دل جي دوري جي اڳواٽ معلومات ڏيندڙ گوگل اسڪينر
گوگل پاران اکين ۾ موجود رڳن کي ڏسندي دل جي مرضن کان خبردار ڪرڻ وارو نظام بڻايو ويو آهي. گوگل هيٺ ڪم ڪندڙ هڪ ڪمپني ايلفا بيٽ جي سائنسدان پاران هڪ تحقيقي مقالو شايع ڪرايو ويو آهي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هڪ اسڪينر ۽ مصنوعي ذهانت (آرٽيفيشل انٽيليجنس) يا (اي. آءِ) جي مدد سان ڪنهن شخص کي دل جي دوري پوڻ جي خطري جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ان جو تفصيلي بيان هڪ رسالي نيچر بايو ميڊيڪل ۾ شايع ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اک جي رڳن کي اسڪين ڪري تجزيو ڪري دل جي ڪيفيت معلوم ڪري سگهجي ٿي. گوگل جي هڪ شعبي لائف سائنسز جي ماهرن هڪ الگورٿم بڻايو آهي جيڪو ڪنهن به انسان جي دل جي ڪيفيت ۽ صحت کي ڪنهن ٽيسٽ کان بغير معلومات فراهم ڪري سگهي ٿو. اسڪيننگ بعد الگورٿم جي، (اي. آءِ) نظام اڍائي لک مريضن جي ڊيٽابيس کي چيڪ ڪري ٻڌايو آهي ته ڪو شخص مريض آهي يا نه اهو پهريون دفعو دل جي ڪيفيت سان معلوم ڪري سگهجي ٿو.