلن ۾ خود مختيار آهي. ٻئي طرف نيٽو جي اجلاس ٻاهران برسلز ۾ نيٽو جي خلاف احتجاج ڪيا ويا جنهن ۾ چيو ويو ته نيٽو انسانيت خلاف ڪارروايون ڪندو ٿو رهي.