پاڪستاننيو‍‍ز

مريم نواز کي مسلم ليگ (ن) پنجاب جي صدارت ملڻ جو امڪان

مسلم ليگ جو نئون صدر چونڊڻ لاءِ پارٽي جو مرڪزي اجلاس سڀاڻي طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ وقتي صدر مقرر ڪيو ويندو جنهن کانپوءِ اليڪشن ڪرائي ويندي جنهن ۾ شهباز شريف کي باقائده صدر چونڊرايو ويندو. ذريعن موجب شهباز شريف جي مرڪز ۾ صدر جو عهدو خالي ٿي ويندو جنهن کي ڀرڻ لاءِ مشاورت شروع ڪئي وئي آهي. امڪان آهي ته مريم نواز کي مسلم ليگ (ن) پنجاب جو صدر بڻايو ويندو.