بلاگنئون

ايڇ آر سي پي پاران ايڪٽ 1997ع جي مخالفت ڇو؟

تازو دهشتگرديءَ بابت گڏيل قومن جي نئين رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پاڪستان اندر دهشتگردي جو خطرو وڌي ويو آهي. رپورٽ موجب پاڪستان کي افغانستان ۾ پناهه وٺندڙ فتنا الخوارج (ٽي ٽي پي) ۽ ٻين ويڙهاڪن کان خطرو آهي، جڏهن ته فتنا الخوارج (ٽي ٽي پي) پاڪستان ۾ پنهنجا حملا به تيز ڪري ڇڏيا آهن. گڏيل قومن جي رپورٽ ۾ طالبان، القائده سان فتنا الخوارج (ٽي ٽي پي) جو سهڪار وڌڻ جو خدشو به ظاهر ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب هندستان ۽ افغانستان پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪري رهيا آهن، جنهن جون پڪيون شاهديون موجود آهن ته ٽي ٽي پي پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ افغان ڌرتي استعمال ڪري رهي آهي، پاڪستان دهشتگرديءَ جي جواب ۾ افغانستان ۾ دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهن خلاف ڪارروائي ڪئي دهشتگردن ۽ سندن مددگارن کي چٿڻ تائين هو هر حد تائين ويندا. پاڪستان پنهنجا فوجي اڏا نه ڪنهن کي ڏنا آهن نه ئي ڏيندو، فوج جي پهرين ترجيح ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته بشام ۾ چيني انجنيئرن تي آپگهاتي حملي جون ڪڙيون به سرحد پار سان ملن ٿيون، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪري رهيو آهي، ڀارتي ايجنسيون پاڪستان ۾ ٻن شهرين کي قتل ڪيو. پاڪستان دهشتگردي جو نيٽورڪ ختم ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندو، ڀارتي فوج ايل او سي تي معصوم شهرين کي نشانو بڻائي ٿي، ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو آهي. جڏهن ته هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) اينٽي ٽيررازم ايڪٽ 1997 ۾ تجويز ڪيل ترميم جي مخالفت ڪندي ملڪ ۾ انساني حقن ۽ جمهوريت کي درپيش خطرن تي فوري ڌيان ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

HRCP جي جنرل باڊي جو 38 هون سالياني جنرل اجلاس منعقد ٿيو ۽ اجلاس جي پڄاڻي تي انساني حقن جي بگڙيل صورتحال ۽ جمهوريت کي درپيش خطرن تي فوري توجهه ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته حڪومت دهشتگردي ايڪٽ 1997ع ۾ تجويز ڪيل ترميم جي سخت مخالفت ڪري ٿي. هڪ بيان ۾ ايڇ آر سي پي چيو ته رياست کي قانون جي حڪمراني کي برقرار رکڻ گهرجي. عورتن، ٻارن ۽ خاص طور خواجه سرائن تي تشدد گهٽائڻ، مزدورن جي حقن جي تحفظ، صحت ۽ تعليم جا حق ڏيڻ تي ڌيان هئڻ گهرجي، پر رياست جمهوري اصولن ۽ عوام جي بنيادي حقن بدران پاڻ تي توجهه ڏيڻ کي ترجيح ڏنو آهي. ايڇ آر سي پي چيو ته سمورين سياسي پارٽين کان مطالبو آهي ته سولين بالادستي ۽ وفاقي نظام جي تحفظ تي اتفاق راءِ پيدا ڪن. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت ٽريڊ يونين کي مضبوط ڪرڻ تي ڌيان ڏئي ۽ باوقار معيار جي زندگي لاءِ گهربل اجرت کي مقرر ڪرڻ تي سنجيدگي سان غور ڪري. ايڇ آر سي پي جو اهو به خيال آهي ته صحت ۽ تعليم جي فراهمي رياست جو اولين فرض آهي، شاگرد يونينون بحال ڪيون وڃن ۽ جيل ۾ قيد مهاڻن، بي وطن ماڻهن ۽ غربت سبب وڌندڙ خودڪشين تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. ڪميشن جو خيال آهي ته ماحولياتي صورتحال هن وقت ملڪ جي وجود لاءِ خطرو بڻجي وئي آهي، جنهن ۾ خطرناڪ فضائي گدلاڻ پنجاب ۾ صحت لاءِ سنگين خطرا پيدا ڪري رهي آهي ۽ پاڻي جي کوٽ سبب خاص ڪري لاڙ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ سنگين مسئلا آهن. گرين پاڪستان انيشيئيٽو تحت سنڌو درياءَ تي واهه ٺاهڻ تي ننڍن آبادگارن ۽ هارين اعتراض اٿاريا آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايڇ آر سي پي گلگت بلتستان لينڊ ريفارمز بل 2024 جي سخت مخالفت ڪري ٿي، جنهن ۾ ”ترقياتي سڌارن“ جي نالي تي ماڻهن کان ذاتي، اجتماعي ۽ اباڻيون زمينون کسي قبضا ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو پيو وڃي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته HRCP مختصر مدي لاءِ جبري گمشدگين جي وڌندڙ استعمال جي مذمت ڪري ٿي، خاص طور تي سياسي مخالفن جي خلاف استعمال ڪرڻ جي مذمت ڪري ٿي ۽ مطالبو ڪري ٿي ته انڪوائري ڪميشن آف انڪوائري آن انفورسڊ ڊسپيئرنس جي سربراهه کي سندس نااهلي لاءِ برطرف ڪيو وڃي. ايڇ آر سي پي کي ان ڳالهه جو به خدشو آهي ته ان جي چيئرمين کي پوليس پڇا ڳاڇا لاءِ حراست ۾ ورتو آهي ۽ ڪميشن جي ميمبرن خلاف 4 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، اهي سڀ انساني حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ سبب آهن. ايڇ آر سي پي جو چوڻ هو ته انساني حقن لاءِ سرگرم ڪارڪن ادريس خٽڪ جي نظربنديءَ تي خاص ڌيان ڏيڻ چاهين ٿا، جيڪو فوجي عدالت ۾ 5 سالن کان ڪوڙن الزامن ۾ قيد آهي، کيس فوري ۽ غير مشروط آزاد ڪيو وڃي.